حصو ٻيون : ترجمي جو فن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل علم ۽ ادب جو مطالعو : ذوالفقار علي جلباڻي
”هيءُ ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾ لکيل هو ۽ سن 613 هجري ڌاري ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو.“ مقدمو: 1. هن ڪتاب جي تاريخي حيثيت جو پتو مطالعي کانپوءِ ئي ٿئي ٿو ته هن ڪتاب کي ڪيڏي محنت ۽ قابليت سان لکيو ويو آهي، انهيءَ اهميت کي ڏسندي هن ڪتاب کي انگريزي ۽ فارسي زبانن ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ جيڪو ترجمو ڪيو ويو سو فارسيءَ ٻوليءَ جي بدولت ٿيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پهرين نشست ۾ ڪيل واعدي کي نڀائيندي اهو علمي ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ پوءِ وري هڪ ٻئي ڪتاب ”تاريخ معصومي“ کي ترجمو ڪرايو ويو. اسان جي مطالعي هيٺ مذڪوره ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سن 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي سو سامهون آهي. مذڪوره ڪتاب ٽي سئو ٻٽيهن صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت هڪ سئو اسي رپيا 180 رکي وئي آهي. مذڪوره ڪتاب به سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. هي تاريخ جو ڪتاب ”چچ نامه“ کانپوءِ نه رڳو سنڌ جي تاريخ جو اهم ترين باب کولي ٿو ۽ ”اهم ترين دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، پر چچ نامي کانپوءِ محققن ۽ عالمن جي مطالعي جو مرڪز به رهيو آهي.“ (ڇپائيندڙ پاران: 2006)، مذڪوره ترجمي بابت مترجم، مخدوم امير احمد لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ترجمي متعلق ڪجھ وضاحت ضروري آهي. ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان ترجمي ڪرڻ جا ٽي نمونا ٿي سگهن ٿا: هڪ بلڪل لفظ به لفظ ترجمو، هيءُ طريقو اڄڪلھ نا مقبول آهي. ٻيو صفا آزاد ترجمو، جنهن ۾ رڳو ڪتاب جو مضمون پيش ڪيو وڃي، باقي ٻيو خير، ٽيون آهي اهڙو ترجمو جنهن ۾ وچيون رستو ورتو وڃي، نه بلڪل تحت لفظي ترجمو ڪجي نه بلڪل آزاد، اسان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صلاح سان اهو پويون طريقو اختيار ڪيو آهي، جو اسان جي خيال ۾ ترجمي لاءِ بهترين طريقو آهي.“ (مخدوم: 2006، 6)، هيءُ ڪتاب اصل ۾ فارسيءَ ۾ لکيل آهي. ”هن تاريخي ڪتاب جو مورخ مغل دور جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽ مغل سرڪار جو سياستدان سيد نظام الدين محمد معصوم عرف ”مير معصوم بکري“ آهي، جنهن هيءَ تاريخ اصل فارسي ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ 1009ھ ڌاري لکي تيار ڪئي.“ (اعجاز احمد منگي- سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ: ڇپائيندڙ پاران)، هن ڪتاب جي فهرست ۾ جيڪي عنوان رکيل آهن تن ۾ تمهيد، مترجم طرفان ديباچو، مصنف مير محمد معصوم جي حياتيءَ جو مختصر احوال ۽ تاريخ معصومي جي اهميت، ان جي تاليف جو سبب ۽ تاريخ کانپوءِ، ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ پهريون احوال سنڌ جي فتح بابت ۽ وليد بن عبدالمالڪ جي خلافت کان شروع ڪيل آهي. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ ڪل ڇھ عنوان رکيل آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڀاڱو ٻيو، جنهن ۾ ٽيانوي عنوان رکيل آهن ۽ ڪتاب جي آخر ۾ عنوان نمبر (104) ۾ توضيحات، تعليقات ۽ استدراڪات ۽ اهڙي طرح عنوان نمبر (105) ۾ حواشي ۾ استعمال ڪيل ڪتابن جي فهرست (ع-م)، عنوان نمبر (106) جي سري هيٺ (الف) عربي فارسي ٽيويهن مددي ڪتابن جي فهرست ۽ عنوان نمبر (107) جي (ب) ۾ تيرنهن انگريزي ڪتاب ۽ اهڙي نموني عنوان نمبر (108) ۾ ڪتاب جي ڏسڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ مختلف ماڻهن جي نالن جي فهرست ڏنل آهي. اهڙي طرح سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ڪيل قول کي پورو ڪندي، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي پهرين نشست جي شروعات کي مثبت نموني پنهنجي ڪيل فيصلي جي تڪميل تائين رسايو. سنڌي ادبي بورڊ جو جيڪو منشور آهي انهيءَ جي پاس خاطري ۽ ڀرم لاءِ هر لحاظ کان ڪوششون جاري آهن. ”سنڌ جي تاريخ نويسي چچ نامي کان شروع ٿئي ٿي ۽ ”لب تاريخ سنڌ“ تي ختم ٿئي ٿي.