امرتا پريتم جي ڪتاب جو جائزو ”ايڪ ٿي سارا“
”ايڪ ٿي سارا“ ڪتاب پنجابي ٻوليءَ جي نامياري شاعرہ، ناول نگار، مضمون نگار ۽ ڪھاڻيڪاره امرتا پريتم، سارا شگفته جي زندگيءَ جي داستان تي لکيو آھي. ھي ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.
شاعريءَ جي دنيا ۾ چند ئي جديد، غير معمولي ۽ ترقي پسند شاعر ھجن ٿا، جيڪي پنھنجي خون مان قلم ٻوڙي اھڙي شاعري سرجن ٿا، جيڪا بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ جو ڪم ڏي ٿي ۽ ان جمود کي ٽوڙي، تحرڪ پيدا ڪري ٿي ۽ سماج جي نا انصافي، استحصال، جبر ڏاڍ تي قلم وسيلي اظھارجي ٿي. ڪيترائي بنيادي سوال زير بحث آڻي ٿي. انھن ئي ڪجھ عظيم شاعرن مان جديد ترقي پسند فڪر سان سلهاڙيل شاعره سارا شگفته جو نانءُ به نمايان آھي، جنھن مخصوص عرصي ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪي انوکا تجربا ڪري، سماج جي انھن ٽيبوز کي چئلينج ڪيو. جن تي ڳالھائڻ، سوال ڪرڻ ۽ لکڻ تي صدين کان بندش پيل آھي ۽ پنھنجا شاھڪار نظم ڏنا.
سارا شگفته 13 آڪٽوبر 1954ع اڱاري جي ڏھاڙي گوجرانواله جي هڪ غريب ۽ اڻ پڙھيل گھراڻي ۾ اکيون کوليون جتي ھن جي آجيان گلن نه پر ڪنڊن ڪئي.
سارا شگفته پنھنجي زندگيءَ جي مختلف موڙن تي پدري نظام جي اوڻاين، مشڪلاتن، ڏکيائين، نا انصافين، زيادتين، پلصراط جھڙن منظرن ۽ دوزخ جھڙي باھ ۾ ساڙيا ويندڙ انساني زنده جسم، جيڪي ھڪ عورت ھجڻ جي صورت ۾ ھن کي ڀوڳڻا پيا، هوءَ اهو سڀ ڪجهه پنهنجن خطن جي ذريعي وقت بوقت امرتا پريتم سان ونڊيندي رھندي ھئي. سندس موڪليل خطن کي گڏ ڪري امرتا پريتم ”ايڪ ٿي سارا“ ”سارا شگفته ڪا زندگي نامہ“ جي عنوان سان خطن کي ڪتابي صورت ڏئي، فڪشن ھائوس پبليڪيشن اداري پاران شايع ڪرايو. سارا شگفته جي خطن کي ننڍن ننڍن ڀاڱن ۾ ورھائي مختلف موضوع ڏنا ويا ۽ ھي ڪتاب 176 صفحن تي مشتمل آھي.
ڪتاب جي عنوان مان واضح آھي ته ھن ۾ ھڪ عورت شاعره سارا شگفته جي زندگيءَ کي بيان ڪيو ويو آھي ۽ جنھن بيان ڪيو آھي، سا پڻ ھڪ عورت ھجڻ سان گڏوگڏ برصغير جي مقبوليت ماڻيندڙ وڏي شاعره پڻ آھي. چوڻ جو مقصد ته ھڪ عورت جيڪا خود عورت ھجڻ جي ڏوھ ۾ پدر شاھي نظام پاران جبر جي مختلف صورتن کي منھن ڏئي ٿي ۽ ان جبر جي چڪيءَ ۾ پيسجندي رھي ٿي ته اھا ئي پاڻ جھڙي عورت جي درد کي سمجھي به سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته مرض ڪھڙو به ھجي ان جي پنھنجي الڳ علامت ھوندي آھي ۽ ان جي پنھنجي الڳ شناخت ھوندي آھي، پر درد، سور، اذيت ئي اھڙي شيءِ آھي، جنھن جي ھڪڙي شناخت آھي. سارا ڪير ھئي؟ سارا شگفته کان هڪ شاعره تائينءَ جو سفر ھن ڪيئن طئي ڪيو؟ اھڙن سوالن جي جوابن جي ڪڙي آھي ھي ڪتاب. سارا جي زندگيءَ کي پڙھڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته اھو ھڪ سارا جو نه پر صدين کان ھزارين انھن عورتن جو درد ڀريو داستان آھي، جن ھزارين عورتن کي ڪاريون ڪري ڪٺو ويو، جن جا سرد جسم سماج جي غليظ ڪفن کانسواءِ دفنايا ويا، انھن لکين عورتن جي درد ڪٿا آھي، جن کي ڏائڻيون قرار ڏيئي زنده باهه ۾ ساڙيو ويو، صرف ھڪ عورت ھجڻ جي ڏوھ ۾.
اسان جي سماج جي 52 سيڪڙو آبادي عورتن تي مشتمل آھي جن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ۽ کين سندن بنيادي ۽ جمھوري حقن کان محروم ڪيو ويو آھي. سارا جهڙيون اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي سارائون آھن. جيڪي سارا جيان ئي کيڏڻ واري عمر ۾ پرڻايون وڃن ٿيون.
سماج جي مدي خارج، فرسوده روايتن جي ڪري قربان ڪيون وڃن ٿيون. ڪيترين ئي زندگين جو ڏيئو روشن ٿيڻ کان اڳ اجھايو وڃي ٿو. ڪڏھن غيرت جي نالي تي ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون ته ڪڏھن تعليم جھڙي بنيادي ۽ جمھوري حق کان محروم ڪيون وڃن ٿيون ته ڪڏھن مذھب جي نالي تي ذبح ڪيون وڃن ٿيون ته وري ڪڏھن سوال ڪرڻ، انڪار ڪرڻ ۽ لکڻ جي ڏوھ ۾ قتل ڪيون وڃن ٿيون.
سارا شگفته جي زندگي ڇڻي ويل پنن جھڙي ھئي، ھونئن ته سال ۾ چار موسمون ھونديون آھن، پر ھن جي زندگي جي موسم صرف ھڪڙي خزان جي چوڌاري ڦري پئي. اک کوليندي ئي گھر ۾ ماءُ تي پنھنجي پيءُ پاران جبر کي ننڍڙي ذھن سٺو ۽ ھن جي ماءُ جي ھوندي سندس والد پاران ٻي شادي ڪرڻ وارو عمل، ننڍپڻ کان ماءُ سان ناانصافي ۽ زيادتي ٿيندي جڏھن ڪچڙو ذھن ان سڄي صورتحال کي ڏسي ٿو ته ان جي نفسيات تي اھي واقعا ڏاڍو گھرو اثر ڇڏين ٿا. ايئن ئي ھڪ ڏينھن نائين درجي ۾ پڙھڻ جي دوران 14 سالن جي عمر ۾ سارا جي شادي ڄڻ ھڪ خواب ھو ۽ جڏھن ھوءَ جاڳ ۾ اچي ٿي ته اھو خواب ٽٽي پئي ٿو ۽ ھوءَ پنھنجي دامن ۾ ٽٽل ستارا ڏسي ٿي.
جنھن تي سندس شعر آھي ته:
میں نے سوئی آنکھ کے ثواب سے آنکھ کولی،
تو گھونگھٹ میں ٹوٹے ہوئے چاند دیکھے۔
پڙھائيءَ جي شوق جي ڪري پنھنجي گھر واري جون زيادتيون ۽ سختيون برداشت ڪري ٿي، پر پنھنجي پڙھڻ واري چاھ جو ڳلو نٿي ڌٻائڻ چاھي ۽ فاقا به ڪڍي ٿي، پڙھي به ٿي گھر کي به سنڀالي ٿي ته ٻارن جو خيال پڻ رکي ٿي. ڏھين درجي ۾ ايندي هوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي. ھڪ عورت پدر شاھي جبر کي منھن ڏئي ٿي، جيڪو گھر ۾ مڙس جي صورت ۾ موجود آھي ۽ سرمائيداري نظام پاران ان ٻٽي استحصال کي ڀوڳي ٿي، عورت ھجڻ جي ناتي گھر، ٻارن کي سنڀالڻ سان گڏوگڏ گھر جو پورھيو ڪرڻ وارو سوال جنھن کي بين الاقوامي طور ڪڏھن پورھئي جي حيثيت طور تسليم ئي ڪونه ٿو ڪيو وڃي.
پدر شاھي نظام ۾ عورت جي حيثيت ڪنھن بي جان رانديڪي جيان ھوندي آھي، جنھن کي ان لاءِ سينگاريو ويندو آھي ته جيئن پنھنجي مرضيءَ تحت ٻيھر اجاڙيو به وڃي. ھتي عورت جو وجود، عورت جي انسان ھجڻ ناتي سندس حق ھر روز ضبط ڪيا ويندا آھن.
