بلاگ

چڪرا ڳوٺ کان گڏاڻيءَ تائين

ڪافي ڏينهن کان وٺي خواهش ۽ ارادو هو ته ڪيٽي بندر، ميرپورساڪرو، کارو ڇاڻ، ٻُهارا وغيره جو سير سفر ڪجي. ڇو ته هيل تائين اهو علائقو اهو پاسو اهو طرف ڏسي ۽ گهمي نه سگهيو آهيان، سو اوڏانهن جي منظرن ۽ نظارن جو به ديدار ڪجي، پر ڇا ڪجي جو پوليس جي نوڪريءَ ۾ موڪلون تمام گهٽ نصيب ٿينديون آهن، ٻيو ته وري خاص ڪري عيدن جي اجتماعن، محرم الحرام جي جلسن جلوسن، هڙتالن، اليڪشنن، روڊ مارچن ۽ ڌرڻن وغيره وارن ڏينهن ۾ ته ويتر ئي موڪل وٺڻ تي ڄڻ ته ڪرفيوBAN ON LEAVE لڳل هوندو آهي، انهيءَ ڪري گهمڻ ڦرڻ ته پري جي ڳالھ آهي، پر شادي غميءَ تي به آفيسر صاحبان موڪل گهرڻ تي ايئن ڪاوڙبا آهن جيئن ووٽ وٺڻ بعد غريب عوام تي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن. جڏهن ته موڪل اسان جو حق آهي، پر هتي حقدار کي سدائين وڏو گنهگار سمجهيو ويندو آهي. سو هاڻي جيئن تيئن ڪري 2022-06-02 خميس تي 12 ڏينهن جي موڪل ٿي ته دل ايئن باغ بهار ٿي وئي، جيئن برسات بعد ٿر يا جابلو علائقو ساوڪ سان سائو ٿيندو آهي يا وري جيئن ڪو بيگناهه قيدي جيل منجهان سزا پوري ٿيڻ بعد نڪري سڌو گهر ويندو آهي ۽ انتظار ۾ ويٺل وني ۽ ٻارڙن سان ملي گدگد پيو ٿيندو آهي ۽ سندس من اندر ۾ سرهائي محسوس ڪندو آهي يا جيئن ڪو بکيو پيٽ ٽڪر ڳڀي ملڻ تي سدائين پيو سرهو ٿيندو آهي. ها موڪل ته اسان جو بنيادي حق آهي، پر اها به امداد ۽ خيرات زڪوات ۽ فطري وانگر ايئن ملندي آهي جيئن سنڌي قوم کي شاهوڪار هئڻ باوجود به مختلف طريقن سان پناهگيرن جي طرفان امدادون خيراتون ۽ زڪواتون ملنديون آهن. ڇو ته هتي جيڪو حق گهرندو آهي اهو ڏوهي سمجهيو ويندو آهي، جيئن ڪنهن وقت ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جا ڪنڌ ۽ زبانون ڪپيون وينديون هيون.

2022-06-04 ڇنڇر تي نمره جي اجازت سان اسان زال مڙس جڏهن به ڪيڏانهن به گهمڻ ويندا آهيون ته نمره جي راضپي سان ئي ويندا آهيون. ڇو ته هوءَ گهر ۾ اڪيلي رهندي آهي ۽ پري يا ڊگهو سفر بنھ نه ڪندي آهي سو به خاص ڪري بائيڪ تي. مون ۽ فقيرياڻيءَ هن ڀيري ڪيٽي بندر جي سير جو پڪو پروگرام جوڙي فائنل ڪيوسين ته صبح سوير 2022-06-05 آچر تي هر صورت ڪيٽي بندر هلبو، پر رات جو دير سان قادر داد عرف فدا خان مهر جي ڪال آئي ته اسان اچون ٿا ڇو ته فدا وارا جڏهن به ڳڙهي ياسين کان ڪراچي ايندا آهن ته هميشه اسان وٽ ئي ايندا آهن. فدا مهر نمره مهر جو ماسات آهي ۽ فدا جو پيءُ وري منهنجو ماسات آهي. جنهن ۾ ماستر نبي داد مهر، امام الدين مهر ۽ ٻه ٻيا مائٽ هئا سي رات جو 1:00 وڳي ڪراچيءَ پهتا انهيءَ ڪري اسان کي ڪيٽي بندر جي سير وارو پروگرام ايئن تبديل ڪرڻو پيو جيئن پئسن جي لالچ تي نوان اميدوار ۽ پراڻا سياسي ميمبر پارٽيون تبديل ڪندا آهن. ڇو ته گهر آيل رشتيدارن کي ڇڏي ايئن سير سفر تي نڪري وڃڻ ڪنهن به ريت مناسب نه پئي لڳو.

