بلاگ

اچو ته البانيا گهمون (قسط-17) آخري

الوداع البانيا

جيئن ئي ترانا ۾ داخل ٿيس ته ليڊي کي چيم ته استاد لينن جو جيڪڏهن ڪٿي ڪو اسٽيچو يا يادگار وغيره آهي ته مونکي اتي وٺي هل. ننڍي هوندي ڪهڙن فڪرن ۽ عقيدن سان جڙيل رهياسين، اهي پاڻ کي ڳاڻاپي ۾ ڪونهي، ڇو جو هڪ ته اهي پاڻ کي ورثي ۾ مليا هئا ۽ ٻيو ته اڃان پنهنجو ذهن عاقل بالغ ۽ وات وڪيل بہ ڪونه ٿيو هو جو انھن اسرارن کي سمجھي سگھون. موروثيت، نابالغي ۽ ناسمجھي واري دور جا فڪر، رسمون رواج، روايتون، سماجي قدر توڙي عقيدا ماڻھو سان جڙيل ضرور ھجن ٿا، پر آئون اُنھن کي ماڻھو جي ميراث نٿو سمجھان. جيئن ئي جواني ۾ قدم رکيوسين ته پاڻ کي روسي انقلاب ۽ ڪامريڊن جي جدوجهد گهڻو متاثر ڪيو. جيتوڻيڪ هاڻي پنهنجي ان فڪري سوچ ۾ وقت سان گڏ جهول به آيو آهي ۽ سويت يونين جي تڏا ويڙهه به ٿي چڪي آهي، پر پوءِ به ڪامريڊ لينن جي شخصيت سان اُنس ۽ محبت دل ۾ اڃا به قائم آهي. سچ پڇو ته مونکي ڪارل مارڪس جو معاشي نظريو (ڪميونزم) اڄ بہ دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اپيل ڪندڙ لڳندو آهي ۽ اُن جو نعم البدل ٻيو ڪو نظريو ھن وقت بہ مونکي نظر ڪون ٿو اچي. پر ڇا ڪجي ڪامريڊ لينن جي وفات کانپوءِ مختلف ڪميونسٽ ملڪن ۾ حڪمران ڪامريڊن اهڙا ڪم ڪيا جو ماڻهو فوجي آمرن جي ظلمن کي به وساري ويٺا. معاشي خوشحالي ته خير سان ڪنهن حد تائين ٿي، پر ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي جي اظهار تي تالابندي ڪئي وئي، نتيجن هڪ ڀلو معاشي پروگرام ڪوڙين انائن جي نذر ٿي تباهه ٿي ويو. نه صرف انهن ڪميونسٽ ملڪن ۾ پر پاڻ وارن ملڪن ۾ جتي ڪميونزم جو نظريو جيڪي پارٽيون ڦهلائي رهيون هيون، انهن ۾ به اها مطلق العناني رهي. جنهن به فڪري اختلاف رکيو ٿي ان کي غدار ڪوٺي پارٽي مان خارج ڪيو ٿي ويو. ٻيو سبب پنهنجن ملڪن ۾ ڪميونزم جي فڪر جي پروان نه چڙهڻ جو اهو هو ته، پنهنجي ملڪ ۽ سماج جي موضوعي ۽ معروضي حالتن کي نظرانداز ڪندي هوبهو سويت يونين ٽائپ ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ظاهر آهي سويت يونين جون زميني حقيقتون ۽ حالتون اسان جي ملڪ کان مختلف هيون، تنهنڪري هتي انقلاب جي ناڪامي فطري طور تي ٿيئڻي ئي هئي. وري جو مٿان سويت يونين ۾ بہ ڪميونسٽ انقلاب اچي پَٽ پيو ته هتي جا ڪامريڊ به مايوسي ۾ وٺجي ويا. ترقي پسند سياست ۾ ورڪر طور ڪم ڪندڙ ڪامريڊ جيڪي زيادہ تر وچيئين ۽ ھيٺيئين طبقي مان آيل ھئا، اُنھن مان ڪي ماٺ ڪري پاسيرو ويهي رهيا ته ڪي پنھنجي حال سارو سياسي ڪم کي لڳا رھيا، تہ ڪن وري اين جيِ اوز، صحافت، ھيومن رائيٽس، سماجي تنظيمن ۽ اقتدار حاصل ڪري ماڻھن کي لٽڻ وارين ڪرپٽ سياسي پارٽين جي دنيا ۾ داخل ٿي سفيد پوش بدمعاشن جو روپ ڌارڻ ڪيو ۽ خوب مال ميڙيو. جن وٽ گھر ۾ سڄي رلي بہ ڪون ھئي سي راتو رات ڊبل ڪئبن گاڏين جا مالڪ بنجي ويا.  آئون سڀني ڪامريڊن جي ڳالھ ڪون ٿو ڪريان، ڪي ان عمل ۾ پاڪ صاف بہ رھيا. پر حيرت آھي تہ مڊل ڪلاس ۽ ھيٺيئين ڪلاس مان اُڀريل ورڪرن جي کيپ جن پاڻ انقلاب جا خواب ڏٺا ۽ عوام کي بہ ڏيکاريا،   اُھي عوام جي آجپي ۽ آدرش سان ويساھ گھاتي ڪري ڪڌن ڪرتوتن ۾ پاڻ وارن بدمعاش وڏيرن، سردارن ۽ سرمايدارن کان بہ ٻہ رتيون اڳتي نڪري ويا. جيئن تہ ھنن ڪامريڊن ڪميونزم جي مطالعي ۾ استحصالي قوتن جا ڦرلٽ جا طور طريقا (گُر) پڙھيا ھئا، تنھنڪري ھنن کي خبر ھئي تہ مٿيون ڪلاس ڪيئن بدمعاشيون ۽ استحصال ڪري ٿو. سو جڏھن اھي ڪامريڊ ان ڪني ڪم تي لھي آيا تہ اُھي بدمعاشين ۾ وڏيرن ۽ سرمايدارن جا بہ بابا بنجي ويا ۽ خوب مال ملڪيت ٺاھيائون. سويت يونين ڇا ڊٺو، ڪامريڊن جو ڪردار ئي قبر داخل ٿي ويو! نتيجن سماج شعور ۽ روشن خيالي ۾ پوئتي ڌڪجي ويو. بيشڪ جدوجھدن جي ناڪامي يا حالتن جي تبديلي سان مايوسين جو جنم وٺڻ فطري آھي. پر اھو طئہ آھي تہ سماج دير سوير  اڳيان وڌڻو آھي، اُھو ڪڏھن بہ پويان نہ موٽندو. سچائي کي ڪڏھن بہ مات ڏيئي نٿي سگھجي اُھا سج جيان آھي جنھن جي روشني سان جڳ روشن ٿيئڻو ئي آھي.

