پيپلزپارٽي جو مارچ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شروع

پيپلز پارٽي جو ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين ٽرين مارچ اڄ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان شروع ٿي ويو آهي. جنهن جي قيادت چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. هن موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪرڻ تي شڪر گذار آهيان. اسان ڀٽو جا سپاهي آهيون ۽ اڄ اسان غريبن لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون. خبرن موجب  بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي، ڄامشورو ۽ حيدآباد اسٽيشنن تي به جيالن سان ملاقاتون  ڪندو. لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري  4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ ذوالفقار ڀٽو  جي ورسي ۾ شرڪت ڪندو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments