ايڊيٽوريل

سنڌ جي درگاهن اندر ڪرپشن ڪلچر جو خاتمو علم جي شعور سان آڻي سگهجي ٿو

قلندر شهباز جي درگاهه تي زيارت ڪندڙن ۽ عقيدتمندن طرفان نذراني طور پيش ڪيل سون ۽ چاندي اوقاف کاتي جو مئنيجر چوري ڪري ويو آهي. انهيءَ سون ۽ چاندي جي ماليت ڪروڙن ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. اوقاف کاتي جي مئنيجر چوري جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. قلندر شهباز جي درگاهه نه صرف سنڌ ۾، نه صرف ملڪ ۾ پر پوري دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي ۽ پوري دنيا جا خاص طور تي هند-سنڌ ۽ پنجاب جا عقيدتمند زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا رهن ٿا ۽ اچي نذرانو پيش ڪن ٿا. سائنسي دور ۾ پير پائيندڙ دنيا جا گهڻا ملڪ اهڙي قسم جي درگاهي ڪلچرن کان پاڻ کي آجو ڪري چڪا آهن، پر هند-سنڌ جا ماڻهو اڃا به انهيءَ ڪلچر جو حصو آهن ۽ اهڙي روش روز به روز وڌندي پئي وڃي. هي صوفي بزرگن جون درگاهون آهن، جن پنهنجي زندگي ماڻهن ۾ محبت پکيڙڻ ۾ گذاري، انهن جي اهنجن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي وس آهر، علم ۽ شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن اهي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ته انهن جي عقيدتمندن جيڪي خوشحال ماڻهو هئا، عقيدت ۽ احترام خاطر انهن جي مزارن تي قُبا اڏرايا، ان کانپوءِ شاطر ماڻهن انهن درگاهن کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو ۽ انهن صوفي بزرگن جي عقيدتمندن کي لُٽڻ، ڦرڻ شروع ڪيو. اهي عقيدتمند سادگيءَ ۾ انهن شاطرن جي هٿ ور چڙهي ويا، انهيءَ درگاهي ڪلچر جي غلط رسمن جو شڪار ٿيندا رهيا، جيڪي اڄ به ٿي رهيا آهن. انهن معصوم عقيدتمندن کي صوفي بزرگن سان سچي يا ڪوڙي نسبت رکندڙ درگاهه نشينن ۽ هٿرادو بڻيل متولين ٻنهي هٿن سان ڦُريو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن صوفي بزرگن جي تعليم عقيدتمندن تائين پهچائي وڃي، پر ائين ڪونه ٿو ٿئي. ڪنهن به درگاهه تي وڃبو ته ٺڳن جا ٽولا اوهان کي نظر ايندا، ڪي لِڪ ۾ ڪي ظاهر، پر سڀ ٺٺينگ ۽ جيب ڪترا هوندا آهن. گاڏي جي پارڪنگ کان وٺي مزار تائين پهچندي ڪو پاڻي پيارڻ جي بهاني، ڪو اوهانجي ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌڻ جي بهاني، ڪو اوهان کي پَڙ کپائڻ جي بهاني، ڦُريندو نظر ايندو. جيڪي وڏيون درگاهون آهن، اهي هاڻي اوقاف کاتي جي معرفت گورنمينٽ جي انتظام هيٺ آهن ۽ اتي نذراني جي لاءِ وڏيون وڏيون پيتيون رکيل نظر اينديون آهن. اهي پيتيون هر سال کُلنديون آهن، جن مان ڪروڙين رپيا، سون ۽ چاندي نڪرندو آهي. مزار تي پَڙن جي صورت ۾ چاڙهيل چادرن جو انگ لکن ۾ هوندو آهي، جيڪي پڻ مارڪيٽ ۾ کپايون وينديون آهن. اهو درگاهه تي پيل نذرانن جو ڪجهه حصو هوندو آهي، گهڻو حصو اوقاف جا ملازم ۽ درگاهه نشين پاڻ ۾ ورهائي کڻندا آهن. پوءِ درگاهن جي حالت اها هوندي آهي ته زيارت لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ صاف واش روم به مهيا ٿيل نه هوندا آهن ۽ زيارت لاءِ ايندڙ عورتون گهڻو پريشان ٿينديون آهن. اهڙي قسم جون غلط رسمون صدين کان هلي رهيون آهن. جن جي ختم ٿيڻ جو ويجهي مستقبل ۾ به امڪان نظر نه ٿو اچي. گهڻن سببن سان گڏ هڪ سبب غربت جو به آهي. هڪ معاشي غربت، ٻيو وري ذهني غربت، ٽيون لوڀ لالچ. عقيدتمند بجاءِ سوچڻ سمجهڻ جي يا انهن صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي صرف مطالبا کڻي ايندا آهن ۽ باسون باسي هليا ويندا آهن، پوءِ وري باسون ڏيڻ ايندا آهن. درگاهه جي ڪرپٽ ڪلچر جو فائدو سڌو سنئون درگاهه نشين، اوقاف جا ملازم، متولي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا آهن، پر ان جو نقصان سادن، اٻوجهه ماڻهن کي ٿئي ٿو، جيڪي ظاهر ظهور ٺڳيون ڏسندي به عقل کان ڪم نه ٿا وٺن، پر ڄاڻي واڻي پاڻ کي انهن غلط رسمن جو شڪار بڻائن ٿا. انهي درگاهي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 2 قدم کڻي سگهي ٿي. هڪڙي قدم جا تڪڙا نتيجا نڪرندا، جيڪو اهو آهي ته جيڪي به پئسا زيارت ڪندڙ نذراني جي روپ ۾ درگاهه تي ڏين ٿا، انهن پئسن مان انهن ماڻهن جي لاءِ درگاهه تي سهولتون پيدا ڪيون وڃن، جن ۾ انهن جي رهائش جو جوڳو انتظام، صاف واش روم، ۽ اتي ملندڙ شين کي مناسب اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي لاءِ دڪاندارن کي پابند ڪرڻ ۽ ٻيو قدم تعليمي شعور ذريعي عوام تائين پهچائجي ته اوهين انهن صوفي بزرگن جي ڏنل فڪر تي عمل ڪريو. پنهنجو پاڻ کي باشعور ڪيو، ويڇا ۽ نفرتون وساريو، لوڀ ۽ لالچ ڇڏيو. جيترو به اوهان جو وس آهي. ضرورتمند انسانن جي مدد ڪريو ۽ اوهان جو سرمايو بجاءِ درگاهه نشينن جي کيسن ۾ وڃڻ جي بهتر ڪمن ۾ صرف ٿئي، جيئن ڪنهن زماني ۾ سُٺا ماڻهو اسڪول، اسپتالون ٺهرائيندا هئا، جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض ٺهرائيندا هئا، اهڙو ئي ڪم اوهان به ڪندو ته ان سان انهن صوفي بزرگن جي روح کي سُڪون ملندو ۽ اوهان جهڙا ڪيترائي انسان پڻ آرام جي زندگي گذاري سگهندا، وقت اچي ويو آهي ته شعور کي وڌائجي ته جيئن درگاهي ڪرپٽ ڪلچر جو خاتمو آڻي سگهجي.