منهنجي ڪامريڊ لينن جي پتلي (مجسمي) ڏسڻ جي خواهش جي اظهار تي ليڊي ٻڌايو ته، ”سڄي البانيا جي ڪنهن به شهر ۾ ڪٿي به لينن يا ڪنهن به ڪميونسٽ جو مجسمو نسب ٿيل ناهي، جو اهي سڀ ڪميونسٽ رد انقلاب کانپوءِ ڊاٺا ويا آهن يا هٽايا ويا آهن، سواءِ ترانا جي نيشنل آرٽ گئلري جي.“

هاڻي اسانجي گاڏي نيشنل آرٽ گئلري ڏانهن هلي رهي هئي. البانين نيشنل آرٽ گئلري 11 جنوري، 1954ع ۾ ٺاهي وئي، جنهن ۾ البانيا متعلق ڪافي تاريخي، آرڪيالاجيڪل ۽ لٽرري مواد، پينٽنگس، تهذيبي ۽ ثقافتي هنر سان لاڳاپيل شيون، مجسما ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه موجود آهي. جيئن ئي اسان آرٽ گئلري وٽ پهتاسين ته خبر پئي ته اها هن وقت نئين سر ترتيب ۽ جڙاءُ (Renovation) جي لاءِ وقتي طور بند ڪيل آهي، البته ان جو ٻاهر کان نظارو آساني سان ڪري سگهجي پيو. آرٽ گئلري بند ڏسي مون ليڊي کي چيو،” لڳي ٿو اُستاد لينن جو ديدار پنھنجي نصيب ۾ ناھي.“ ليڊي ڪجھ ڪون ڳالھايو ۽ مون کي نيشنل آرٽ گئلري سان گڏ پبلڪ پارڪ جي مين لوڪيشن کان پري اوجهڙ ۾ وٺي هڪ ديوار جي سامهون اچي بيهاريو. مونکي اھو ڏسي حيراني ٿي تہ ننڍڙي ديوار جي اوٽ ۾ کلي ميدان ۾ پٽ تي ڪامريڊ لينن، اسٽالن ۽ البانيا جي آخري ڪميونسٽ حڪمران اينويرهوجا، هڪ کاڻ کوٽيندڙ مزدور، هڪ فوجي عورت ۽ هڪ بندوقچي جا مجسما رکيل هئا. ٻين مجسمن جو ته خير، پر مون کي ڪامريڊ لينن جي مجسمي کي اهڙي بي دردي سان نامناسب جڳهه تي رکيل ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ چوندا آهن ته، ”وٽو کڻي هڪڙو ۽ واٽ وڃي سڀني جي.“ ڪامريڊ لينن ته سچو پچو مارڪس وادي هو ۽ پورهيت انقلاب جو هيرو هو، پر ان کانپوءِ اسٽالن ۽ ٻين آيل حڪمرانن جيڪا ڪميونزم جي مٽي پليت ڪئي، ان جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ته ٿيئڻو ئي هو. ڪميونسٽ حڪمران اينوير هوجا البانيا ۾ جيڪي ماڻهن سان ويل وهايا، ان جو فطري رد عمل ته ائين ئي ٿيڻو هو. جيتوڻيڪ ڪامريڊ لينن پاڻ کانپوءِ آيل ڪرپٽ ۽ آمر ڪميونسٽ حڪمرانن جي ڪري ڀلي اڄ ان حالت ۾ رکيو ويو آهي، پر تاريخ هڪ ڏينهن اُن تان دز ضرور لاهيندي ۽ لينن