صبح جو فدا وارا ناشتو پاڻي ڪري پنهنجي ڪم ڪار سان روانا ٿيا ته اسان به نوجوان ۽ الهڙ ناريءَ وانگر ڪر ڀڳا ۽ ڪيٽي بندر بجاءِ گڏاڻيءَ طرف گهمڻ جو سوچيوسين سو پاڻيءَ جي بوتل ۽ سدائين وانگر چانورن جي اٽي جون ٻه مانيون ٻڌي کنيونسين ۽ الله جو نالو وٺي نمره مهر کان اجازت گهريKKW 4322 تي 9:30 وڳي چڪرا ڳوٺ کان گڏاڻي پڪنڪ پوائنٽ ڏانهن روانا ٿياسين، هي اسان جو پهريون چڪر نه هو. ڇو ته هن کان اڳ به نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڀيرو ڀري چڪا آهيون. سو ڪورنگي ڪراسنگ، ڊفينس، مائي ڪلاچي روڊ، هن روڊ جو سرڪاري نالو ڪولاچي روڊ آهي جيڪو غلط آهي. ڇو ته ڪولاچي ذات آهي جڏهن ته شاهه جي رسالي ۾ ڪلاچي جو لفظ آهي، نيٽي جيٽي برج گل ٻائي هتان کاٻي پاسي وارو روڊ هاڪس بي، مبارڪ وليج، منهوڙي طرف وڃي ٿو. شير شاهه واري پل کان حب ريور وارو روڊ ڏيئي ماڇي ڳوٺ نيول ڪالوني کان لنگهي وڃي سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ پل جتي رڳو ننڍين وڏين مسافر گاڏين جي سخت چيڪنگ ٿي رهي هئي. جڏهن ته وڏا وڏا ٽرالر ۽ ٽينڪر وغيره ٻن صوبن جي بارڊر کان باآساني اچي وڃي رهيا هئا ۽ اتي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن تي لکيل هو ته سنڌي لکو، سنڌي سکو، سنڌي پڙهو، سنڌي ڳالهايو پاران محمد علي مانجهي. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ. 400 رپين جو پيٽرول ڀرائي پل ڪراس ڪري حب شهر ۾ داخل ٿياسين. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي ساڄي هٿ تي هڪ رستو ساڪران بند مراد سسئي پنهون جي مزار، حب ڊئم، دريجي ۽ نوراني طرف وڃي ٿو، جتان 100 رپين جا مڪس پڪوڙا ورتاسين ته جيئن بک لڳڻ مهل چانورن جي مانيءَ سان کائجن.

حب شهر کان نڪري هلياسين ته کيسي ۾ رکيل موبائلVIVO Y21A جي گهنٽي وڄڻ لڳي ته پپا موبائل کڻ سو گاڏي کي اڳتي هلي باءِ پاس حب شهر جي اولھ کان جبلن جي پاسي کان ڪجھ عرصو اڳ نهايت ئي بهترين روڊ ٺاهيو اٿائون جيڪو شهر جي مين ۽ تنگ روڊ کان ٽريفڪ جي روانيءَ کي سولو بڻائي ٿو ۽ وقت جي ڪافي بچت ٿئي ٿي، واري چوڪ تي بريڪ ڏنم. ڇو ته جڏهن به ڊرائيونگ دوران ڪنهن جي به ڪال ايندي آهي ته گاڏي بيهاري پوءِ ڳالهائيندو آهيان، اهو ان ڪري جو هلندي گاڏي خاص ڪري بائيڪ تي موبائل تي ڳالهائڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.

