بلاگ

منزلون محتاج سماج جون

وائو! ھائو بيوٽيفل دي ويدر ٽوڊي،

ھاھاھا

وات تي ھٿ رکي ھو ٽھڪن ۾ ٻٽجي وئي، ڪاريڊور ڏانھن ويندڙ ڏاڪن تي بيگ رکي، زورائتا ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ڇا ٿيو، جوس پي اسٽرا وات ۾ جھلي شھريار روبوٽ وانگر منھن ٺاھي زرين ڏانھن ڏٺو. زرين جيڪا اڳئي ٽھڪن ۾ ٻٽي پئي ھئي، مٿان شھريار جو منھن ڏسي وڌيڪ کلڻ لڳي، اسٽرا کي پٽ تي اڇلائي، شھريار ڀر ۾ اچي ويٺس، روئڻ جھڙو منھن ڪري کائنس عجب مان نھارڻ لڳو، تون ڇو چپ آھين….؟

زرين کلڻ تي ڪنٽرول ڪري پڇيس، مون کي ٻڌاءِ تون مون تي کلين ڇو پئي….؟ شھريار گهنگريالن وارن کي هٿ سان درست ڪري ٽينشن مان چيو،

اڙي يار….! توکي انگلش گھٽ ٿي اچي ته نه ڳالھائي، ھا ھا ھا اھو چئي زرين ٻيھر ٽھڪن جي آواز جو سر وڌائي ورتو،

آئون ڳوٺاڻو آھيان، تڏھن ٿي ٽوڪون ھڻي پئي نه، شھريار سيريس ٿي اٿڻ جي ڪئي،

ٻڌ ته….! زرين جي سڏ سندس ويندڙ وکون جھلي ورتيون، مون مذاق پئي ڪئي يار،

اھڙي مذاق،…؟ اچ ويھ،

نه ڪون ويھندس، تون شھر جي آھين، توکي آئون گھٽ ئي لڳندس، ڇو ته مون کي شھري ڇوڪرن جھڙا ناز ڪرڻ ڪونه ٿا اچن، شھريار جو چھرو ڪڻڪ رنگو، پر ڪشش سان ڀريل، اکيون گول وڏيون ھلڪي ڏاڙھي، مناسب قد ۽ گهاٽا گهنگريالا وار، سندس شخصيت ڪٿان به ڳوٺاڻي ڪونه پئي لڳي، پر ھو زرين ڏانھن ڏسي الائي ڇو پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو ھو، زرين رنگ ۾ ڀوري، يوشيپ ۾ ڪٽيل وار، سنھي، نفيس ۽ بي حد ماڊرن ھئڻ سان گڏوگڏ هڪ آزاد خيال گھراڻي جي هيڪلي ڌيءَ امير زادي ھئي. جڏھن ته شھريار سرڪاري پرائمري ماستر جو پٽ، ڳوٺاڻو ۽ دقيانوسي سوچ رکندڙ خاندان جو ھو. اھا سوچ شھريار کي اندر ۾ جھورڻ لڳي، پر ھو مجبور ٿي ويو ھو، ڇو ته ھاڻ ھن جي دل ۾ زرين سان محبت جو گهگهو وڄي چڪو ھو، زرين به ساڻس محبت جي رنگ ۾ رڱجي وئي ھئي، ھاڻ شھريار وٽ محبت ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به رستو ڪونه بچيو هئو، اچ ويھ مون مذاق پي ڪيو يار قسم سان، زرين جي ايلاز واري لھجي کيس گھڙيءَ ۾ ميڻ ڪري ورتو، ۽ ھڪ دم مُرڪي پيو، نيڻن ۾ پيار جا نوان سپنا جاڳائي ھو زرين ڏانھن چاھ مان ڏسندو اچي ڀر ۾ ويٺس، اوچتو باليووڊ جي ايڪشن مووي جيان ھوا جا تيز جھونڪا لڳا، سامھون يونيورسٽي جي لان جا سڀئي وڻ خوشي مان جھومي پيا،