جي شاندار ۽ بي داغ پورهيت انقلاب جي ڪردار کي هيرو طور ضرور نروار ڪندي. مون تعظيم طور ڪامريڊ لينن جي مجسمي کي سلوٽ ڪري خراج پيش ڪيو. ليڊي منهنجي ان عمل کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، پر ڪڇيو ڪجهه به ڪونه. هي پاڻ وارو ملڪ ناهي جتي پنهنجي مخالف لاءِ ڪافر، غدار جو لقب آھي ۽ اُن لاءِ موت جي فتويٰ آهي. هِن ملڪ جي ماڻهن مختلف قومن ۽ مذهبي حملي آورن ۽ ڪميونسٽ دور ۾ ٿيل ظلمن سهڻ کانپوءِ پاڻ ۾ وڏي سهپ پيدا ڪئي آهي ۽ اُهي ھڪ ٻئي جي عقيدي توڙي فڪر تي مارا ماري نٿا ڪن ۽ ساڳئي وقت ماضي ۾ انهن مٿان ڪيل مختلف قومن ۽ مذھبن جي حڪمراني ۽ اڍنگي ورتاءُ جي باوجود به کائن نفرت نٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو هتي عيسائي، مسلمان توڙي مختلف قومن جا فرد پاڻ ۾ ڀائيچاري سان رهن ٿا. اُھي نه صرف هڪ ٻئي جي عقيدن، ريتن، رسمن رواجن جو احترام ڪن ٿا، بلڪه هڪ ٻئي جا مذهبي توڙي ٻيا تهوار بہ گڏجي ملهائن ٿا.

اتان ٿي واپس سٽي سينٽر آياسين. ليڊي جي چھري تي بہ ھاڻي پوري ڏينھن جي مسافري سبب ٿڪاوٽ جا آثار نمايان نظر اچي رھيا ھئا ۽ ھاڻي رات بہ ڪافي مٿي چڙھي آئي ھئي. مون بھتر سمجھيو تہ ھاڻ ليڊي کي موڪل ڏجي ۽ پنھنجي منھن سٽي سينٽر ايريا ۾ رولاڪي ڪجي. سو ليڊي کي ٻيھر صبح جو اچڻ جو چئي موڪل ڏني. ليڊي جيئن ئي روانو ٿيو، آئون سٽي سينٽر تي مچيل هلا گلا (سرسنگيت) جو ڪجهه دير مزو وٺي، سٽي سينٽر تي ئي البانيا جي آزادي جي ھيرو سڪندر بيگ جي لڳل وڏي شاھي مجسمي وٽ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھليو آيس. جنھن عظيم انسان البانيا جي ڌرتي جي بقا جي جنگ لڙي، اُن جي سلامي ڀرڻ کانسواءِ ڀلا ڪيئن البانيا کي الوداع چئي سگھجي ٿو؟ جيڪو بہ انسان پنھنجي ڌرتي ماءُ جي آزادي جي جنگ لڙي ٿو اُھو ڪھڙي بہ خطي، نسل يا قوم جو ھجي، اُھو منھنجو ھيرو آھي ۽ مونکي ايترو ئي پيارو آھي جيترو دودو، دولھ دريا خان، ھيمو، ھوشو يا روپلو، ۽ اُن لاءِ منھنجي دل ۾ سدائين مڻين محبتون رھنديون. شايد اھڙي ئي ڪنھن منظر يا جذبي کان متاثر ٿي پنھنجي ڌرتي جي قومي شاعر شيخ اياز بہ چئي ڏنو ھو:

جنھن وقت، جت بہ غلامي جو طوق ٽُٽو،

مون ائين سمجھيو، ڄڻ منھنجي گردن ھلڪي ٿي.

البانيا جي عظيم ھيرو سڪندر بيگ جي حاضري ڀري، اُن ئي ايريا ۾ ماني کائي روڊ ماپيندو اچي پنهنجي رهائشي هوٽل ڀيڙو ٿيس جيڪا اتان گهڻو پري نه هئي. هوٽل تي پهچندي ئي موبائل ۾ صبح لاءِ الارم (گهڙيال) سيٽ ڪري بستري تي ڦان ٿي ڪري پيس ۽ نه ڄاڻ ڪيڏي مهل اک لڳي ويئي.

صبح جو اٿي وهنجي سهنجي هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ لڳل ناشتو (Breakfast buffet) ڪري هوٽل خالي (چيڪ آئوٽ) ڪيم جو هاڻي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ البانيا کان موڪلاڻي جي گهڙي اچي پهتي هئي. ٻنپهرن جي واپسي طئه هئي، انهي ڪري سوچيم ته وقت جو جائز استعمال ڪندي ڪجهه گهمي ئي وٺجي. گاڏي ۾ چڙهندي ئي مون ليڊي کي چيو ته مدر آف البانيا جي مجسمي تي وٺي هل.

اڄ موسم جهڙالي ۽ خوشگوار آهي ۽ ان ۾ هلڪي هلڪي بوندا باري جي آميزش پڻ. رکي رکي ڪيڏي مهل سج به ڪني ڪڍي ٿو ۽ اُن جا ڪرڻا (روشني) جڏهن بارش جي ڦڙن تي پون ٿا ته ڄڻ محسوس ٿئي ٿو ته ڌرتي جي سيني تي تارا ٽمڪي رهيا آهن. رستن تي گاڏي جي هلندي مون کي خيال آيو ته جيئن پنهنجي قوم جون الڳ ريتون، رسمون ۽ مزاج آهن تيئن ظاهر آهي هر قوم جي به پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٿئي ٿي مون ليڊي کان پڇيو ته البانيا جي ماڻهن جي ريتن رسمن، مزاج ۽ لاڙن بابت ڪجهه ٻڌاءِ. هُن ٻڌايو ته البانيا جي ماڻهن لاءِ جي پکي مٿن وٺ لاهي ته اُها سندن ڀاڳ ڀلو هئڻ جي نشاني آهي. وارن لهرائڻ کانپوءِ ڳچي تي ٿڦڪي هڻڻ سٺي صحت ماڻڻ لاءِ نيڪ تمنا جو اظهار آهي. راڪي (شراب جو برانڊ) البانيا جو قومي مشروب آهي. الباني پاڻ کي باز پکي جو اولاد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. باز نه صرف انهن جو قومي پکي آهي، پر البانيا جي قومي جهنڊي ۾ به علامتي طور شامل آهي. البانيا جو قومي وڻ زيتون ۽ گل ڏوڏي جو ڳاڙهو گل آهي. هن ملڪ ۾ ائبارشن قانوني طور جائز آهي ۽ سڄو البانيا آمريڪا جي هڪ رياست ميري لينڊ کان به ايراضي ۾ ننڍو آهي. الباني ڪدو کي شادي يا ٻين پارٽين ۾ ڊيڪوريشن طور استعمال ڪندا آهن. پوري يورپ کان البانيا ۾ انٽرنيٽ سستو ۽ تيز آهي. الباني ماڻهو ها (هاڪار) لاءِ الباني لفظ Po ۽ نه (انڪار) لاءِ jo جو لفظ استعمال ڪندا آهن….