ھي سماج عورت کي انسان طور نه پر، ھڪ جنس طور ڏسي ٿو اھڙي جنس جيڪا صرف سيڪس جو ذريعو ھجي باقي ان جو پنھنجي وجود واري سوال، سماج جي سياسي، سماجي ثقافتي ۽ معاشي حالتن سان ڄڻ ته ڪو تعلق ئي ڪونھي.
ان کي سماج کان ڪٽيو وڃي ٿو سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو ۽ لاتعلق ڪيو وڃي ٿو. ايئن سارا جي اندر جا پکي آزاد اڏام ڀرڻ لاءِ تڙپندا رھيا، پر ھر روز جيان صليب تي لٽڪي خودڪشي ڪندا رھيا. ھڪ دفعي گھر ۾ ئي سندس ڀاڻج گھمڻ اچي ٿي ۽ سارا جي گھر واري پاران ھن جي ڀاڻج سان زبردستي ڪرڻ وارو ڪڌو عمل ھن بيمار مرداڻي نظام کي وائکو ڪري ٿو، جيڪو عورت تي پنھنجي مردانگي ظاھر ڪندو آھي ۽ پنھنجي حوس ۽ بک ختم ڪرڻ لاءِ عورت کي استعمال ڪرڻ چاھيندو آھي. ان وقت سارا کي ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو، پر جيڪو استحصال ھن تي روز جي بنياد تي ٿيندو رھيو. جنھن اذيت مان هوءَ ھر روز ھوءَ گذرندي رھي. اھڙي اذيت ۾ پاڻ جھڙين عورتن کي مبتلا ٿيندي ڏسڻ ھرگز نه پئي چاھيو. ان وقت پنھنجي سال جي ڌيءَ کڻي ھن پنھنجي ور جي ويجھو آڻي اھي جملا چيا ته ”ھمبستري ڪرڻي اٿئي ته پنھنجي ڌيءَ سان ڪر ٻين جون زندگيون برباد نه ڪر“ ۽ اتي طلاق جا ٽي لفظ ھن جي سيني کي ايئن چيري زخمي ڪري وجھن ٿا. جيئن گوليون لڳڻ سان سينو ذرا ذرا ٿي پوندو آھي. ور کي آئينو ڏيکارڻ جي ڏوھ ۾ سارا کي طلاق ملي. اسان جي سماج ۾ ھڪ عام عورت جي حيثيت ڇا آھي؟ ان کي سمجھڻ لاءِ ھر روز جا واقعا اسان اڳيان آھن ته اتي وري ھڪ طلاق شده عورت جي حيثيت ته ويتر پسمانده آھي. سماج طلاق شده عورت جو جيئڻ جنجال بڻائڻ لاءِ ھن تي طرح طرح جي طعنن، مھڻن، الزامن جا تير وسائي ٿو. باوجود ان جي ھوءَ پڙھڻ نٿي ڇڏي ۽ سماج پاران مليل زھر کي قلم ۾ اوتي ڪاغذن تي نقش ڪرڻ لڳي ٿي. ايئن ئي سندس ٻي شادي ھڪ شاعر سان ٿئي ٿي جيڪا صرف ھڪ خام خيالي ۽ شڪ جي بنياد سبب طلاق جو کاڄ ٿي وڃي ٿي. اھو شڪ جيڪو مڙس کان علاوه اڻڄاڻائي ۽ کل ڀوڳ ۾ ڪنھن ٻئي مرد جي تعريف ڪرڻ تي مٿس ڪيو وڃي ٿو ۽ نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ٽين شادي به شاعر سان ئي ٿيس ٿي. جيڪو ھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مرڻ جي ڌمڪين تائين لھي اچي ٿو ۽ جڏھن سارا کي حاصل ڪري وٺي ٿو يا جڏھن سارا ھن جي ذاتي ملڪيت بڻجي وڃي ٿي ته ھن تي ور پاران جبر ٻيڻ تي وڌي وڃي ٿو. نيٺ ان جو به نتيجو طلاق ٿئي ٿو ۽ بعد ۾ ماءُ جي بيمار رھڻ، زور ڀرڻ ۽ پاڙيوارن جي طنز ۽ طعنن، الزامن کان بيزار ٿي ماءُ ڇوٿين شادي ڪرائڻ لڳيس ٿي. جيڪا سارا پنھنجو ھوش و حواس ۾ ھوندي نه ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ ته ٽين شادين جي ناڪامي، جسماني ۽ ذھني تششد سبب ھوءَ بيمار رھڻ لڳي. چوٿين شادي ھڪ جاگيردار سان ٿئيس