“ (لاکو: 2009: 37)، هن بورڊ پاران عربي، فارسي تان ڪيترائي ڪتاب ترجما ٿي رهيا ۽ ٻئي طرف انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جو تخليقي ۽ تاريخي، سائنسي ۽ مذهبي قسم جا ڪتاب وافر مقدار ۾ شايع ٿي رهيا آهن. رچرڊ برٽن جي ڪتابن جا ترجما ڪرايا ويا آهن ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي نامور مفڪر علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جو ڪتاب ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ (2005ع) ۾، محترم سومار علي سومرو جي معرفت ترجمو ڪري شايع ڪرايو ويو آهي. هي هڪ سئو ٻائيتاليهن صفحن جو ڪتاب اصل ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾Adventures of the Brown girl In her search for God تان ترجمو ڪيو ويو آهي جيڪو سمورو فڪري نقطن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو اسان جي سامهون آهي، جنهن جي قيمت پنجهٺ (65) رپيا رکيل آهي. ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برناڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحريرAdventures of the Block Girl In her search for God جي جواب ۾ لکيل هڪ اهڙو فڪري نقطن تي آڌاريل ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادراڪ ۽ بي مثال تدبر ۾ ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بڻيو رهندو… علامه صاحب انهيءَ تصورن تي تنقيد ڪندي انساني سماج جي سماجياتي، سياسي ۽ روحاني تاريخ جو تذڪرو ڪندي روحاني پاڪيزگي ۽ ذهني پڪائي لاءِ هڪ صحتمند مذهب کي لازمي قرار ڏئي ٿو.“ (انعام الله شيخ- سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ: ڇپائيندڙ پاران)، علامه آءِ. آءِ قاضي سنڌ جي هڪ ذهين شخصيت هئي جنهن وٽ عقل، علم ۽ معلومات جو وڏو خزانو موجود هو. پاڻ مشرقي ۽ مغربي علمن جو ڄاڻو ۽ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي شين جي پرک ادراڪ سان ڪندڙ هو، انهن خوبين ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبوليت ماڻيائين. مذڪوره ڪتاب ۾ جيڪا معلومات ڏنل آهي، تنهن مشرق ۽ مغرب وارن کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو. ”هيءُ ڪتاب، جيڪو ”مسٽر شا“ جي انهيءَ ڪتاب جو هڪ مسلمان مفڪر جي طرفان جواب آهي، جيڪو سڀ کان اول ”ڪانسٽيبل اينڊ ڪمپني لميٽيڊ (لنڊن) طرفان ڪاري ڇوڪريءَ جا خدا جي ڳولا لاءِ ”ڏاکڙا“ جي نالي سان سن 1932ع جي آخر ۾ شايع ڪيو ويو هو.“ ان کانپوءِ وري اهوئي ڪتاب پينگئن بُڪس لميٽيڊ طرفان ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو آهي ۽ ساڻ ئي ڪجھ ٻيون ننڍيون ڪهاڻيون به شامل ڪيل آهن، مسٽر ۽ مسز آءِ. آءِ قاضيءَ ”ڀوري ڇوڪري جا ڏاکڙا“ سن 1933ع ۾ ”مسٽر شا“ جي ڪتاب جي جواب ۾ شايع ڪيو.“ (اي. ڪي بروهي: ڪتاب جو تعارف: 2005: 1)، سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ڪمن تي پڪا پوڙها توڙي نوجوان شاگرد، استاد، عالم، اديب، ڏاها، مورخ، محقق ۽ نقاد علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ فخر ڪري انهيءَ جي ڪيل شاندار خدمتن ۽ ڪمن جا مثال ڏئي پنهنجو ڪنڌ اوچو ڪري سگهن ٿا ته هن بورڊ ڪيترن ئي اڃارن جي علمي اڃ اجهائي آهي. اسان وٽ هڪ ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ از: جيمس برنس جو لکيل آهي، جنهن تان سنڌي ترجمو مرحوم محمد حنيف صديقي ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب ڇوٿون ڇاپو (1989ع) جو اسان جي اڀياس هيٺ آهي جيڪو 198 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جيمس برنس جي مشهور انگريزي ڪتابA Narrative of a Visit to the Court of