ليڊي جون ڳالهيون ٻڌي مون سوچيو ته وهم ۽ وسوسي جو شڪار رڳو اسين ڪونه آهيون، پر سڌريل قومن تي به اُن جو اثر آهي. پر فرق صرف اهو آهي ته اهي وھم وسوسا اسان وٽ عقيدي جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ پنڊتن ۽ گادي نشينن جي ڪمائي جو ذريعو به بڻجي ويا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انھن جي آڙ ۾ ھلڪو ڦلڪو ڪرائيم، زنا خوري ۽ حتاڪ جاني نقصان به ٿيو وڃي. پر هنن سڌريل ملڪن جي ماڻهن ۾ اهي وهم وسوسا ماضي جي ڪلچر، ريتن رسمن ۽ محض تفريح جي حوالي کان آهن ۽ انھن جي ڪري ڪوبه غير معمولي حادثو يا ڪو نقصان ڪونه ٿو ٿئي.

پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ڪندي هاڻ اسان اچي وطن تان شهيد ٿيندڙ سپاهين جي قبرستان (National Martyrs cemetery of Albania) ۾ پهتا آهيون، هن قومي قبرستان ۾ 28000 جي لڳ ڀڳ سپاھين جون قبرون آهن، جيڪي ٻي عظيم جنگ ۾ وطن جو دفاع ڪندي شهيد ٿيا. هن قومي شهيدن جي قبرستان ۾ زمين کان ٽي ميٽر مٿي ٺهيل چبوتري تي 12 ميٽر ڊگهو البانيا جي ماءُ (Mother of Albania) جو مجسمو کڙو ڪيل آهي، جنهن کي الباني ٻولي ۾ Nena shqiperi سڏيو وڃي ٿو. هي مجسمو مشهور سنگتراش muntaz Dharmi, kristaq Rama ۽ Shaban Haderri جي گڏيل محنتن جو نتيجو آهي، جيڪو 1971 ۾ هتي کڙو ڪيو ويو آهي. هي هڪ علامتي پسمنظر ۾ ٺهيل مجسمو آهي. هن مجسمي ۾ هڪ عورت جيڪا البانيا جي ماءُ طور ڏيکاريل آهي، ان جي هڪڙي هٿ ۾ سائو ٻوٽو ۽ تارو آهي. هن پتلي ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته هيِءُ البانيا وطن جي ماءُ آهي، جيڪا قبرستان ۾ آرامي پنهنجي اولاد جي نگهباني ڪري ٿي ۽ انهن جي قرباني کي علامتي طور ساراهي ٿي. هن مجسمي جي ٽي فٽ چبوتري تي الباني ٻولي ۾ Lavdi e Perjetishme Deshmoreve te Atdheut لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”انهن شهيدن جي دائمي (لازوال) خوشين لاءِ جن اباڻي وطن (Father Land) لاءِ سر قربان ڪيو. ياد رهي ته پاڻ وٽ ڌرتي ”ماءُ“ جو تصور آهي جيڪو مادر زاد سماج مان جنميو آهي ۽ هتي ڌرتي جو تصور پدرزاد سماج مان اڀريو آهي. هن قومي شهيدن جي قبرستان ۾ البانيا جي آخري ڪميونسٽ حڪمران اينوير هوجا کي به دفنايو ويو هو، پر ڪميونسٽ دور حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ان جي لاش کي هتان ڪڍي ٻئي هنڌ دفنايو ويو. البانيا جي ماڻهن جو اھو هڪ آمر لاءِ فطري نفرت جو اظهار ئي هو جن هن جي لاش کي به بخش نه ڪيو. سو بهتر آهي ته انسان اهڙا عمل نه ڪري جو هن جي قيام ڪاري ٿئي ۽ تاريخ ۾ به برو حشر ٿئي. انسان جو اهو عمل جيڪو هن جي لاءِ دائمي عزت جو ڪارڻ بڻجي ۽ کيس تاريخ ۾ به سرخرو ڪري، منهنجي نظر ۾ اهو آهي ته انسان انسان کان نفرت نه ڪري ۽ پاڻ ۾ پيار محبت ۽ ڀائيچاري سان رهي. توھانکي ٻڌائيندو ھلان تہ مدر آف البانيا جا پٿر يا ڌاتو جي تارن مان ٺھيل مجسما ھن قومي شھيدن جي قبرستان کان علاوہ ترانا  ۾ ٻين ھنڌن تي بہ نسب (آويزان) ٿيل آھن.

