خاص

ڪاوڙ ۽ نفرت گهٽائڻ گهرجي، بنا شرط جي عمران جو هر مطالبو مڃڻ لاءِ تيار آهيون: ڪائرا

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پر شرط نه هجڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڪاوڙ ۽ نفرت گهٽائڻ گهرجي، خان صاحب جي عيادت ڪرڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ چيو ته جيتري سيڪيورٽي عمران خان کي ڏني وئي آهي ايتري ٻين اڳوڻن وزيراعظمن کي ناهي ڏني وئي. هن چيو ته عمران خان تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، ان واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سمورا شڪ ختم ۽ حقيقتون سامهون آنديون وڃن. قمر زمان چيو ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار پڪڙيو ويو آهي، حملي آور ٿڏي تي گرفتار ٿي ويو، وڏي نقصان کان بچي وياسين. هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، اسان تڏهن به صبر جو مظاهرو ڪيو، جن جو هن واقعي سان ڪو واسطو ئي ناهي انهن مٿان به الزام لڳايا پيا وڃن.