ٿي، جيڪو ڏينھن رات اقتصادي طور پاڻ کي بالاتر ھجڻ جو ۽ سارا کي ڪمتر ھجڻ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو ۽ شادي جي نالي تي ھر روز ”زنا بالجبر“ جھڙي جرم مان گذرندي آھي. جڏھن ھوءَ مڪمل طور اھو سمجھي وٺندي آھي ته عورت جو ڪنھن جي زال ھجڻ جو مقصد ان جي ملڪيت ھجڻ آھي ته پوءِ ان تعلق مان آزاد ٿي اڪيلي رھڻ لڳندي آھي. ايئن پوري سنڌ ۾ ڏسجي ته نڪاح ٿيڻ دوران جيڪي ورن پاران عورتن سان ھر روز زنا بالجبر وارو عذاب آھي، ان کي ريپ جي دائري ۾ شمار ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آھي، پر ان کي ريپ تسليم ئي ڪونه ٿو ڪيو وڃي. صرف ان ڪري ته نڪاح يا شادي جو ٺپو لڳل آھي. آخر ۾ اڪيلي ئي رھجي وڃي ٿي. عورت جو پنھنجو ڪو گھر ئي نه آھي جنھن کي پنھنجو گھر يا پنھنجو وطن چئي سگھي. ڇاڪاڻ ته طلاق شده ھجڻ ۽ ٻيو ھڪ شاعره ھجڻ سارا جو ٻٽو ڏوھ ھو جنھن ڪري ھن کي گھران بي دخل ڪيو وڃي ٿو. مختلف ھنڌن تان حراسان ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سارا جڏھن اھو سمجھي ورتو ته ھن پدر شاھي نظام ۾ شادي ڄڻ ٻنھي انسانن ۾ ھڪ معاھدو ھوندو آھي، جنھن ۾ ھڪ آقا ته ٻيو غلام، ھڪ بالاتر تي ٻيو ڪمتر، ھڪڙو ظالم ته ٻيو مظلوم ھوندو آھي ۽ اھڙي طرح عورت مرد جي ذاتي ملڪيت قرار ڏني ويندي آھي. جنھن تي مرد جو حق ھوندو آھي ته جيئن چاھي تيئن سلوڪ ڪري ايتري حد تائين جو گھرواري جي انڪار ڪرڻ باوجود ھمبستري ڪري وڃي. جيڪو سڌو سنئون ريپ آھي. سارا به پنھنجي زندگيءَ ۾ انسان جي روپ ۾ بگھڙ ڏٺا، جيڪي گلن جي خوشبوءِ کي پنھنجي قيد ۾ رکڻ سکي سگھيا آھن. سماج جي فرسوده سوچن ھن جو ساھ کڻڻ تنگ ڪري ڇڏيو. پدر شاھي نظام عورت کي ڌڪ ھڻڻ لاءِ، ھن جي حيثيت کي ڪيرائڻ لاءِ، سڀ کان پھرين وار ان جي ڪردار تي ڪندو آھي ۽ سارا سان به ايئن ٿيو ھن کي پاڳل خاني تائين پھچايو ويو. جتي به مريضن جو علاج ڪرڻ بجاءِ عورتن کي حراسان ڪيو ويندو آهي، ھر اداري ۾ ڏسجي ته عورت ڪٿي به محفوظ نه آھي ۽ ھر ھنڌ اھڙا بگھڙ موجود آھن. جيڪي پنھنجي بک کي مٽائڻ جي تاڙ ۾ ويٺا ھوندا آھن ۽ ڪيتريون ئي معصوم زندگيون انھن جي حوس جو نشانو بڻجنديون رھن ٿيون. اھو صرف ۽ صرف عورت ھجڻ جي ڏوھ ۾ عورت سان جبر ۽ استحصال ٿئي ٿو. جنھن جو اظهار سارا شگفته هن ريت ڪيو آھي:
“میرا سب سے بڑا گناھ یے ہے کہ میں عورت ہوں، جب ان کے ساتھ قہقہہ نہیں لگاتی۔۔۔۔ وہ میرے خلاف ہوجاتے ہیں۔”