ان وقت اها ڪال منير احمد مغيري جي هئي جيڪو به موڪل تي ڳوٺ اوستو ڀليڏنو آباد جيڪب آباد ويل هو ان بعد اتان ئي وري نمره کي به فون ڪئي سين ۽ کيس خير خيريت جو ٻڌايوسين. ڇو ته نمره جو سدائين اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته هوريان هوريان ۽ خيال سان ايندا ويندا ڪريو ۽ هر هر مون ڏي ڪال به ڪندا ڪريو، ايئن ڪڪ هڻي گاڏي اسٽارٽ ڪري سنگل روڊ ٽريفڪ جي گهڻائيءَ سبب حڪومت کي گهرجي ته هن روڊ کي ڊبل ڪرائي ته جيئن ٽريفڪ کي به سهولت ميسر ٿئي ۽ حادثن کان به بچي سگهجي، تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان خيال ڪندي ساڄي کاٻي ڏسندي ۽ ديدار ڪندي جتي ٻنهي طرفن ماربل جا ڪارخانا ۽ پٺاڻن جا هوٽل اڪثريت ۾ هئا وڃي گڏاڻي موڙ وٽ هوٽل تي بريڪ ڏنوسين. جتي جڏهن به ايندا آهيون ته چانهه جون گرما گرم چسڪيون ضرور ڀريندا آهيون. اهو هوٽل اوستا محمد جي بلوچن جو آهي، پر هو خاص ڪري سڀ سان سنڌي ٻولي ۾ ئي ڳالهائيندا آهن، جتان ڪئپسٽن سگريٽن جو پاڪيٽ 100 رپين ۾ ورتم ۽ چانهه جا پئسا ادا ڪري اتي ان موڙ تي يادگيريءَ خاطر منٽ کن جي وڊيو به ڀريم.

وڊيو ڀري وري سفر کي جاري رکيوسين اتي موجود پوليس چوڪي ڪراس ڪري گڏاڻي، گڏاڻِي بلوچن جي هڪ قبيلي جو نالو آهي انهيءَ ڪري ئي هن شهر کي گڏاڻي سڏيو لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. گڏاڻي بلوچ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ آباد آهن، طرف هلڻ شروع ڪيوسين هي رستو آهي ته پڪو، پر ڪافي هنڌن تي کڏا کوٻا اٿس. ٻيو ته هن روڊ تي گڏاڻي پڪنڪ پوائنٽ ۽ گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ جي ڪري هر وقت چڱي خاصي آمد و رفت رهي ٿي، هتي اوسي پاسي ۾ رندن، عمراڻين ۽ ڊگارزئي بلوچن جا اوري پري ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پڻ موجود آهن. جڏهن ته هتي بلوچي سان گڏ سنڌي ٻولي به عام جام ڳالهائي وڃي ٿي. اڳيان کاٻي هٿ تي پوليس اسٽيشن گڏاڻي ۽ ٿورڙي ئي فاصلي تي ساڄي هٿ تي سينٽرل جيل گڏاڻي ۽ پوليس جا سرڪاري ڪوارٽر موجود آهن. رستي جي ٻنهي پاسن مختلف وڻ جهڙوڪ: ديوي، جنهن کي سکر، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن وارا انگريزي ٻٻر چوندا آهن. ڇو ته اهو ٻج هتي ديوي نالي هڪ انگريز آندو هو، جڏهن هتي ريل هلڻ شروع ڪيو هو ته جيئن ريل جي هلڻ وقت هي وڻ هوا سبب اٿندڙ ۽ اڏامندڙ مٽيءَ کي روڪي سگهي. ڇو ته ديوي جو ٻوٽو لاڻيءَ وانگر زمين تي وڇائجي وڃي ٿو. ڪنڊي، ڪرڙ، نيرڙين ڦلڙين وارو اڪ ليون وغيره. ان کان علاوه هتي زمين ۾ خاص ڪري برساتي موسم ۾ هيرڻ جو فصل پوکيو ويندو آهي، شايد اهو هيرڻ دوائن ٺاهڻ يا وري ڪوڪنگ آئل ٺاهڻ خاطر ڪتب اچي ٿو. ڇو ته هتي سنڌ وانگر آبپاشي نظام نه آهي انهيءَ ڪري هتي ڪوئل وانگر ڪُو ڪُو ڪري برسات لاءِ ٻاڏايو ويندو آهي. ٻيو ته وري هي جابلو ۽ سامونڊي ايريا آهي، تنهنڪري نهري نظام جو پاڻي اچڻ هڪ خواب آهي، پر هاڻي ته خاص ڪري سنڌ ۾ به نهري نظام تي جيون گهاريندڙ به ڍڪ خاطر ڍڪون ڪري رهيا آهن. هر طرف ڪربلا جو منظر آهي سو جي اهو سلسلو ايئن رهيو ته مستقبل ۾ مُردي کي غُسل ڏيڻ خاطر به پاڻي نه ملندو، پر جي ملندو به ته وڏي مشڪل سان ملندو.