قومي شهيدن جو قبرستان ڏسي هاڻ پاڻ ڪيو آهي ترانا جي مدر ٽيريسا ايئرپورٽ جو رخ جتان پنهنجي البانيا کان روانگي طئه آهي. آئون پهرين ئي ٻڌائي آيو آهيان ته هي ايئر پورٽ ترانا شهر کان ٻاهر ٺهيل آهي. جڏهن آئون ابودابي ايئرپورٽ تان چڙهي البانيا گهمڻ لاءِ ترانا ايئرپورٽ تي لٿو هئس ته ان وقت رات هئڻ سبب مدر ٽيريسا جو ايئرپورٽ جي حدن ۾ لڳل مجسمو ڏسي ڪونه سگهيو هئس. هاڻي جيئن ته تقريبن ڏينھن جو 12 بجي جو وقت آهي، جهڙالي موسم به آهي ۽ هلڪي هلڪي بارش به پوي پئي، پر روشن ڏينهن هئڻ سبب مدر ٽريسا جو چوراهي تي لڳل مجسمو بلڪل چٽو نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هلڪي ۽ ڀڄائيندڙ بارش آهي، پر مدر ٽيريسا جي مجسمي جي اڳيان فوٽو ڪڍرائڻ جو خيال ڀلا ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو؟ جنهن دکي انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي جوڀن جواني جي خواهشن کي به تياڳي ڇڏيو. سو پاڻ گاڏي مان لهي مدر ٽيريسا جي مجسمي اڳيان فوٽو ڪڍرايو ۽ گاڏي مان سامان لاهي ليڊي کان موڪلايو. ليڊي موڪلائڻ مهل گفٽ طور راڪي شراب جي بوتل ڏني. جنهن نشي جو مٿي ملڻ جو واعدو ٿيل هجي ته هِن دنيا ۾ ان کان ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو؟ مون ليڊي جو شڪريو ادا ڪيو. هن سڄي ٽوئر ۾ ليڊي نه صرف ڪو آپريٽو رهيو، پر ڪٿي ڪٿي هن هلڪو سلڪو چانهه ڪافي جو بل به ڏئي ٿي ڇڏيو. پهرين پاڻ سوچيو هو ته هن کان سفر جي آخر ۾ ٿوري ڇڏپ ڇوٽ ڪرائبي، پر ھهڙو ماڻهو جنهن پاڻ به ليکا نه ڪيا ته اُن سان وري پاڻ به ڪهڙو ليکو ڪنداسين؟ جيڪي پئسه هن شروع شروع ۾ پوري سفر لاءِ گهريا هئا، پاڻ به اُهي حاتم طائي جي سخاوت کي لت هڻندي ڏئي ڇڏيا.

ايئرپورٽ تي سامان جي چيڪنگ ۽ اميگريشن جي عمل مان گذري هليو آيو آهيان ايئرپورٽ جي لائونج ۾. جيئن مون اڳي ٻڌايو آهي ته دنيا جي ڪافي ايئرپورٽن جي لائونجن ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ جي مخصوص استعمال ۽ ٽارگيٽ پوري ڪرڻ تي کاڌو پيتو فري هوندو آهي نه ته هونئن اِهي لائونجون ڪافي مهانگيون آهن ۽ ان کي استمال ڪرڻ لاءِ ماڻهو کي تقريبن 60 يا 70 ڊالر ادا ڪرڻا پون ٿا. جهاز جي روانگي ۾ اڃا ڪافي ٽائم هو سو پاڻ به لائونج ۾ ويهي سڪون سان ٻه پيگ چاڙهي ماني کائي سگريٽ جا ڪش هنيا. جيئن ئي لائونج ۾ بورڊنگ شروع ٿيڻ جي انائونسمينٽ جو آواز ڪنن تائين پهتو ته پاڻ به لائونج مان اٿي بورڊنگ جي عمل مان گذري اچي ويٺا آهيون جهاز ۾.

