اسلام آباد ۾ هڪ نوجوان ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جنهن جي عمر 17 سال هئي ۽ ٽڪ ٽاڪ تي سندس لڳ ڀڳ 8 لک ۽ انسٽاگرام تي 5 لک فالوئر هئا. سندس تعلق پاڪستان جي اترئين علائقي چترال سان هو، اتان جا ماڻهو تمام خوبصورت ۽ پنهنجن روين ۾ آزاد ۽ ترقي پسند پڻ آهن.
ثنا يوسف جو قتل پاڪستان ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ جو نه پهريون قتل آهي ۽ نه وري ڪنهن ڇوڪريءَ جو آخري قتل آهي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان لڳاتار انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي، جتي عورت جيڪا آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهي، پنهنجن گهرن ۾، آفيسن ۾، پنهنجي ارد گرد جي ماحول ۾ يا ايئن کڻي چئجي ته پوري سماج ۾ غير محفوظ آهي. غيرت جي نالي تي عورت جو قتل تمام گهڻو آسان آهي ۽ ثنا يوسف به نالي ماتر غيرت جي نالي تي قتل ڪئي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ نوجوان ڇوڪريون هجن يا ڇوڪرا سندن مستقبل جي لاءِ صوبائي يا وفاقي حڪومتون ڪي تڪڙا ۽ لاڀائتا قدم کڻي معاشري ۾ انهن جي منجهيل ذهنن کي ڪنهن دڳ لائڻ جي لاءِ ڪابه منظم منصوبابندي نه ڪري رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان بيچيني ۽ فرسٽريشن جو شڪار هجڻ جي ڪري مختلف طريقن سان غلط قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجون زندگيون تباهه ڪري ويهن ٿا.
هن بدلجندڙ دنيا ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هن ملڪ ۾ نه مڪمل ۽ سٺي تعليم ملي ٿي ۽ نه ئي کين ڪو سٺو روزگار جو ذريعو مهيا آهي اتي سوشل ميڊيا نوجوانن کي هڪ اهڙو سهارو ڏنو آهي، جتي هو پنهنجن جذبن جو اظهار پنهنجي طريقي سان ڪري پنهنجو پاڻ کي خوش به ڪري سگهن ٿا، دنيا جي اڳيان پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو به ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ مالي فائدا به حاصل ڪري رهيا آهن. ثنا يوسف به ٽڪ ٽاڪ تي ٽڪ ٽاڪر بڻجي ڪم ڪري رهي هئي، جيڪو نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. سندس خوبصورتيءَ ۽ سندس ٺاهيل وڊيوز کيس لکين ماڻهن تائين پهچايو ۽ هوءَ ان مان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ خوشيون حاصل ڪرڻ لڳي، اتي سندس خاندان جو ڪو حاسد ڇوڪرو جيڪو کيس پسند ڪندو هو ۽ ساڻس تعلق ۾ اچڻ چاهيائين ٿي يا شادي ڪرڻ ٿي گهري، پر ثنا جي مسلسل انڪار ۽ نظر انداز ڪرڻ تي هن کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ کانئس جيئڻ جو حق ڦري ورتو.
اسان وٽ ڪيترائي اهڙا واقعا تاريخ ۾ درج ٿيل آهن، جتي پرڏيهه ۾ رهيل والدين پنهنجين نياڻين کي اتي پنهنجي پسند سان زندگي گذارڻ جي سزا ڏيڻ جي لاءِ واپس پاڪستان وٺي آيا آهن ۽ پنهنجن هٿن سان پنهنجين پيارين نياڻين کي هتي قتل ڪري وري ڏاڍي اطمينان سان پرڏيهه موٽي ويا آهن. لڳي ٿو پاڪستان ڇوڪرين جي لاءِ قتل گاهه بڻجي ويو آهي. جڏهن صبح جو ناشتي جي وقت اخبار کولجي ٿي ته پهرين صفحي تي ڪنهن نه ڪنهن نوجوان ناريءَ جي قتل ٿيل تصوير نظر اچي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن تبديل ٿيندو، حالتون ڪيئن عورتن جي حق ۾ وينديون جو ناريون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذاري سگهن ۽ ڪير به کين هٿ لائڻ جي همت نه ڪري، ان جي لاءِ يقينن رياست کي اڳتي اچڻو پوندو، قانون سازي ڪرڻي پوندي.
ايئن به ناهي ته عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ٿيل ناهي، پر قانون تي جيستائين عمل نٿو ٿئي تيستائين قانون صرف قانون جي ڪتابن ۾ درج ٿيل ڪجهه لفظ آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عورت جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي ايف آءِ آر درج ٿيڻ کان وٺي تحفظ ڏيڻ شروع ڪندا آهن، جنهن جي ڪري سندن قتل جو ڪيس عدالتن ۾ پهچڻ تائين تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هوندو آهي ۽ آخر ۾ قاتل باعزت بري ٿي، وري ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ کي قتل ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندو آهي. اسان جو سماج ايترو ته ظالم آهي جو اسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق کي به محسوس ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهيون. اسان وٽ ڪيترائي آواز مقتول جي خلاف اٿن ٿا ۽ قاتل جي حق ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.
جڏهن ڪا ڇوڪري جديد فيشن جا ڪپڙا پائي ٻاهر نڪري ٿي ۽ قتل ٿي وڃي ٿي ته سندس لباس کي ڏوهه ڏنو وڃي ٿو ته هن اهڙا ڪپڙا ڇو پاتا جو قتل ٿي وئي، جڏهن ڪا عورت رات جو دير سان ڪنهن سنسان روڊ تان لگهندي ريپ ٿي وڃي ٿي ته ان جو ڏوهه به عورت کي ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ڪا ڇوڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجون وڊيو رکڻ کانپوءِ مشهور ٿي وڃي ٿي ۽ قدرت جي ڏنل خوبصورتيءَ جي ڪري سڀني جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي ٿي ته سندس خوبصورتي کي ۽ سندس صلاحيتن کي ڏوهه ڏنو وڃي ٿو ته هن اهي وڊيو ٺاهي ڇو رکيون، جڏهن ته هوءَ هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي، کيس گهر ۾ ويهڻ کپندو هو. اسان کي پنهنجن اهـڙن روين کي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ضرورت آهي ان ڳالهه جي ته اسان جي گهر ۾ جيڪي ڇوڪرو ٻار پيدا ٿئي ٿو ان جي تربيت ڪيئن ڪئي وڃي، ان کي هڪ ماءُ، هڪ عورت جي يا هڪ ڀيڻ جي عزت ڪرڻ ڪيئن سيکاري ته جيئن اهو ٻار جڏهن معاشري ۾ ٻين عورتن سان اٿي ويهي ته هو انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي سگهي، سندن معاشرتي حقن کي قبول ڪري.
ان جي شروعات اسان کي پنهنجن گهرن مان ڪرڻي پوندي. قانون چاهي ڪيترا به ٺهي وڃن، پر شايد قانون انهن روين کي ختم نه ڪري سگهندا، جيڪي غلط تربيت جي ڪري وڌي ويجهي وڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ان ۾ ڪا معصوم جان ڦاسي پنهنجي قيمتي زندگي وڃائي ويهي رهي ٿي.