بلاگنئون مارئي سِڪ ۽ سَت جو مثال February 7, 2024 Zahida Abro شاھ صاحب جو سمورو رسالو ۽ ان جو ھر ھڪ سُر دنيا ۽ آخرت جي ڪنهن نه ڪنهن فِڪر سان واقفيت ڪرائي ٿو. شاھ جي شاعريءَ جو انداز ظاھري عوامي آھي، پر ان ۾ ڳالھ باطني سمايل آھي. ھر سُر جو ھر ھڪ بيت الڳ درس ڏئي ٿو، سڀني سُرن جي پنهنجي خاصيت ۽ پنهنجو فِڪر آھي، اھڙي طرح سُر مارئي جو فِڪر سڀني کان نرالو آھي. ھن سُر ۾ شاھ صاحب پنهنجي وطن سان محبت ۽ اڪير (حُب الوَطني)، پنهنجي مِٽ مائٽن سان سچائي ۽ پنهنجي لَڄَ سنڀالڻ ۽ ڪنهن جابِر آڏو نه جھڪڻ ۽ دنيا جي ھر لالچ کي ٺُڪرائي پنهنجي عزت ۽ نفس کي ترجيح ڏيڻ جو درس ڏنو آھي. جيئن ھن بيت ۾ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته: سون برابر سڳڙا، ماروءَ سَندا مون، پٽولا پھنوار کي، عمر آڇ مَ تون، وَر لويِئي جِي لُون، ڏاڏاڻن ڏِنيام جا. شاھ صاحب اھو به درس ڏئي ٿو، ته غريب جي وڏي ۾ وڏي ملڪيت ان جي عزت ھوندي آھي ۽ انهن کي پنھنجا ڪکاوان جھوپڙا به محل ۽ ماڙين مثل لڳندا آھن. دنيا جي ڪا به لالچ ۽ لوڀ انهن کي خريد نٿي ڪري سگھي ۽ انھن جي ايمان کي ڪمزور نٿي ڪري سگھي، جيئن ھن بيت ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته: اِي نه مارن ريت، جِي سَيڻ مٽائن سونَ تي، اچي اَمَرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانَ ڪُريت، پکن جي پريت، ماڙي سين نه مٽيان. اڄڪلھ انسان دنيا جي ڪاروھنوار ۾ ايترو ته مشغول ٿي چڪو آھي، جو ھن وٽ پنهنجن سان ويھي رُوح رِھاڻ ڪرڻ جو وقت به نه رھيو آھي. دنيا ۽ دولت جي ڌٻڻ ۾ ايترو ته ھيٺ لھي چڪو آھي، جو ھو پاڻ کي ان مان آجو نٿو ڪري سگهي، پر ائين کڻي چئجي ته شايد پاڻ کي آجو ڪرڻ چاھي ئي نٿو. ان ڪري ھن جي دل ۾ نه پنهنجن لاءِ حُب ۽ سِڪ رھي آھي، نه ئي وري پنهنجي ديس لاءِ محبت رھي آھي. صرف حِرص ۽ حَوس، لالچ ۽ لوڀ جو ڀوت سندس دل ۽ دماغ تي سوار آھي، تنھنڪري مارئي جي مثال ۾ شاھ صاحب اسان کي اھو ٻڌائڻ چاھي ٿو، ته دنيا سان گڏوگڏ انسان کي پنھنجائپ واري اک به رکڻ گھرجي. جيئن ھن بيت ۾ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته: آئون ڪِنءَ ڇڏيان، سومرا! تن پھنوارن پچار، جَڙ جنين جي جان ۾، لڳي رِءَ لُھار، ميخون محبت سنديون، ھِيَڙي منجھ ھزار، پکا ۽ پھنوار، ڏٺي مون ڏيھ ٿيا. شاھ صاحب ھن سموري سُر ۾ جيڪي به بيت چيا آھن، انھن مان پنهنجي ديس سان محبت جي خوشبوءِ، پنهنجي ديس جي مٽيءَ سان اظھار محبت، پنهنجن عزيزن قريبن سان قربت جي انتھا پسجي ٿي. جيئن ھن بيت ۾ فرمائي ٿو ته: وِينديس وطن سامُھين، ملير منھنجو ماڳ، ڏُٿ چُنڊينديس ڏيھ ۾، ساڻ سرتين ساڳ، نه مون سيون سڀاڳ، جي ويجھي ٿيان وَرَ کي. ٻيئي ھنڌ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته پنهنجي وطن کان دوري، پنهنجن کان جدائيءَ جو ڏک اندر ۾ اھڙا وَڍَ ۽ جھير وجھي ڇڏيندو آھي، جيڪي پنهنجن سان ملڻ کانسواءِ نه ڀرجي سگھندا آھن، اھڙو جيءُ جھوري ڇڏيندو آھي، جو ٻين پاران آڇيل خوشيون به ڏکن کان وڌيڪ دکدائڪ محسوس ٿينديون آھن. دل زارو قطار روئڻ لڳندي آھي، روح جھنجھوڙجي ويندو آھي، من کي مونجھ ٿيندي آھي، ڪا خوشي ڀانءِ نه پوندي آھي، اونداھي ته ٺھيو روشني مان به خوف محسوس ٿيندو آھي، نڪي نيڻن کي ٺار نڪي قلب کي سڪون ھوندو آھي، دل ھر وقت درد جا قصيده پيئي پڙھندي آھي. جيئن شاھ صاحب ھن بيت ۾ فرمائي ٿو ته: واجهائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساھ؛ بُتُ منھنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاھ؛ پَرَڏيھياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھ؛ ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاھ؛ جي پويون ٿِئي پَساھ، تہ نِجانءِ مَڙھ مَلِيرَ ڏي. ٻين سُرن ۾ شاھ صاحب شخصي ۽ انفرادي محبت ۽ سِڪ جو اظھار ڪندي ھر ھڪ سورميءَ جي تعريف سان گڏ ڪِن تي ته سندن غفلت ۽ غلطين تي تنقيد پڻ ڪئي آھي، پر سُر مارئي ۾ شخصي محبت سان گڏ وطن ۽ ويڙھيچن لاءِ محبت جي اھڃاڻ طور مارئيءَ جو ڪردار پيش ڪيو آھي. جھڙيءَ ريت سِڪ ۽ سَت، لوئي ۽ لَڄَ جي حفاظت مارئيءَ ڪئي آھي، اھڙو پيغام ھر عورت ۽ ڪمزور فردن ۽ قومن لاءِ آھي. *** Post Views: 393