Sindh: A Sketch of the Histry of Cutch جو سنڌي ترجمو آهي. اصل ڪتاب سال 1831ع ۾ انگلينڊ ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جي ترجمي جو ڪم محترم محمد حنيف صديقي صاحب سرانجام ڏنو آهي. صاحب موصوف کي بورڊ هن سان گڏ ساڳئي سلسلي جي ٻين ٻن تاريخي ڪتابنSindh And the Aaces that Inhabit the Valley of the Indus سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“ از: رچرڊ برٽن: ۽Travels in Baluchistan and Sindh سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر ”(از: هينري پاٽنجر) جي ترجمي (جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي)، جو ڪم سونپيو هو.“ (پيش لفظ: 1989، سيڪريٽري سنڌي دبي بورڊ)، سنڌ جي درٻار هڪ لاجواب ڪتاب آهي جنهن ۾ جيڪي عنوان رکيل آهن: تمهيدي خط، سنڌ جي درٻار جو احوال، سڪندر جي رستي تي تبصرو ان کانپوءِ وري ڪڇ جي تاريخ واري عنوان ۾: تمهيدي قبل مقال، فصل 1، انگريزن جي اچڻ کان اڳ، ڪڇ جي مختصر تاريخ جو تمهيدي احوال، فصل 2، انگريزن جي لاڳاپي جي شروعات کان وٺي 1816ع جي عهد نامي تائين. فصل 3، 1816ع جي عهد نامي کان وٺي 1819ع جي عهد نامي تائين پڄاڻي. اهڙي نموني هن ڪتاب ۾ ڀڄ جو احوال عنوان ۾ ممبئيءَ جي طبعي محڪمي جي سيڪريٽريءَ ڏانهن خط ۽ طبعي نقطهءِ نظر کان ڀڄ جو احوال تي ڪتاب جي پڄاڻي ڪئي وئي آهي. اسان هتي هيٺ هڪ سنڌي ترجمي جو ذڪر ڪريون ٿا جنهن جو سنڌي ترجمو آهي ”سنڌ جي فتح“ (ڀاڱو پهريون)، از: ميجر جرنل ڊبليو. ايف. پي نيپيئر، هن ڪتاب جو سنڌيڪار آهي، محترم سومار علي سومرو. اسان وٽ مذڪوره ڪتاب جو (2007ع) وارو ٻيو ڇاپو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇھ باب رکيل آهن ۽ ڪتاب جي آخر ۾ باب-1 جو ضميمو: ڀاڱو پهريون: افغانستان جي جنگ متعلق سر چارلس نيپيئر جي خانگي خطن مان ٻه اقتباسات، جيڪي 206 صفحي کان شروع ٿين ٿا. ڀاڱو ٻيو: هندستاني فوج جي معاملن سان واسطو رکندڙ هڪ اقتباسات. ڀاڱو ٽيون: سرسي- نيپيئر جي هڪ خانگي خط جو هڪ اقتباس، اهڙي طرح باب- 4 جو ضميمو، باب- 6 جو ضميمو جنهن ۾ ڀاڱو پهريون: جنگ لاءِ نفرت هئڻ بابت، سرسي- نيپيئر جي ٽن خيالن جو اقتباس. ڀاڱو ٻيو: سرسي- نيپيئر طرفان امير رستم ڏانهن اختيار ڪيل روش، سرسي- نيپيئر طرفان ميجر آٽو رام ڏانهن خط اهڙي طرح مذڪوره ڪتاب ۾ مير علي مراد طرفان سر چارلس نيپيئر کي، 9 آڪٽوبر سن 1843ع تي لکيل خط جو ٽڪرو. گورنمينٽ آف انڊيا جي سيڪريٽري جو 30 آگسٽ سن 1843ع تي نوٽ. مير رستم ۽ مير علي مراد جي درميان ٿيل معاملي بازيءَ جي قانوني اثر جي باري ۾ سوال ۽ جواب. هن ڪتاب جي ڀاڱي ٽئين ۾ ص: 227 سر چارلس نيپيئر جا سندس ۽ ميجر آٽو رام جي وچ ۾ ٿيل گفتگوئن بابت رمارڪ ۽ تبصرا… اهڙيءَ طرح ٻه سئو چاليھ صفحن جو ڪتاب ڪيتري ئي معلومات ڏيئي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾ سنڌي ادبي بورڊ ”ابن بطوطه جو سفر نامون: (سنڌ ۽ هندستان جي سفر متعلق) مدير و مرتب: عمر حسين الخشاب آهي ۽ سنڌي مترجم محمد ابراهيم عباسي آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران، مرزا قليچ بيگ جا ترجما ”عجيب ڳالهيون“ ڇاپو ٽيون (2007ع)، جنهن هڪ سئو ستاويھ آکاڻيون ترجمو ڪيل آهن ۽ انهيءَ کانسواءِ اسان جي سامهون هڪ ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب ”گلن جي ٽوڪري“ ڇاپو چوٿون (جون- 2005ع)، جنهن ۾ چوويھ باب ۽ چوويھ ڪهاڻيون ڏنل آهن. هي سمورو ڪتاب هڪ سئو اوڻهٺ صفحن تي مشتمل آهي. ”دنيا جا عظيم افسانا“ (گڏيل ڀاڱا) سنڌيڪار: رشيد ڀٽي (ڇاپو ٽيون، مئي 2005ع) ۾ شايع ٿيو، جيڪو اصل ڪتابThe World’s Greatest Short Stories تان ترجمو ٿيل آهي. جنهن ۾ پهريون افسانو ”چمي“ ۽ آخري افسانو ”پهرين اڏام“ ڏنل آهي. ٽيهن افسانن جي ليکڪن سميت ضميما ۾: سورهن افسانه نگارن جي حياتين جو مختصر احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب (464) صفحن تي مشتمل آهي. ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ مرتب: رئشل فيلڊ: مترجم: علي بخش ميمڻ، ڇاپو ٻيو: (2006ع)، هي ڪتاب آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون، آمريڪي فوڪ لورجي ڪتابAmerican Folk and Fairy Tales جو ترجمو آهي. جنهن ۾ ريڊ انڊين جون اٺ لوڪ ڪهاڻيون ۽ آمريڪي شيدين جون چار ڪهاڻيون، لوئيزينيا رياست جون ٻه لوڪ ڪهاڻيون، ٽوني بيور ۽ پال بنيان جون ٽي ڪهاڻيون ۽ اهڙي طرح آخر ۾: ڏاکڻي پهاڙي علائقي جون ٽي ڪهاڻيون ڏنل آهن. هي سمورو شاهڪار ڪتاب هڪ سئو ڇهانوي (196) صفحن تي مشتمل آهي.
”ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون“ (ٻارن لاءِ ديس ديس جون آکاڻيون)، مترجم: مراد علي مرزا هي ننڍڙو هڪ سئو اٺاويھ صفحن جو ڪتاب آهي جنهن ۾ انڊونيشيا، ايران، بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان، ٿائلينڊ، جاپان، فلپائن، سريلنڪا، سينگاپور، کمير، ڪوريا، الائوس، ملائيشيا، نيپال ۽ ويٽنام جي آکاڻين جو ترجمو ڪيو ويو آهي. ”هن ڪتاب ۾ ڏور ايشيا، ڏور اوڀر ايشيا ۽ ننڍي کنڊ سميت نار جي ملڪن سان لاڳاپيل تحريرن جو لاجواب ترجمو ڪري سنڌ جي نئين نسل کي جيڪو املھ تحفو آڇيو آهي، سو ايندڙ ڪئين ڏهاڪن تائين سنڌ جي نئين نسل جي لکين ذهنن ۽ دلين تي اثر انداز ٿيندو رهندو.“ (انعام الله شيخ: سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ: 2005، ڇپائيندڙ پاران)، هن ڪتاب جي پهرين آکاڻي ”چانور جي آکاڻي“ آهي ۽ هن ڪتاب جي آخري آکاڻي ”سوپاري ۽ پان جي ڪهاڻي“ آهي. هي سمورو ڪتاب ننڍڙين آکاڻين تي هڪ سئو اٺاويهن (128) صفحن تي مشتمل آهي. وحشِي جِيوَتَ جا نشان: هاورڊ موئرڊ جيSavage Survivals جو سنڌي ترجمو: از محمد ابراهيم جويو، ڇاپو ٻيو (1994ع)، شايع ٿيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: ”هڪڙو ڪتاب جيڪو مون 1938ع ۾ پڙهيو، سو هيءُ زير نظر ڪتاب جي هاوورڊ مُوئر جوSavage Survivals ”وحشي جيوت جا نشان“ هو، جيڪو ان ڪتابي سلسلي جو 36 نمبر ڪتاب هو. ٻين ڪتابن سان گڏ گهڻو پوءِ، 1947ع ۾ هن جو ٻيو ڪتاب، ايل. ٽي. هاب هائوس جوThe Rational Good نيڪيءَ جي معقول سمجهاڻي، جيڪو ان سلسلي جو 113 ڪتاب هو، پڻ پڙهيم. هنن ٻنهي ڪتابن منهنجي دل تي اخلاقيات جي بنيادي سوالن جي سمجهاڻيءَ جي سلسلي ۾ بيحد گهرو اثر پيدا ڪيو. خاص طرحSavage Survivals جنهن جو ترجمو لائق پڙهندڙن جي اڳيان موجود آهي، انسان جي انسان بڻجڻ، يعني انسان حيوان مان انسان ڪيئن ٿيو.“ (جويو: 1994، 7)، هي سمورو ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرين ۾ جيڪي عنوان رکيل آهن، تن ۾ پاليل جانورن جو اصل نسل، 1. پنجن سبقن جو هڪ ننڍڙو ڪتاب 2. پاليل ۽ جهنگلي جانور 3. ڪتو 4. ٻلي 5. گهوڙو 6. گڏھ ۽ خچر 7. مال (ڳائو ۽ ماهيو)، 8. رڍون ۽ ٻڪريون 9. سوئر 10. وڏو هرڻ 11. اُٺ 12. هاٿي 13. پاليل پکي 14. پاليل جيت 15. اختصار ۽ نتيجو. اهڙِيءَ طرح باب ٻيو: هن باب جو مکيه عنوان آهي: ”پاليل جانورن ۾ وحشي جيوت جا نشان“ هن باب ۾ ڪل ننڍا ننڍا پندرهن عنوان ڏنل آهن. باب ٽيون: هن باب ۾ مکيه عنوان آهي: ”مٿينءَ سطح جي ماڻهن (قومن) جو حسب نسب“ ۽ پڻ هن باب ۾ ٻيا ننڍا پندرهن عنوان آهن. باب چوٿون: ”مٿينءَ سطح جي ماڻهن ۾ وحشي جيوت جا باقي نشان“ اهم عنوان آهي ۽ هن عنوان هيٺ ٻيا ننڍا ڏھ عنوان رکيا ويا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي پنجين ۽ آخري باب جو مکيه عنوان آهي: ”مٿينءَ سطح جي ماڻهن ۾ وحشي جيوت جا باقي نشان“ (هلندڙ) هن باب هيٺ اٺ ننڍا عنوان ڏنل آهن. ٻئي طرف وري هن ڪتاب ۾ تصويرن جي فهرست الڳ ڏني وئي آهي، جنهن جي سري هيٺ ستاويھ تصويرون ڏنل آهن. اهي تصويرون مختلف جانورن جون آهن ۽ انهن تصويرن کي ڏسڻ سان ڀلائي ۽ خرابي جو تصور اڀري اچي ٿو. هي سمورو ڪتاب ٻه سئو چوويھن صفحن جو هڪ بهترين ۽ معلوماتي ڪتاب آهي، جيڪو مختلف جانورن، پکين، جيتن ۽ انسانن جي قسمن ۽ عادتن کي ذڪر هيٺ آڻي تن جي قسمن، عادتن ۽ آوازن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتي ۽ ٻلين جا قسم، عادتون ۽ وفادارين جو تذڪرو ڪيو ويو آهي تهڙي طرح گهوڙي جي اصل نسل جي به وضاحت ڪئي وئي آهي. گڏھ ۽ خچر کي سئوٽ چيو ويو آهي. ”گڏھ ۽ گهوڙو جڏهن پاڻ ۾ لڳ ڪندا آهن ته خچر پيدا ٿيندو آهي، خچر ۾ پنهنجي ذات کي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت بلڪل ڪانهي… خچر، گڏھ ۽ گهوڙي جو اولاد آهي.