هن وقت سنڌ اندر ڇهن ڪئنالن واري منصوبي جي تعمير تي هڪ سخت رد عمل موجود آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف سياسي جماعتون، پر نوجوان، شاگرد، ٻار، خواتين، مرد، هاري، آبادگار ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان ڳنڍيل ماڻهو هن پاڻيءَ جي منصوبي کي رد ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهن. ڇو ته کين احساس آهي ته جيڪڏهن اهي ڪئنال ٺهي ويا ته پوءِ سنڌ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي ويندي، ڇو ته سنڌ ۾ هونئن به برساتون گهٽ پون ٿيون ۽ جيڪڏهن اهي ڪئنال ڪڍيا ويا ته پوءِ سنڌ جو جيڪو پاڻي هن وقت پنهنجي حصي کان گهٽ ملي رهيو آهي، اهو به نه ملندو. ماضيءَ ۾ به پنجاب چشمه جهلم ڪئنال ٺاهي سنڌ کي اهو دلاسو ڏنو هو ته اهي صرف ٻوڏ واري صورتحال ۾ هلايا ويندا، پر جيئن ته پنجاب ۽ وفاق سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندا آيا آهن ۽ اڄ به انهن ويساهه گهاتين جو سلسلو جاري آهي. تنهنڪري سنڌ جو عوام هن وقت پنجاب ۽ وفاق تي ڪنهن به صورت ۾ ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.
ان سياسي دٻاءُ جو نتيجو آهي جو 10 مارچ 2025 تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي تقرير جي آخر ۾ اهو چوڻو پيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن واري هڪ پاسائين منصوبي جي حمايت نٿي ڪري. صدر صاحب جي ان بيان کي سنڌ جو عوام صرف لفاظي سمجهي رهيو آهي، ڇو ته صدر پنهنجي هٿ سان ان منصوبي جي نوٽيفڪيشن تي دستخط ڪري ان کي منظور ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت اهڙو ڪوبه بيان پيپلز پارٽي اڃان لکت ۾ ناهي ڏنو، جنهن سان هن منصوبي جي خلاف وڃڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڪو عملي قدم کنيو هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان منصوبي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، پر ان جو به ڪو اثر وفاق تي نه ٿيو. هن وقت سنڌ ۾ اڻ کٽ مزاحمت وارو سلسلو هلي رهيو آهي. سنڌ جو عوام هميشه پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سجاڳ رهيو آهي ۽ هن جڏهن محسوس ڪيو آهي ته سندن ساهه کي گهٽيو پيو وڃي، ان وقت اهي گڏجي اٿي بيٺا آهن. ان ڳالهه کي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به محسوس ڪيو آهي. ڇو ته هن وقت پ پ شهيد ڀٽو گروپ جي اڳواڻي ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سنڌ جي عوام سان ڪئنالن جي مسئلي تي گڏ بيٺل آهي ۽ اهو ثابت قدميءَ سان ڇهن ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهيو آهي، جيڪا پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي لاءِ هڪ وڏي چئلينج واري صورتحال آهي. پيپلز پارٽي کي پنهنجو موقف بدلائڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو آهي. 11 مارچ 2025 تي وزيراعظم هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري افطار پارٽيءَ ۾ مدعو هو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ سنڌ جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، نويد قمر، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي، راجا پرويز اشرف، گورنر پنجاب، گورنر ڪي پي ڪي ۽ خورشيد شاهه شامل هئا. ان دعوت ۾ به وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ڇهن ڪئنالن تي پنهنجن تحفظات جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه پنهنجي قومي اسيمبلي جي چيمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتفاق راءِ کان بنا هڪ پاسائين پاليسين حڪومت کي دٻاءُ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو جائزو وٺي انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت مسلسل سي سي آءِ اجلاس جو مطابلو ڪري رهي آهي. ايستائين جو نواب يوسف علي ٽالپر پنهنجي سنڌ اسيمبليءَ جي آخري تقرير ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کي اٿاريو ۽ اهڙي طرح پيپلز پارٽي جا ٻيا رڪن به اهو معاملو اٿاريندا رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي جا ٻيا سڀ وزير ۽ بيورو ڪريسي به ان معاملي کي هر فورم تي اٿاريندي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گرين پاڪستان منصوبي جي حمايت ڪري ٿي، جنهن تحت نهرن جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جيستائين گرين پاڪستان منصوبي ۽ زراعت لاءِ سرمائيڪاري حاصل ڪرڻ جو تعلق آهي، پ پ نه صرف ان مصنوبي جي پوري حمايت ڪري ٿي، ڇو ته اهو ئي پارٽيءَ جو فلسفو آهي، پ پ نه پنهنجي هارين لاءِ خوشحالي ۽ واڌ ويجهه جي خواهشمند آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان کي ٻن مرحلن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ هڪ مرحلو اجتماعي زراعت آهي. پهرين مرحلي ۾ وڌ کان وڌ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ جي انهن علائقن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪي زرعي معيشت ۾ حصو وجهي رهيا آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومتون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ماڊل کي سمارٽ ايريگيشن متعارف ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون ۽ وفاقي حڪومت ان منتقلي لاءِ فنڊ فراهم ڪري ٿي ته گڏيل زراعت هڪ انقلابي قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پارٽي هن وقت به سڄي سنڌ ۾ پائليٽ پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿر ۾ بايو سلائين، زراعت تي تجربا شامل آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي نهرن جي مخالفت صرف مخالفت خاطر نه پئي ڪري، بلڪه مستقبل جي بحرانن کي نظر ۾ رکندي متبادل حل تجويز ڪري رهي آهي.
اميد ڪجي ٿي ته وفاق ۾ ويٺل حڪومت ۽ ٻين طاقتور ادارن کي به بلاول ڀٽو زرداري جون ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون، ان جي ڏنل مشورن تي به غور ڪيو ويندو. نه صرف بلاول ڀٽو جي ڳالهه ٻولهه تي غور ڪيو ويندو، بلڪه پاڪستان جي اٺهتر سالن واري تاريخ تي به غور ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪيل غلطين سان پاڪستان جي هن وقت جي صورتحال جيڪا تمام گهڻي ڳڻتيءَ جوڳي آهي انهن سڀني شين کي دهرائڻ کان پرهيز ڪيو ويندو. سنڌ ۾ جيڪو عوامي احتجاج جاري آهي، ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي عوام جي آئيني ۽ تاريخي حقن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو ويندو. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ان جا تمام گهڻا سخت نتيجا نڪري سگهن ٿا.