پهرين جون 2025 تي يوڪرين جي سيڪيورٽي سروس (SBU) هڪ اهڙو فوجي آپريشن ڪيو، جيڪو پوري دنيا لاءِ حيرت جو سبب بڻيو. هن آپريشن جو نالو رکيو ويو “آپريشن اسپائيڊر ويب”، جنهن ۾ روس جا پنج اهم فوجي هوائي اڏا نشاني تي آندا ويا. هي ڪو معمولي حملو نه ھو، پر اها روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ ۾ هڪ اهم تبديلي هئي، جنهن يوڪرين جي ڊگھي مفاصلي جي ڊرون طاقت کي دنيا آڏو ظاهر ڪري ڇڏيو. هي آپريشن هڪ رات جو منصوبو نه هو. ان جي تياري لاءِ 18 مهينا ۽ 9 ڏينهن لڳايا وياSBU جي سربراهه وسيل ماليئڪ ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي هن کي قدم به قدم ترتيب ڏنو. 117 ننڍا، پر طاقتور ڊرون (جن کي FPV يا First-Person View ڊرون چيو ويندو آهي) روس جي اندر اسمگلنگ ذريعي موڪليا ويا. اهي ڊرون ٽرڪن ۾ نهايت ئي احتياط ۽ رازداريءَ سان سپر پاور ملڪ اندر پھچايا ويا، اها هڪ اهڙي حڪمت عملي هئي، جيڪا ڪنهن فلمي منظر کان گهٽ نه هئي. انهن ٽرڪن مان ڊرونن کي پري کان لانچ ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان آپريٽرن کي پاڻ خطري ۾ وجهڻ جي ضرورت نه هئي. هي منصوبو ايترو رازداري ۽ هوشياري سان تيار ڪيل هو، جو روس کي شايد ان جي کڙڪ ئي نه پئي ۽ نتيجي طور روس کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
1 جون 2025 جي رات، جڏهن تاريخ بدلي ته انهن ڊرونن پنهنجي اڏام شروع ڪئي. هنن روس جي پنجن هوائي اڏن، اولينيا، بيلايا، ديا گيليوو، ايوانوفو ۽ اوڪرينڪا تي حملو ڪيو. اهي اڏا مختلف وقت جي زونن ۾ هئا ۽ سڀني مان پري وارو، بيلايا، يوڪرين کان 4300 ڪلو ميٽر پري هو. ڊرونن کي پري کان ڪنٽرول ڪيو ويو، بلڪل ايئن جيئن ڪو وڊيو گيم کيڏي رهيو هجي، پر هيءَ راند حياتي ۽ موت جي هئي. هر ڊرون پنهنجي هدف تائين پهتو ۽ صحيح نشاني تي حملا آور ٿيو، اها صلاحيت جنگ کي نوان لاڙا پڻ ڏئي ٿي ته اڄڪلھه ڪيئن ڊرون ذريعي به مخالف ملڪ کي نقصان پھچائي سگهجي ٿو.
يوڪرين جو چوڻ آهي ته هن آپريشن ۾ روس جا 41 فوجي جهاز تباهه يا سخت نقصان جو شڪار ٿيا، جن ۾ وڏا بمباري جهاز جهڙوڪ: TU-95، TU-22M3 ۽ A-50 شامل هئا. آزاد تجزيي ڪندڙن به تصديق ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ 13 بمباري جهاز مڪمل طور تي تباهه ٿيا. روس کي لڳ ڀڳ 7 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. هڪ اهڙي رقم، جيڪا عام ماڻهو لاءِ سمجهڻ به مشڪل آهي. ان سان روس جي ڊگهي مفاصلي جي ميزائل ۽ ڊرون حملي جي صلاحيت کي وڏو ڌڪ رسيو ۽ يوڪرين ثابت ڪيو ته هو هاڻ صرف دفاع ۾ نه، پر حملي ۾ به ماھر ٿي چڪو آهي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي هن آپريشن کي “بلڪل شاندار نتيجي” وارو قرار ڏنو ۽ ان کي ملڪ جي دفاع جو حصو قرار ڏنو. ٻئي پاسي، روس ان کي “دهشتگردي” سڏيو ۽ چيو ته ڪجهه حملا ناڪام بڻايا ويا هئا. اصل حقيقت ڇا آهي، اهو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو، پر هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهون ٿا ته هن آپريشن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. عام ماڻهن لاءِ هي خبر شايد حيران ڪندڙ هجي، پر جنگ ۾ شامل ڌرين لاءِ هي هڪ نئون چئلينج آهي.
آپريشن اسپائيڊر ويب رڳو هڪ فوجي ڪارروائي نه آهي، پر جنگ جي بدلجندڙ رخ جي عڪاسي به آهي. هاڻ ڊرون رڳو جاسوسي لاءِ استعمال نٿا ٿين، پر دشمن جي علائقن تائين پهچي ان کي نقصان به پهچائي سگهن ٿا. يوڪرين لاءِ هي فتح جو لمحو آهي. جڏهن ته روس لاءِ هڪ اهڙو ڌڪ، جيڪو کيس سالن تائين ياد رهندو. اسان جهڙا عام ماڻهو سوچين ٿا ته هي جنگ آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڇا هي آپريشن امن طرف هڪ قدم آهي يا وڌيڪ تباهي جو آغاز؟
هن آپريشن مان ھڪ ڳالھه ته واضح آھي ته ٽيڪنالاجي ڪيتري تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، جيڪي شيون ڪالهه سائنس فڪشن فلمن ۾ ڏسبيون هيون، اهي اڄ حقيقت بڻجي ويون آهن، پر ان سان گڏ هي سوال به پيدا ٿئي ٿو ته هيءَ جنگ ڪهڙي انجام تي پهچندي؟ ڇا ٻئي ڌريون هڪٻئي کي تباھ ڪري آخرڪار ٿڪجي پونديون يا ڪو سياسي حل نڪرندو؟ في الحال ته اسين رڳو ڏسي سگهون ٿا ته يوڪرين جيڪو ڄار وڇايو آھي روس ان ۾ ڪيترو ڦاسي سگهي ٿو.