ايڊيٽوريلنئون

وات جو ڪينسر: خاموش وبا ۽ گٽڪي خلاف اڌوري جنگ

پاڪستان ۾ وات جي ڪينسر جي وڌندڙ شرح هڪ سنگين صحت جو بحران بڻجي چڪي آهي، جنهن کي هاڻي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي. تازين رپورٽن ۽ عدالتي مشاهدن موجب ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستاني مردن ۾ وات جي ڪينسر جي شرح سڀ کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي. ملڪ ۾ مجموعي شرح لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو ڄاڻائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ گٽڪي، ماوا، پان ڇاليا ۽ ٻين تمباڪو وارين شين جي وڌندڙ استعمال سبب اها شرح 30 سيڪڙو تائين پهچڻ جو ذڪر سامهون آيو آهي. هي صورتحال رڳو انگن اکرن تائين محدود ناهي، پر هڪ اهڙي خاموش وبا جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا آهستي آهستي سماج کي اندر کان کوکلو ڪري رهي آهي. ڪراچي بابت رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هر پنجون ماڻهو گٽڪو، ماوا يا ساڳيون نشي آور شيون استعمال ڪري ٿو، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو رجحان آهي. گٽڪو، ماوا، نسوار ۽ تمباڪو جهڙيون شيون نه رڳو نشي جي لت پيدا ڪن ٿيون، پر انهن ۾ شامل خطرناڪ ڪيميڪل، چونن، ڌاتن ۽ ٻين زهريلي جزن سبب وات جي اندروني جھلي مسلسل متاثر ٿئي ٿي، جنهن سان وقت سان گڏ ڪينسر پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته وات جي ڪينسر جا گهڻا ڪيس چٻاڙڻ واري تمباڪو، سپاري ۽ ساڳين عادتن سان جڙيل آهن. ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۽ تحقيقي ادارن جي مطالعي موجب وات جي ڪينسر جا ڪيترائي مريض اهڙيون شيون استعمال ڪرڻ جي تاريخ رکن ٿا. هڪ تازي تحقيقي جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترائي مريض بيماري جي آخري مرحلي ۾ اسپتال پهچن ٿا، جنهن سبب علاج وڌيڪ ڏکيو ۽ مهانگو ٿي وڃي ٿو.

هن بيماري جو سڀ کان خطرناڪ پاسو اهو آهي ته هاڻي اها صرف وڏي عمر وارن تائين محدود نه رهي آهي، پر نوجوان نسل به تيزي سان ان جي لپيٽ ۾ اچي رهيو آهي. مختلف تحقيقن مان ظاهر ٿيو آهي ته نوجوانن ۾ ڪينسر وارين حالتن ۽ وات جي بيمارين جا ڪيس وڌي رهيا آهن، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته نقصانڪار شين جو استعمال ننڍي عمر کان شروع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو رجحان نه رڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ملڪ کي وڏي صحت جي آفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن مسئلي جو ٻيو اهم پاسو قانوني ۽ انتظامي ناڪامي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گٽڪي ۽ مين پڙي جي تياري، وڪري ۽ استعمال خلاف قانون موجود آهي، پر ان تي عملدرآمد ڪمزور نظر اچي ٿو. رپورٽن موجب 2019ع ۾ گٽڪي سان لاڳاپيل 10,194 ڪيس داخل ٿيا، جن مان لڳ ڀڳ 5,500 اڃا تائين التوا ۾ آهن. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن مان سزا جي شرح انتهائي گهٽ ٻڌائي وڃي ٿي. 2025ع جي آخر تائين 145 ڊيلرن جي گرفتاري باوجود ڪنهن کي به سزا نه ملڻ جو ذڪر سامهون آيو. پوليس طرفان ڪارروايون ضرور ٿين ٿيون، پر اهي گهڻو وقت اثرائتي ثابت نٿيون ٿين، ڇاڪاڻ ته ڪمزور جاچ، ناقص چالان ۽ پراسيڪيوشن جي خامين سبب ڪيس عدالتن ۾ ڪمزور ٿي وڃن ٿا. نتيجي طور گٽڪي جو ڪاروبار جاري رهي ٿو ۽ سماج ان جا نتيجا ڀوڳي ٿو. ان سان گڏوگڏ، هن بيماري جو انساني پهلو به انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. وات جي ڪينسر ۾ مبتلا مريض نه رڳو جسماني تڪليف مان گذرن ٿا، پر ذهني ۽ جذباتي اذيت به سندن زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏي ٿي. چهري جي بگاڙ، ڳالهائڻ ۽ کائڻ ۾ تڪليف، سماجي روين جو خوف ۽ مهانگو علاج انهن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي وڃي ٿو. خاص طور تي گهٽ آمدني وارا ماڻهو، جيڪي اڳ ئي معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل هوندا آهن، هن بيماري جي علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن.

هن پسمنظر ۾ ضروري آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا رڳو ڪاررواين تائين محدود نه رهن، پر هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. گٽڪي، ماوا ۽ ساڳين شين جي پيداوار ۽ وڪري تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. پوليس ۽ پراسيڪيوشن نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن جوابدارن کي سزا ملي سگهي. ان سان گڏ عوامي آگاهي لاءِ وڏي پيماني تي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ نوجوانن کي هن لت کان بچائڻ لاءِ مهمون شروع ڪيون وڃن. ساڳئي وقت صحت جي شعبي ۾ به بهتري آڻڻ ضروري آهي ته جيئن وات جي ڪينسر جي ابتدائي سڃاڻپ ۽ علاج آسان بڻائي سگهجي. ماهرن موجب جيڪڏهن هن بيماري جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص ٿي وڃي ته علاج نه رڳو آسان ۽ گهٽ خرچائتو ٿي سگهي ٿو، پر مريض جي زندگي به بچائي سگهجي ٿي. آخرڪار، وات جو ڪينسر رڳو هڪ طبي مسئلو ناهي، پر هڪ سماجي، قانوني ۽ اخلاقي چئلينج پڻ آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيده قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ هي مسئلو وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي هن خاموش وبا خلاف گڏيل جدوجهد شروع ڪن، ڇو ته صحتمند سماج ئي ترقي جي ضمانت هوندو آهي.