ساوا پن ھوا ۾ وکرڻ لڳا. ھيڏانھن زرين، ۽ شھريار جي پريت جا ارمان جاڳي پيا، زرين جا کليل ريشمي وار سندس چھري تي ترڪڻ لڳا ۽ شھريار جا نيڻ سندس چھري جي گرفت ۾ قيد ٿيندا ويا، زرين لان کان نظرون ھٽائي شھريار ڏانھن ڏٺو، جيڪو کيس پيار ڀري انداز ۾ ڏسي رھيو ھو، ڪنن پويان وارن جون چڳون ڪري زرين ٻانھن ۾ پاتل واچ کي ڏٺو، شھريار پنھنجي ھٿ کي ھوريان سيريندي زرين جي ھٿ جي مٿان رکيو، گھڙي کن لاءِ ھو ٻئي پنھنجي محبت جي جھان ۾ گم ٿي ويا، ھڪ اھڙي دنيا ۾ سندن وکون وڌڻ لڳيون جتي، سندن محبت ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪانه ھئي. جتي سندن خوابن تي حڪمراني جا وارث شھريار جا مائٽ نه پر ھي ٻئي پاڻ ھئا، زرين…..! سندس ھٿ کي جهليو، شھريار نماڻائيءَ ۾ چيو…. تون مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه؟. لڙڪ سندس اکين ۾ تري آيا ھئا. ھرگز نه ڇڏيندس. زرين پنھنجي ھٿ کي شھريار جي ھٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو، ۽ کيس گهوري ڏسي چيائين، ھي ساٿ مرڻ تائين قائم ھوندو. پر جي منھنجا گھر وارا اسان جي رشتي تي راضي نه ٿيا….؟ شھريار جي اکين مان لڙڪ ڳلن تي لھي آيا، سندس چپ خشڪ ٿي ويا، آر يو ميڊ…..! ھڪ دم ھٿ ڇڏائي، زرين ڪاوڙ مان ڏسي چيو، ٽشو سان اکين کي ڍڪي شھريار خاموش ٿي ويو ۽ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. شھريار کي خاموش ڏسي، زرين بي صبري مان سندس ٻانھن کي جھولاريو جواب ڏي مون کي…..! يار تون واقف آھين منھنجي گھر وارن جي سوچن کان، آئون تنھنجي باري ۾ کين ڪيئن ٻڌايان…؟ بي وس ٿي پيو آھيان. What…? ته تون مون سان ٻن سالن کان ٽائيم پاس پيو ڪرين….! زرين ڪاوڙجي منھن ڦيري ورتو، شھريار پنھنجو ھٿ سندس ھٿ جي مٿان رکي ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويو، آسمان ۾ اڏامندڙ پکين جي ٽولن جي آواز تي ڇرڪ ڀري آڪاش ڏانھن ڏٺائين، ھي پکي به اسان يونيورسٽي جي شاگردن جيان پرديسي ھوندا آھن، زرين سندس ڳالھ تي پکين ڏانھن ڏٺو جيڪي ڪاريڊور جي ڇت تان اڏامندا ڪينٽين جي پاسي وريا ھئا، اسين سڀئي شاگرد الڳ شھرن، صوبن ۽ قبيلن جا ھوندا آھيون، پھرين ڏينھن ته ڪنھن کي به انجام جي ڄاڻ نه ھوندي آھي،

جي ڪنھن به محبت ڪندڙ کي انجام خبر پئجي وڃي ته ھو انھي واٽ تي هلي ئي نه،

ڇا مطلب…؟ زرين ڪنڌ ورائي شھريار ڏانھن سوالي انداز ۾ ڏسي چيو. سڀني جون محبتون اڌوريون ته ڪونه رھبيون آھن، ۽ نه ئي وري سڀني جا مائٽ تنھنجي مائٽن جيان تنگ ذھن.

ھڪ ٿڌو ساھ ڀري، شھريار ڪجھ سوچڻ لڳو! مڃان ٿو ته ھن يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪيتريون محبتون منزلون ماڻي ويٺيون ھونديون، پر ڪجھ اسان جھڙا اڌورا قصه ھميشه لاءِ ھن يونيورسٽي جي ڀتن ۾ پورجي ويا ھوندا. تون مڃي ويٺو آھين ته پنھنجي محبت ناڪام آھي…؟ زرين کيس سوال ۾ منجھايو، دل جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اميد اٿم. ھا ته پوءِ خوف ڇڏ ۽ پنھنجي وڏي ڀاءَ سان منھنجي ڳالھ ڪر، منھنجي گھر وارن وٽ ھر روز الائي ڪيترا رشتا پيا اچن، پر آئون تنھنجي آسري کين ٽاري ويٺي آھيان، ھا….! سوچان پيو سڀاڻ ڀائو سان ڳالھ ڪريان، متان ھو بابا کي مڃرائي، منھنجي سامھون ڳالھائيجان، زرين بيگ مان پاڻي جي بوتل ڪڍندي چيو. حاضر !جيئن توھان جو حڪم. شھريار مزاحيه انداز ۾ چيو. زرين اھو ٻڌي مرڪي پئي، اچ ته ھلون ڪلاس شروع ٿيڻ وارو ھوندو، پوءِ خبر اٿئي نه سر منور جا ليڪچر. ”ھاھاھا….!“ شھريار ٽھڪ ڏيندي اٿيو، زرين سن گلاسز لڳائي وارن کي ٺاھڻ لڳي، ٻئي ڳالھيون ڪندا، ڪلاس ڏانھن ويا،

ٻي ڏينھن ڪلاس کان پوءِ ٻئي ساڳئي جاءِ تي اچي ويٺا، معمول مطابق زرين خوشگوار موڊ ۾ ٽھڪن جون ڀريون کڻي آئي، ۽ شھريار اداس نيڻ ۽ پريشان چھرو کڻي سوچن ۾ ٻڏل ھو، ٻانھن تي ڌڪ ھڻي زرين چيو، تون ڇو اجڙيل چمن لڳو پيو آھين….؟ گھري سوچ مان ڇرڪي چيائين اڙي نه نه چري….! مسنوئي مرڪ لبن تي آڻي ھن ڳالھ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ موسم ڪيڏي نه پياري آھي، باغ جا گل به مھڪي پيا آھن، جيئن ھنن ۾ پريت جو نئون نينھن اڀريو ھجي. ناسي نيڻ چمڪڻ لڳا ھئس، جڏھن اس جي روشني سندس نيڻن کي ڇُهڻ لڳي ھئي، زرين جا نيڻ بيحد خوبصورت ھئا، جن کي اوچتو ڏسي شھريار سڀ غم وساري ويٺو ھو، ڇا ٿيو….؟ ڇو خاموش ٿي وئين….. تنھنجا فلاسيفڪل لفظ ڇو اٽڪي پيا….؟ زرين کيس اوچتو ماٺ ڪندي ڏسي پڇيو. سڀئي فلسفا وساري ويٺس، جڏھن تنھنجي نيڻن ڏانھن نھاري ويٺس، رومانٽڪ انداز مان نھاري ھن زرين کي چيو. واهه غالب واهه. تاڙي وڄائي زرين کيس ساراهيو. ھل ھاڻ ڪال ڪر پنھنجي ڀاءَ کي. زرين، شو ليس ٻڌندي چيو. سچ پڇ ته سڄي رات ايڪسائيٽمينٽ ۾ ننڊ ڪونه آئي اٿم. پيشاني تي پگهر جا ڦڙا ٽمي پيا ھئس. ڏڪندڙ ھٿ سان نمبر ملائي ڪوئي جواب ڏيڻ کان پھريان فون جو اسپيڪر کوليائين، جيئن جيئن رنگ جو آواز سندس ڪنن ڏانھن پي ويو، دل خوف ۾ ڌڙڪڻ لڳي ھئس، سلام عليڪم…..! ڀاءَ رڙ ڪري سلام ڪيو، گھر ۾ سڀ ڪيئن آھن ڀائو…؟ ھن زرين ڏانھن ڏسي، ڀاءَ کان پڇيو. زرين تجسس مان سندس ڀاءَ جون ڳالھيون پئي ٻڌيون. سڀ خوش آھن….! بابا ۽ امان به توکي ڏاڍو ياد پيا ڪن….! هيلو هيلو….! آواز ڪونه ٿو اچئي ڇا….؟ ڀاءَ شھريار کي خاموش ڏسي پنھنجي آواز جي رفتار اڃان وڌائي ورتي، جي ڀائو ٻڌان پيو…..! ھن بردباري ۾ جواب ڏنو…. ڀائو…..! سندس ڀاءَ ھنيائن ڦاڙڻ جھڙي دانھن ڪئي. ڇا ٿو چئين…..؟ ھن مايوسي مان پنھنجي من جي ڳالھ ڪرڻ پئي چاھي….. اڙي آواز ڪونه ٿو اچي. ھان وٺ بابا سان ڳالھائي…… اڄ اسڪول ڪونه ويو آھي…… تپ ٿيو اٿس….. هيلووووو…..! پي جو ته ماڳھين پٽ کان به ڳرو آواز ٻڌي زرين وائڙي ٿي پئي….. جي بابا….. شھريار نرمي مان ڳالھايو….. ڪڏھن ٿو اچين ڳوٺ…… ماڻھين به سارئي پئي…… جي بابا ڪجھ وقت کانپوءِ موڪلون ملنديون ته ڳوٺ ايندس…..

ھاننننننننننن….!

مٺائي وٺيون اچجان، شھري مٺائي ڀلي ھوندي آھي. جي بابا وٺي ايندس

هيلووووو….! پي ٻيھر چيو…..

”جي جي بابا“ ڇورا تنھنجي چاچي شمشاد جي ڌي سوني سان ڪلهه رشتو ڪري آياسون،

تون اچ ته نڪاح ڪنداسين پوءِ شادي تنھنجي پڙھائي کانپوءِ…… چند گھڙين ۾ سندس پي پنھنجي ڳالھ مڪمل ڪري سندس جيءَ جھوري ورتو….. سڪتو طارر ٿي ويس. لاجوابي مان زرين ڏانھن ڏٺائين، جنھن جون اکيون درد جو سمنڊ بڻجي ويون ھيون….. هيلووووو….! هيلوووو سندس پي جي خوفائتي آواز کي اڻ ٻڌو ڪري ھن ڪال ڪٽي…… يار منھنجو ڪھڙو قصور….. آئون مجبور آھيان….. زرين ڪاوڙ مان ڏاڪي تان بيگ کڻي، ڳلن تي آيل لڙڪ اگھي اٿي. يو لوزر…..! چئي، پنھنجون وکون وڌائي، محبت کي الوداع ڪري ھلي وئي، ۽ شھريار کيس ويندي ڏسي پاڻ کي حقيقت ۾ لوزر سمجھڻ لڳو.

اڄ يونيورسٽي جي ڀتين ۾ ھڪ نئين محبت جي وڇوڙي جو درد پورجي ويو ھو، اڄ وري يونيورسٽي، معاشري جي سوچن تي رني ھئي، ٻن الڳ ذھنن جا خاندان ملڻ کان اڳ ٽٽي پيا ھئا، شھريار ۽ زرين جي محبت جو انجام سندن سوچ کان به وڌ برو ٿيو ھو، ائين جيئن بھار ۾ اوچتو خزان اچي ۽ سمورا پتا ھڪ ٻي کان جدا ڪري، وڻن جو من نپوڙي وڃي….