جرمن چانسلر کي به غزه ۾ اسپتال تي حملي ڊيڄاري ڇڏيو
جرمن چانسلر اولاف شولز به غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملن جون تصويرون ڏسي دهشت زده ٿي ويو. ان حوالي سان هن بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اسپتال تي حملي جون تصويرون ڏسي خوف زده ٿي ويو آهيان. سندس چوڻ آهي ته غزه ۾ اسپتال تي حملي ۾ بيگناهه شهري ماريا ويا آهن ۽ زخمي ٿيا آهن، ان حملي جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ضروري آهي. ان کان اڳ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو هو ته غزه جي اسپتال تي حملي سبب سوين فلسطينين جي مرڻ کان دهشت زده آهيان. غير ملڪي ميڊيا مطابق غزه تي اسرائيلي حملو 12هين ڏينهن به جاري آهي. فلسطيني ميڊيا مطابق اسرائيلي فوج اڄ هوائي ۽ سامونڊي حملن سان غزه پٽيءَ تي حملا ڪيا ۽ بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 وڌيڪ فلسطيني اجل جو شڪار ٿي ويا.

