ايڊيٽوريل

جمهوريت جو ثمر جمهور کي ملڻ گهرجي

ملڪ ۾ ٿيل تازين چونڊن کانپوءِ حڪومت سازي جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، چئني صوبن جا وزير اعليٰ پنهنجا منصب سنڀالي ورتا آهن. وفاق ۾ وزيراعظم جي چونڊ ۽ تقريب حلف برداري پڻ ٿي چڪي آهي. صدارتي چونڊ به 9 مارچ تي ٿي ويندي. ان کانپوءِ سينيٽ جي چونڊ ۽ ان جو چيئرمين به هن ئي مهيني ۾ چونڊجي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهندو.
عوام جڏهن ووٽ ڏيڻ وڃي رهيو هو ته انهيءَ جي اکين ۾ خواب هئا، خواهشون هيون، اميدون هيون جيڪي عوام کي سڀني پارٽين پنهنجي منشور ذريعي ڏيکاريون هيون. عوام کي اهو به ٻڌايو ويو هو ته جمهوريت جو مطلب عوامي حڪومت آهي ۽ جڏهن عوامي حڪومت هوندي ته ان جو فائدو به عوام کي پوندو. ان جا اهنج دور ٿيندا. امن امان جو مسئلو حل ٿيندو. بيروزگاري جو خاتمو آڻڻ جي لاءِ نوان نوان منصوبا آندا ويندا. گئس، بجلي جو بحران ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. رشوت جو خاتمو آندو ويندو. اهڙي قسم جا انيڪ واعدا عوام سان چونڊون ٿيڻ کان پهرين ڪيا ويا هئا.
هاڻي جڏهن حڪومتون ٺهي چڪيون آهن. وزيراعليٰ، وزير، مشير، سيڪريٽري، سڀ پنهنجين پنهنجين ڪرسين تي ويهي حڪومت هلائي رهيا آهن. هاڻي انهن کي عوام جي درد جو احساس هجڻ کپي، پر بدقسمتيءَ سان هوندو ڪون. ان جو سبب اهو آهي ته هي جيڪو حڪومتي ٽولو آهي، اهو صرف پنهنجي ذاتي فائدن جي لاءِ حڪومت ڪري ٿو. اهڙا ڪي به منصوبا نه ٿو کڻي اچي، اهڙيون ڪي به پاليسيون نٿو کڻي اچي، جنهن سان ملڪ جي عوام جو ڀلو ٿئي. بيروزگاري جو خاتمو ٿئي. انهن جي تعليم جو بندوبست ٿئي. انهن کي امن امان ملي. اسپتالن ۾ عوام جو دوا دارو ٿئي، انهن سڀني ڳالهين سان انهي حڪومتي گروهه جو واسطو نه هوندو آهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته اٽي جو ڪلو ڪيترو مهانگو آهي. انهن کي اها به خبر نه آهي ته ملڪ جا هڪ ڪروڙ ستر لک ٻار اسڪولن کان پري آهن. انهن کي انهن جي تعليم جو ڪوبه اونو نه آهي. پوءِ عام ماڻهو پڇي ٿو ته اهڙي جمهوريت جمهور جي ڪهڙي ڪم جي، جتي ووٽ ته جمهور کان ورتو وڃي، جمهوريت جي نالي تي، پر حڪمراني ڪرڻ وارا انهيءَ جمهور تي حڪومت ڪري صرف پنهنجا ذاتي فائدا وٺن. عوام جي لاءِ سواءِ قرض جي، مهانگائي جي ٻيو ڪجهه به نه بچائين. هن وقت پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي روپ ۾ ايس آئي سي ملڪ جي چئني صوبن ۾ پنهنجون پنهنجون حڪومتون قائم ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته مرڪز ۾ اتحادي حڪومت جڙيل آهي. هاڻي انهي اتحادي حڪومت جي مٿان فرض آهي ته وزيرن جي قطار ننڍي رکي، پروٽوڪول تي گهٽ خرچ ڪري. حڪومتي خرچن کي جيترو گهٽائي سگهي گهٽائي ته جيئن اها رقم عوام جي مٿان خرچ ٿئي. آفيسرن کي پڻ حڪومت تاڪيد ڪري ته جيڪي به انهن جا فرض آهن انهن کي بخوبي ادا ڪن.
رمضان شريف جو مهينو هڪ هفتي کانپوءِ شروع ٿيڻ وارو آهي. انهي ڀلاري مهيني ۾ اسانجا مسلمان واپاري ڀائر مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اگهه هٿرادو وڌائي ڇڏيندا آهن. انهيءَ کي روڪڻ جو ڪم به سرڪار جي مٿان آهي، جيڪا پنهنجي سرڪاري مشينري کي استعمال ڪندي عوام کي هٿرادو مهانگائي کان بچائي سگهي ٿي. پنجاب جي حڪومت ڪجهه بهتر قدم کنيا آهن، جنهن ۾ انهن ستر لک کاڌي پيتي جا پيڪيٽ ٺاهي رمضان پيڪيج جي نالي سان ماڻهن جي گهرن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو آهي، اهڙي قسم جا منصوبا ۽ پروگرام ٻين ٽن صوبن ۾ به هجڻ گهرجن. عام ماڻهو چاهي ٿو ته حڪومت ڪنهن جي به هجي ان جي روزي روٽي جو بندوبست ٿيندو رهي. هو هاڻي جمهوريت مان به ڪي قدر تنگ ٿي چڪو آهي. پوءِ به هن جمهوري حڪومت مان اها ئي تقاضا آهي ته ماڻهن جو ڌيان ڪريو، انهن کي سک سان زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيو. حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اوهانجا حالات مٽجن ٿا، ماڻهن جا حالات مٽايو. بقول جالب جي ته:
‏وہی حالات ہیں،، فقیروں کے
دن پِھرے ہیں فقط وزیروں کے
ہر بلاول ہے دیس کا مقروض
پاؤں ننگے ہیں،، بے نظیروں کے