اسان جي سماج ۾ عزت جو بار به مرد عورتن تي وجھي، پاڻ ذميوارين کان آجا ٿي ويندا آھن ۽ ڏھاڙي، عورت ماءُ، ڀيڻ، زال جي روپ ۾ استحصال جو شڪار ٿيندي رھي ٿي. سارا شگفته جي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ بعد سندس شخصيت ۾ جيڪا خوبي نظر آئي، اھا هيءَ ته عورت لاءِ ھي سماج رھڻ لائق ته ھونئن به نه آھي، پر ھوءَ خاموش رھڻ بجاءِ وڙھندي به رھي، مزاحمت به ڪندي رھي ۽ پنھنجي شاعري ذريعي اھڙن موضوعن تي کلي لکندي رهي. جن تي عام طور ڳالھائڻ تي سماج ۾ بندش پيل آھي، جيئن سيڪس، سياست ۽ مذھب. ھوءَ پنھنجي قلم وسيلي قلمبند به ڪندي رھي ۽ ماڻھن کي سماج جي حقيقي تصوير ڏيکاريندي به رھي. سارا شگفته کان ٻار کسيا ويا، بي گھر ڪيو ويو نام نهاد شاعرن، اديبن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ڪردار ڪشي ڪئي وئي اخبارن جي زينت بڻائي وئي، پر پوءِ به ھوءَ اڪيلي وڙھندي رھي، نيٺ 4 جون 1984ع تي ڪراچي ۾ ريل ھيٺان اچي پنھنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏي ٿي. ھن جي اھا خودڪشي نه پر قتل چئبو جنھن جو ذميوار مرداڻو سماج آھي. جنھن ۾ عورت جي جسم کانسواءِ سندس ٻيو ڪو وطن ئي نه آھي. جنھن تي خود سارا جا ڪيترائي نظم، سوال ۽ سماج تي نقطهءِ چيني ۽ تنقيد ٿيل آھي. اصل ۾ عورت جو جھيڙو صرف پدري نظام سان نه آھي، پر جاگيرداري، سرمائيداري نظام سان پڻ آھي ۽ اھو ئي سبب طبقاتي نظام، جبر ۽ استحصال جي پيداوار آھي. ان ئي نظام مرد ۽ عورت جي حياتياتي فرقن کي سماجياتي فرقن ۾ تقسيم ڪيو آھي ۽ مرد عورت لاءِ فرق پيدا ڪري انھن ۾ جھيڙو پيدا ڪري پاڻ پنھنجا مفاد پورا ڪري رھيو آھي. اسان کي ھن نظام کي پاڙان پٽڻو پوندو ۽ اھڙو نظام جوڙڻو پوندو جنھن ۾ ڪوبه رشتو معاھدي جي بنياد تي نه پر پيار جي بنياد تي جوڙيو وڃي جيڪو غير طبقاتي، غير استحصالي نظام ھجي. جنھن ۾ ھر دفعي بي گناھ سارا جھڙيون نياڻيون زندگين جو انت نه آڻينديون رھن بلڪه زندگيءَ کي ڀرپور جيئڻ جو حق حاصل ڪري سگهن. ھي ڪتاب پنھنجي خوبصورت اسلوب، ٻولي جي حوالي سان بھترين ڪتابن مان ھڪ آھي ۽ ھڪ ليکڪه جو مقصد پنھنجي لکڻين ذريعي سماج ۾ بيداري آڻڻ ھوندو آھي ۽ سماج ۾ موجود مرضن کان نه صرف واقف ڪرائڻو ھوندو آھي، پر ان سان گڏوگڏ سماج ۾ موجود مرض، جيڪي سماج کي اڏوھي جيان کائي رھيا آھن. انھن جي خاتمي لاءِ پڻ سوال اٿاريا ويندا آھن. ھي ڪتاب آھي ته نثري صنف تي آڌاريل، پر شاعراڻي طرز ۾ لکيل آھي. امرتا پريتم پنھنجو ھي ڪتاب لکي نه صرف سارا سان انصاف ڪيو آھي، پر سارا جي درد ڀري داستان کي پنھنجي خوبصورت لفظن، تشبيھن ۾ ايئن پيش ڪيو آھي ڄڻ ھر پڙھندڙ کي سارا جي مرڪزي ڪردار ۾ پنھنجو ڪردار نظر ايندو هجي ۽ سماج جي حقيقتن کي وائکو پڻ ڪيو اٿائين. ھن ڪتاب ثابت ڪيو آھي ته سارا شگفته ڪيتري پختي شاعرہ رھي آھي. سارا جي موت سندس زندگي ۽ شاعري کي بحث ھيٺ آندو ۽ شاعريءَ کي ھڪ الڳ موڙ ڏنو. سارا شگفته جي شاعريءَ کي امرتا پريتم نه صرف داد ڏنو آھي، پر شاعري جي مجموعن جي ڇپائي وارو ڪم پاڻ کنيو ۽ امرتا پريتم ئي آھي، جنھن سارا جي زندگيءَ جي سچي تصوير کي عوام اڳيان آڻي ھن جي شخصيت ۽ ڪردار تي لڳل داغن کي صاف ڪيو آھي.
***