اسان رستي جي لاهين تان لهندي ۽ چاڙهين تان چڙهندي گڏاڻي شهر ۾ داخل ٿياسين، جتان هڪ رستو کاٻي طرف شپ يارڊ ڏانهن ٿي ويو، هتي وڏن وڏن پراڻن ۽ ناڪاره جهازن کي سمنڊ ڪناري تي ٽوڙڻ جي وڏي صنعت موجود آهي ۽ ان کان علاوه هتي جهاز لنگر به ڪندا آهن. ڇو ته هي شپ يارڊ ڪراچي بندرگاهه کان 40 ڪلو ميٽر کن پري ۽ نهايت ئي کليل علائقو آهي ۽ انهيءَ طرف عام ماڻهو جي خاطر پابندي آهي، ها اگر ڪو مون جهڙو نئون ماڻهو رستو ڀلجي به ويو ته خير آهي، پر ڊڄڻ جي ڪا ڳالھ ناهي. گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو شپ بريڪنگ يارڊ چيو وڃي ٿو، جتي ھڪ ئي وقت 64 وڏن سامونڊي جهازن بيهارڻ جي گنجائش ٻڌائي وڃي ٿي، جتي تمام وڏا ٻيڙا بيٺل ھئا، جيڪي ڏسڻ وٽان ھئا سمنڊ جي ۽ سندن جي ھيبت پڻ ڏسڻ وٽان ھئي، پر ھاڻي ھتي اھي لوهه جي ٽڪرن ۾ تبديل ٿيڻ جي لاءِ بيٺل ھئا ۽ هنن جو ملبو گهڻو ڪري سريي ٺاھڻ جي ڪم ايندو آھي ۽ انهيءَ ملبي منجهان ٺهيل سريي کي نهايت ئي مضبوط ليکيو ويندو آھي ۽ سڌي گس تي اڳتي هلي گڏاڻي بيچ آهي، هتي هن شهر ۾ ميونسپل ڪاميٽي گڏاڻي جي آفيس، بئنڪ، سرڪاري اسڪول ۽ دفتر پڻ آهن ۽ ڪافي سارا مختلف دڪان پڻ آهن. شهر جي آبادي بلڪل ئي کليل آهي، نظر نهار تائين مقامي عورت ڪٿي به نظر ڪين ٿي آئي جنهن مان يقين ٿيو ته عورت جي معاملي ۾ هتي پردو آهي. هتي پرائيويٽ ڪوچون جهڙوڪ: رند ڪوچ ۽ مسڪان ڪوچ پڻ ايندي ويندي نظر آيون، بيچ وٽ پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ وارا ننڍين وڏين گاڏين کان الڳ الڳ ريٽ تحت انٽري فيس وصول ڪري پرچي ڏيندا آهن، سو اسان به موٽرسائيڪل جي داخلا تي 20 رپيا ادا ڪري پرچي حاصل ڪري اندر داخل ٿياسين.

هن بيچ تي داخل ٿيڻ بعد چوڌاري نظر ڊوڙائي سون ته هڪ نهايت ئي ڪشادو هوٽل نظر آيو جتي ٻارڙن لاءِ جهولا پڻ هئا. هن هوٽل جي ڀرسان واري جبل تي مٿي هڪ مزار آهي ۽ چڙهڻ لاءِ سيمينٽ جي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، سا مزار ڪنهن جي آهي، سو پتو نه پئجي سگهيو ۽ نه وري اسان مٿي وياسين. ڇو ته مٿي چڙهڻ خاطر اسان ۾ ايتري سگھ ڪونه هئي ۽ هر طرف موٽرسائيڪليون، ڪارون، سوزوڪيون، ڪوچون، بسون وغيره فيمليز ۽ بڪنگ تحت آيل هيون، بيٺل هيون. ڪيترائي خاندان ماڳن طرف واپس وڃي رهيا هئا ته ڪيترائي خاندان سير و تفريح خاطر هتي اچي رهيا هئا. آچر جو ڏينهن ۽ تازي پگهار هئڻ سبب اڳي کان عوام جو انگ سوايو هو. سمنڊ جو پاڻي به فل موج مستي ۾ هو، مٿان اڇن ڪارن ڪڪرن جو گشت جاري هئڻ سبب گرمي ڪافي گهٽ هئي. هتي مقامي ماڻهن جي طرفان پڃرن، پترن، رلين ۽ چادرن سان هٽHUT ٺهيل هئا، جيڪي هو ڪرائي تي ڏيئي گذر سفر خاطر پئسا جمع ڪري رهيا هئا. ڇو ته هتي گهمڻ لاءِ ايندڙ فيمليون پاڻ سان گڏ ماني پاڻي کڻي ايندا آهن، جيڪي ڪرائي تي هٽ وٺي اتي پيٽ پوڄا پڻ ڪندا آهن. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن دفعي هٽن جو انگ سوايو هو ۽ هر هٽ ۾ ايئن هو جيئن مختلف ميلن تي عارضي دڪان ۽ بازارون ٺهيل هونديون آهن. سمنڊ جي واريءَ ۾ بائيڪ جو هلڻ محال هو، انهيءَ جي ڪري هڪ پاسي تي بائيڪ بيهاري کيس چوري ٿيڻ جي ڊپ کان تالو هڻي اسان به وڃي سمنڊ کي سلام ڪيو.

هتي ميونسپل وارا انٽري في تحت نه ڄاڻ ڪيترو پئسو ڪمائين ٿا، مگر افسوس جو عالم اهو آهي ته هتي سهولت صفا زيرو پلس زيرو برابر زيرو ئي هئي، باقي اهو آهي ته هتان جي مقامي ماڻهن خاص ڪري هٽن وارن، اٺن وارن، گهوڙن وارن، ريڙهين وارن ۽ موٽر بوٽس وارن جو سٺو گذر سفر ٿئي ٿو. هتي پاڻيءَ جون وڏيون وڏيون ڇوليون من کي موهي ۽ ڪڻڪ جي اٽي وانگر ڳوهه ڏيئي ڳوهي وجهن ٿيون. تيز هوا ۾ سمنڊ جو پاڻي جڏهن جبلن سان ٽڪرائبو آهي ته وڏو آواز پيدا ٿيندو آهي ۽ پاڻي جبل کان مٿي نظر ايندو آهي ۽ اتي بيٺل ماڻهن جا ڪپڙا وغيره آلا ٿي ويندا آهن ان ويل ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اهي سمنڊ جون ڇوليون اجهو ٿيون جبل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وجهن، پر لهرون ٽڪرائجي ناڪام ٿي واپس وري وينديون آهن ۽ وري اچي ٽڪرائبيون آهن، پر جبل به جبل آهي سو ڪٿي ٿو ٽڪر ٿئي. اهڙيءَ ريت اها سمنڊ ۽ پهاڙ جي ويڙهه مسلسل هلندي ٿي رهي. سو ڏسي رهجي ته ڇا ٿو ٿئي ۽ ڪير ٿو هارائي ڪير ٿو کٽي اهو اڳتي هلي وقت واضح ڪندو. هتي جو بيچ ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي صاف سٿرو آهي. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ ڪناري تي گند ڪچرو ڪافي گهڻو هوندو آهي. هتي مزار واري جبل جي قطار ۾ هڪ هنڌ 02 گول چبوترا تعمير ٿيل آهن، جتي به ماڻهو آرام سان چڙهي سمنڊ جو نظر نهار تائين نظارو ڪري سگهي ٿو. گذريل سال 2021-09-17 تي نمره جي سالگره 2021-09-16 تي اسان انهن چبوترن جي ڇانو ۾ گهران آندل ماني ۽ برياني کاڌي هئي. ڇو ته نمره جي سالگره تي ايندڙ مهمانن کي ڪراچي جي مختلف ماڳن جو سير به ڪرائيندا آهيون. هتي جي خاص ڳالھ اها آهي ته هتي مون کي ڪو هڪ به افغاني پٺاڻ نظر نه آيو. هتي تفريح خاطر آيل سڀ ڪراچي جا اردو ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته سنڌي ۽ بلوچ اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. سمنڊ جي لهرن ۾ هرڪو مزا ماڻي رهيو هو. هن ڀيري مان به سمنڊ ۾ پهريون دفعو دل کولي ڪافي وقت لهرن سان لطف اندوز ٿيس ۽ ڪناري تي بيٺل منهنجي ساٿياڻي منهنجا اهڙا يادگاري وڊيوز ڀريندي رهي. اهڙيءَ ريت ٿڪجي ۽ هيڏي هوڏي گهمندي ڦرندي نظارا ڪندي واپسي ڪئي سون. مٿان وري بک به لڳي هئي، سو واپسيءَ تي گڏاڻي شهر کان ٻاهر هڪ لنڪ روڊ تي ٺهندڙ مسافر خاني، هتي رهبر شريعت پير طريقت درگاهه سائين شيخ جو بورڊ لڳل هو ان پير جو نالو هن وقت ذهن تي نٿو اچي، جي ڇانو ۾ ويهي پڪوڙن سان ماني کائي پاڻي پي وري گاڏي چالو ڪري ڪراچي طرف موٽ کاڌي سين ۽ بنا بريڪ گڏاڻي موڙ لنگهي حب شهر طرف وڌڻ لڳاسين. اڃان حب باءِ پاس وٽ نه پهتا هئاسين ته بائيڪ جو پويون ٽائر پنڪچر ٿي پيو، پر شڪر ٿيو جو ڀرسان ئي پيٽرول پمپ تي پنڪچر شاپ هو، جتان 80 رپين ۾ پنڪچر ڳنڍرايوسين. ها جتي پنڪچر شاپ هو ان جي ڀڪ ۾ ئي ڪلمتين جو قديمي قبرستان به هو، جنهن جي قبرن جي گهڙائي يا چٽسالي جو نمونو چوڪنڊي ۽ دريجي روڊ تي موجود قبرستان جي قبرن سان ملندڙ جلندڙ هو، جنهن منجهان اهو يقين پئي ٿيو ته هي قبرستان ۽ ڪلمتي قبيلو تمام قديم دور جا آهن. هن قبرستان کي ڀاواني قديم قبرستان به چوندا آهن، جنهن جون قديم قبرون اڄ به مضبوط بيٺل نظر آيون. جڏهن ته قبرستان ايترو وسيع به نه هو ۽ هتي جديد دور جون قبرون پڻ موجود هيون ۽ قبرستان جي چوڌاري آباد ٿيندڙ تڪڙي آباديءَ منجهان اهو به خوف خطرو جنم وٺي رهيو هو ته اڳتي هلي هي قبرستان به قبضن تحت ميسارجي ختم ٿي ويندو. ڇو ته اسان وٽ قبرستانن تي قبضاگيري ڪا نئين ڳالھ ناهي ٻيو ته هتي هاڻي مري ويلن جو ڪوبه قدر ۽ احترام به ناهي رهيو. انهيءَ ڪري ئي ڪافي قبرستان ميسارجي ختم ٿي رهيا آهن. ڪلمتين جي قديمي ۽ تاريخي قبرستان جو سراسري جائزو وٺي اڳيان ساڄي هٿ تي اوچن جبلن جي ڪنارن وٽان ٺهيل باءِ پاس روڊ سان ٿيندا چڪن جي باغن ۽ ناريلن جي ڊگهن وڻن جو ديدار ڪندا سنڌ بلوچستان جون حدون ڪراس ڪري ڪراچي شهر ۾ داخل ٿياسين ۽ بنا بريڪ هلندي اچي گل ٻائي وٽ شاهه لطيف جي امر ڪردار مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي قبرن وٽ دعا گهرڻ خاطر بريڪ ڏنوسين، پر افسوس جو شهيدن جون قبرون ۽ اتي جو نظارو پسي اندر اڌ ٿي ويو. ڇو ته مزارن کي ديوار ته مضبوط ڏنل هئي، پر دروازو نه هجڻ سبب اتي هيروئني، چرسي ۽ ڪافي رولو ڪتا ديرو ڄمائي ويٺا هئا. هتي ڪنهن به قسم جي ڪا صفائي به نه هئي، هتي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ قبرن جا نشان به گم سم هئا، ڪنهن وقت ۾ هتي ڏيئا ٻرندا هئا، هاڻي ته وڻ به وڍي ختم ڪري ڇڏيا اٿائون، مگر ديوار تي لکيل هو مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي مزار جو نالو اسان هونئن ته لطيف ۽ سندس ڪردارن جا نالا وٺي وڏا وڏا نعرا هڻندا آهيون مورڙي جي بهادري جا قصا نئين نسل کي سڻائيندا آهيون، پر افسوس جو ماضيءَ کي مٽجڻ کان نه بچائي سگهيا آهيون.

ايئن اتان وري اڳتي هلي ماڙيپور ميري ويدر ٽاور آءِ آءِ چندريگر روڊ آرٽس ڪائونسل شاهراهه فيصل گورا قبرستان کان ٿيندا قيوم آباد ڪراس ڪري ڪورنگي ڪراسنگ تي بيٺاسين جتان نمره جي موبائلVIVO Y21A لاءِ سيفٽي ڪور وٺي شام جو پوري 5:30 وڳي چڪرا ڳوٺ نوراني بستي ۾ گهر پهچي نمره سان ڀاڪر پائي ۽ چميون ڏيئي ٿڪ ڀڳوسين.

***