ٿوري دير رکي جهاز رن وي تي هلڻ شروع ڪيو. جيئن ئي جهاز مٿي اڏاڻو (Take of) ۽ البانيا جي حدن کي پويان ڇڏڻ لڳو، پاڻ البانيا کي الوداع ڪيو. هاڻي جهاز آسمان ۾ 35000 فٽن جي بلندي کان به مٿي اڏامي رهيو آهي. حيرت ته ان ڳالهه تي ايندي اٿم ته انسان زمين تي ته ليڪا (سرحدون) ڪڍي ڇڏيا آهن، پر آسمان ۾ به ملڪي حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، جن ۾ جيتوڻيڪ ھن وقت ھو رهي بہ نٿو پر پوءِ بہ ڪنھن کي بنا اجازت ان مان گذرڻ بہ نٿو ڏي. ويجهي مستقبل ۾ ان جو اتي رهڻ ممڪن به ڪونهي، بس انسان جي حوس ۽ قبضا مافيا واري ذهنيت آھي جيڪا ھن کان اھو ڪڌو ڪم ڪرائي ٿي. پاڻ ته انسان جي ان عمل تي بس ماتم ئي ڪري سگهون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انھن سرحدن آخر انسان کي ڏنو ڇا آهي؟ بس رڳو نفرتون، جنگيون، جنون، تباهي ۽ ان کان ڦري آهي آزادي، امن، سک ۽ خوشحالي. ڪاش! انسان پنهنجن خطن ۾ جنهن ۾ هُو جنميو آهي، وڌيو آهي، ڀلي پنهنجي ٻولي ڳالهائي، ڇاڪاڻ جو اهو فطري عمل آهي ته انسان جنهن خطي ۾ جنمي ٿو ته هُو ان ئي ماحول ۾ ٻولي گهڙي ٿو، ڳالهائي ٿو، وڌي ويجهي ٿو ۽ وسيلا استعمال ڪري ٿو ۽ هڪ ماحول ٺاهي ٿو، پر ان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته هُو فطرت جون حدبنديون ڪري؟ انهن کي پنهنجا نالا ۽ قومي سڃاڻپ ڏي؟ جيڪڏهن انسان حدبنديون (سرحدون) ختم ڪري ڇڏي ۽ پکين، ڍنڍن، ندين، سمنڊن ۽ بادلن وانگر بنا روڪ ٽوڪ جي زمين جي ھڪڙي خطي کان ٻئي خطي تائين هلندو رهي ته هي ڌرتي پيار ۽ محبت سان سيراب (آباد) ٿي ويندي ۽ امن جو گهوارو بڻجي ويندي ۽ پوءِ دنيا ۾ ڪو اينوير هوجا نه هوندو، نه آمر ضياءَ، نه مسوليني ۽ نه ئي ڪو چنگيزخان پيدا ٿيندو جيڪو ڌرتي کي تاراج ڪري. پوءِ هي دنيا اهڙن سندر خوابن جهڙي ٿي ويندي جيڪي انسان ازل کان ڏسندو آيو آهي، جنهن ۾ تون ۽ مان ۽ اسان سڀ سک ۽ شانتي سان رهندي پکين ۽ آواره بادلن جيان بنا روڪ ٽوڪ جي ڌرتي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سفر جو مزو ماڻينداسين ۽ فقط ئي فقط امن آجپو ۽ خوشحالي اسان جو مقدر بڻيل ھوندو. آئون اڃا انهن ئي سوچن ۾ گم هئس جو جهاز جي پائلٽ جو آواز ڪنن تي پيو: ”جلد ئي اسان ابودابي ايئرپورٽ تي لهنداسين. هن انائونسمينٽ ۾ ابودابي جو ٽيمپريچر (گرمي پد) ٻڌايو ۽ پنهنجي اسٽاف (Crew) طرفان مسافرن جو شڪريو ادا ڪيو. ٿوري دير کانپوءِ اسان جو جهاز ابودابي ايئرپورٽ جي رن وي تي ڊوڙي رهيو هو.

البانيا جو سفر، مشاهدو ۽ اُن سان وابسته يادون سدائين دماغ جي حافظي واري خاني ۾ محفوظ رهنديون. وري ڪنهن ٻئي سفر تي روانگي ٿي ته توهان سان ضرور ونڊ ڪبي، تيستائين موڪلاڻي.