“ (جويو: 1994، 21)، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي جانورن جي عضون ۽ خصلتن بابت پڻ ٻڌايو ويو آهي، هن ڪتاب مان اهڙي قسم جي معلومات حاصل ڪري، ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته مترجم ڀلي چونڊ ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم اضافو ڪيو آهي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مترجم ڪتاب جي اصل مواد کان متاثر ٿي، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ لاڀائتي ڪم جو اضافو ڪري هڪ اهم علمي قدم ڏانهن وک وڌائي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي قومن ۽ قبيلن جي اصل نسل کي به بيان ڪيو ويو آهي ته اهي قومون بنيادي طور ڇا هيون ۽ هن وقت ڇا آهن؟ خصوصن انگريزي، فرينچ، اطالوي، اڄوڪا يوناني وغيره بابت معلومات ڏني وئي آهي. بهرحال انساني اوسر کان وٺي، وحشي ماڻهن جي ڌنڌن، وحشي ماڻهن جي طبيعت، وحشي ماڻهن جي سمجھ، وحشي ماڻهن جا اخلاقي خيال ۽ ماڻهن جي سماجي فطرت، هن ڪتاب جا اهم موضوع آهن، جن تي بحث ٿيل آهي.
هتي اسان ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جي هڪ ڪتاب جو به ذڪر ڪنداسين. ڊاڪٽر صاحبه جون سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾ شاندار ڪاوشون آهن. هتي سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ اسان وٽ موجود آهي، جيڪو ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (2010ع) وارو آهي. دراصل هي ڪتاب انگريزيThe penguin Book of Women Poets تان ترجمو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي (87) شاعرائن جي ڪلام مان چونڊ ڪري تن جي ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي جن ۾ مصر، يونان، روم، چين، هندستان، تامل، آئرلينڊ، انگلينڊ، عربستان، بزنطيني، جاپان، اسپين، فرانس، اٽلي، ترڪي، ڪوريا، ميڪسيڪو، سوئيڊن، روس، فنلينڊ، ڪيوبا، آمريڪا، ڊينمارڪ، اسرائيل، ايران، تائيوان، ڪوريا، موراڪو، آئوري ڪوسٽ، يوروگوئيءَ، چلي ۽ پيرو جي شاعرائن جي ڪلام کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انهن شاعرائن جي خيالن کان واقف ڪرايو ويو آهي ته دنيا جي عورتن جون تخليقون ڪهڙي سوچ کي ظاهر ڪن ٿيون، اُهي ڳالهيون انهن جي ڪلام مان سمجهي سگهجن ٿيون. هي سمورو ڪتاب ٻه سئو اٺن صفحن (208) تي مشتمل آهي جيڪو عالمي ادب جو حصو آهي. اسان ڊاڪٽر فهميده حسين جي معرفت انهن جي ڪلام سان روشناس ٿياسون. اسان هت هڪ ٻئي ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ جو ذڪر ڪريون ٿا. هي اوائلي ڪتابن مان هڪ آهي، جنهن کي ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي سنڌيءَ جو ويس ڍڪايو آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو اسان جي آڏو آهي، جيڪو آگسٽ 2005ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت پنجيتاليھ 45 رپيا آهي ۽ هي سمورو ڪتاب هڪ سئو ايڪاسي صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سترهن آکاڻيون موجود آهن، جيڪي مختلف جانورن، وڻن، ٻوٽن ۽ انسانن بابت آهن. پهرين آکاڻي جو عنوان آهي: ”گدڙ ۽ ڊاک“ ۽ ڪتاب جي آخري آکاڻي بازيگر ۽ ڳوٺاڻي بابت آهي. هن ڪتاب جون آکاڻيون ڪنهن نه ڪنهن نصيحت تي آڌاريل آهن ۽ انهن نصيحتن مان انسان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. اسان مٿي ڪن تاريخي ڪتابن جي ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اڃان به ڪن بهترين شاهڪار ڪتابن جا ترجما ٿيا جن ۾: ”لُبِ تاريخ سنڌ“ تاليف: خان بهادر خدا داد خان (سال 1318ھ مطابق سال 1900ع)، تصحيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ هن ڪتاب جو سنڌي مترجم حافظ خير محمد اوحدي آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (1994ع) اسان جي زير مطالعه آهي. هي ڪتاب ٽي سئو ٽيهتر (373) صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان کانسواءِ ستٽيھ صفحا انگريزيءَ ۾ آهن. هي ڪتاب ٽن بابن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي اشاعت جي مقصد کان وٺي سمورو مواد تاريخي اهميت وارو آهي. سنڌ تي سنڌ نالو ڪيئن پيو، ان جون حدون ۽ سندس دارالحڪومت ۽ صوبن بابت معلومات ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي باب ٻئين ۾ سنڌ جي حڪمران گهراڻن جي طبقن بابت ٻڌايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ برهمڻ گهراڻي کان ٽالپر گهراڻي جي متعلق معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب جي ٽئين باب ۾ سنڌ جي گورنر سر چارلس نيپيئر کان شروعات ڪئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح انگريزن جي دور حڪومت جي ٻين عملدارن بابت معلومات پيش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ عنوان: ڪتاب جي پڄاڻي، ڪاتب طرفان اختتامي نوٽ، ڪتاب جي تصحيح ۽ ضميمو تي پورو ڪيو ويو آهي. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هن ڪتاب ۾ قيمتي معلومات ڏني وئي آهي جا ڪيترن ئي واقعن سان گڏ دلچسپي جو باعث بڻجي ٿي. سنڌ ۾ اعليٰ انسانن جي کوٽ ڪونهي جن کي علم سان پيار نه هجي. هن ڌرتيءَ پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي علمي گوهر پيدا ڪيا آهن نه ڪي اهڙا بي ڳڻا انسان جن ڌرتيءَ جي مانُ مرتبي کي لڄايو هجي، جن جو ڌرتي ڌڻين، ملڪ، شهرن، ڳوٺن، تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي ڪردارن سان پيار نه هجي. مون کي فخر آهي ۽ رهندو جن سنڌي زبان جي خزاني کي وڌايو ۽ اسان کي علمي معلومات ڏئي هڪڙي کوھ مان ٻاهر ڪڍي عالمي دنيا جي ماڻهن جي خيالن کان واقف ڪرائي وسيع ۽ ويڪري دنيا ڏيکاري. انهن مترجمن کي داد ڏجي ٿو، جن ٻين ٻولين مان ترجما ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ نوان نوان علم ۽ نيون نيون ڳالهيون ۽ نوان خيال ۽ نيون نيون سوچون ڏئي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ کي سگهارو ڪري نئين نسل ۾ علمي ساڃاهه پيدا ڪرائڻ جا گس ٻڌايا آهن تن عظيم ڪردارن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪونه آهن جو انهن جي شان ۾ چئي سگهان! جناب سومار علي سومرو جو هڪ بهترين مترجم جي حيثيت ۾ نالو نروار ٿي اڳيان اچي ٿو، جنهن ميجر جنرل ڊبليو ايف پي نيپيئر جي ڪتاب عنوان: ”سنڌ جي فتح“ جي نالي سان پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو اسان جي مطالعي ۾ آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڀيرو (1984ع) ۾ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب چار سئو ستر (470) صفحن تي مشتمل آهي. اسان هڪ ٻئي مترجم جي ڪتاب ”رعيتي راڄ“ جو مطالعو ڪريون ٿا، جنهن اسان کي هڪ بهترين خيالن تي مشتمل ڪتاب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو آهي. دراصل هن ڪتاب جو اصل ليکڪ افلاطون آهي ۽ ان جو سنڌيڪار پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق ابڙو صاحب آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (نومبر 2006ع) ۾ شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب چار سئو ٻٽيهه (432) صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت هڪ سئو ستر 170 رپيا رکيل آهي. هي ڪتاب افلاطون جي جڳ مشهور انگريزي عنوانRepublic جو سنڌي ترجمو آهي. مترجم کي سلام آهي جو هنن اسان تي وڏا احسان ڪيا آهن جو اسان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هر قسم جي تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي علم و ادب سان روشناس ڪرايو آهي. اسان جي سنڌ جي قديم تاريخ، قديم آثارن جي هيٺ دفن ٿيل آهي. انگريزن انهيءَ آثارن بابت ڪيترو ئي ڪم ڪيو آهي. هڪ ڪتاب عطا محمد ڀنڀري مرحوم ”سنڌ جا قديم آثار“ جي عنوان سان، هينري ڪزنس جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻيو دفعو (آگسٽ 2004ع) ۾ ڇاپيو ويو آهي جيڪو اسان جي مطالعي هيٺ آهي. هي ڪتاب چار سئو ٻٽيھ صفحن تي مشتمل آهي. مذڪوره ڪتاب جي صفحي 325 کان سنڌ جي لڪل تاريخ جي اهڃاڻن ۽ آثارن جون اڻ لڀ تصويرون ڏنل آهن. ڪتاب جي آخري صفحي تي سنڌ جي سِڪَنَ جون تصويرون ڏنل آهن جيڪي ڌنڌليون ۽ ميريون نظر اچي رهيون آهن. هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ عطا محمد ڀنڀرو لکي ٿو ته: ”انگريزن جي دور ۾ نه ايتري روشني هئي ۽ نه وري اڄ جهڙيون سفري سهولتون موجود هيون، پر پوءِ به هڪ جاکوڙي جوان هينري ڪزنس سنڌ ۾ پري پري ڪُنڊن پاسن ۾ پهچي، اهڙن دڙن جي کوٽائي ڪئي، جتي پهچڻ ڏاڍو مشڪل هو. هن سڄي سنڌ جا دڙا ۽ ڀڙا گهمي، کوٽايون ڪريAntiquities of Sindh ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي هڪ معياري ڪتاب لکيو.“ (ڀنڀرو: 2004، 9) دل جي ڳالھ آهي ته اسان جي سنڌ جي تاريخ ته انهن دڙن، پڙن، ڪوٽن، قلعن ۽ قديم قبرستانن ۾ دفن ٿيل آهي ڪي کاهوڙي مڙس ئي انهن جي ساخت ۽ قدامت کي ڏسي اوسا پاسا جاچي، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب کي کوٽي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا. اسان کي صدق دل سان جي پنهنجي تاريخ سان عشق ۽ دلچسپي آهي ته انهن دفن ٿيل دڙن ۽ پڙن جا در کوٽي، تن ناياب اسمن تي عقابي نگاھ وجهي تاريخ جا پيرا کڻون جيڪي تاريخ ۽ تهذيب جا آثار انهن دڙن ۾ لڪل آهن تن جي اصليت کي سڃاڻي سنڌ جي عوام جي آڏو رکي دنيا کي محسوس ڪرايون ته اسان تاريخ رکندڙ قوم آهيون، جن جي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. قديم وسنديءَ وارا شهر به انهن جو حصو آهن، جتان تاريخ جا نقش چٽا ٿي بيهندا. اڄ اسان کي صحيح معلومات ڪونهي ته ماضي ۾ وينجهرو، محفوظه، ڀم جو ڀڙو، منصوره جي ڪهڙي حيثيت هئي؟ ڪڏهن آباد ۽ برباد ٿيا. ڪجھ ٽائيم کانپوءِ اگر انهن تي ڌيان نه ڌريو ويو ته اسان پنهنجي عظيم تهذيب ۽ ثقافت تان هٿ ڌوئي ويهنداسين. ڇاڪاڻ ته جهڙي طرح ڌارين جا قبضا ۽ للڪارون ٿي رهيون آهن ته اسان پنهنجي عظيم ماضي جو سرمايو پرزا پرزا ڪرائي ڇڏرائينداسين. سنڌ جو ڪوبه اهڙو علائقو نه آهي جتي قديم وسندين جا آثار نه ملندا هجن. ڀلي توهان ٿر، بر ۽ اروڙ ڏسو هزارين آثار ۽ اهڃاڻ اسان کي حيرت ڏياري ٿا ڇڏين ته اهڙي عظيم تهذيب جيڪا دڙن، ڀڙن جي هيٺيان لڪي ڇپي پئي آهي! اهي اسم ۽ آثار اسان جي سنڌ جي خوشحالي ۽ آباديءَ جي ساک ڀري رهيا آهن. سنڌ جي چپي چپي تي جيڪي قديم آثار موجود آهن تن جي هيٺيان سنڌ جي عظيم تهذيب تجلا ڏيئي رهي آهي، جيڪا سنڌ جي قدامت جي ساک ڀري رهي آهي. سنڌ ۾ هزارن سالن کان موجود جبلن جي غارن ۾ گرجا گهر، مندر، گرد وارا ۽ مسجدون ڇا جون علامتون آهن؟ امن، محبت، پيار، سلامتي اخوت ۽ ڀائيچاري جا مضبوط قلعا آهن. جتي انسانيت کي پيار ۽ امن جو درس ڏنو ويندو هو. ”سنڌ ۾ کنڊرن جي کوٽائي“ (1997ع) مذڪوره عنوان سان ڪتاب آهي، جنهن جو اصل ليکڪ اين. جي مجمدار آهي. ”هن سلسلي ۾ مجمدار جو ڪتاب Exploration in Sindh ”سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي“ وڏي اهميت رکي ٿو. (شوق: 1997، ٻه اکر)، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي بورڊ، سن 1997ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ بابت نهايت ئي اهم مفيد معلومات ڏنل آهي. مذڪوره ڪتاب جو ڇاپو ٽي سئو چئن صفحن تي مشتمل آهي. اسان هت هڪ ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“ جو ذڪر ڪريون ٿا جنهن جو (1993ع) وارو ڇاپو اسان وٽ موجود آهي. مذڪوره ڪتاب جو اصل ليکڪ: هينري پاٽنجر آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي ۽ سومار علي سومرو ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب پنج سئو ٻن صفحن تي مشتمل آهي. ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر هن ڪتاب ۾ جاگرافي ۽ تاريخ جو احوال چڱي طرح سان ذڪر هيٺ آندو آهي. سنڌ جي تاريخ بابت عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ چڱي تعداد ۾ ڪتاب ملن ٿا، ”تاريخ طاهري“ (ٺٽي جي تاريخ) به هڪ اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو اصل ليکڪ آهي سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي ۽ سنڌي مترجم آهي نياز همايوني. هن ڪتاب جو تصحيح ڪندڙ، سنڌ جو ناميارو عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. اسان جي اڀياس ۾ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو (1995ع)، وارو موجود آهي. هن سموري ڪتاب کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ حواشي ۽ تعلقات، حوالا ۽ متعلقات ڏسڻي ۽ آخر ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. هي ڪتاب چار سئو ستٽيھ صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ اوڻٽيھ صفحا پڻ لکيل آهن، جيڪي ڪتاب جي علمي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، محترم حبيب الله صديقي مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ پنهنجي پنهنجي اهميت جا حامل آهن. سورهين ۽ سترهين صديءَ جي حالات مطابق ”تاريخ بلد ته تحت المعروف به: تاريخ طاهري“ انهيءَ ڪري نمايان آهي جو ان جو تاريخي واقعات کي قصا خوانيءَ جي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.“ (صديقي: 1995ع، پيش لفظ)، اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي بورڊ جون ترجمن واري شعبي ۾ نمايان خدمتون نظر اچن ٿيون. هن اداري پاران هر طرح نثر ۽ نظم جا علمي، ادبي ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا ويا آهن جن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. اسان هتي هڪ ڪتاب ”گِرم جون آکاڻيون“ جو ذڪر ڪريون ٿا، هن ڪتاب جو مترجم: خانصاحب مريد علي آهي، جيڪو اصل ڪتابGrimm’s Fairy Tales تان ترجمو ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو پنجون ڇاپو (آگسٽ- 2005ع) ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت پنجاھ رپيا رکيل آهي. هي ڪتاب هڪ سئو پنجانوي صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل اوڻيھ (19)، آکاڻيون ڏنل آهن. هن ڪتاب جي پهرين آکاڻي ”ڇھ نوڪر“ ۽ ڪتاب جي آخري آکاڻي ”ٻارهن ڀائر“ آهي. هن سموري ڪتاب جون ڪهاڻيون نصيحت ڀريون ۽ سهڻي ٻوليءَ ۾ تخليقي ادب سان سينگاريل آهن، يعني ٻولي ۽ آکاڻيون دلچسپ نوع ۾ پنهنجا جلوا ڏيکاري رهيون آهن، جيڪي دل کي وڻن ٿيون ۽ دماغ کي سُڪون ڏين ٿيون. سنڌي مترجم جي اهڙي ڪم کي داد ڏجي ٿو، جنهن ترجمي وارو درست حق ادا ڪيو آهي.
سن 1936ع ۾ سنڌ، ممبئيءَ سرڪار کان هڪ الڳ صوبي جي حيثيت ۾ جدا ٿي. ٻنهي دورن ۾ انگريزيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمي ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو ته جيئن عام ماڻهو انهن قاعدن قانونن کان سندن پنهنجي ٻوليءَ ۾ واقف ٿين ۽ انتظام رکڻ ۾ سولائي ٿئي. اُن لاءِ باقاعدي سنڌي مترجمSindhi translator جي آسامي ۽ آفيس قائم ڪئي ويئي.“ (الانا: 2006: 320) ايئن به نه هو ته هتي ڪا علم ۽ ادب جي سڃ لڳي پئي هئي ۽ انگريزن اچي اُن کي آباد ڪيو. برصغير ۾ هر قسم جو فڪر ۽ علمي، ادبي خزانو وافر مقدار ۾ موجود هو ۽ آهي، هي تخليقي سر زمين آهي. هتي هر قسم جا علمي ۽ ادبي، مذهبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي علوم ۽ فن موجود هئا، ”پر اسان وٽ پوءِ به تلسي داس، ڪالي داس ۽ سنڌي درويشن جي پنهنجي تعليمات سان گڏ يوناني، رومي ۽ انگريزي روايتون به آيون: جو اسان ماضي قريب ۾ مڪاني زبانن کان وڌيڪ انگريزي ڏانهن توجھ ڏنو. يونانين وٽان اسان کي تمام گهڻو مواد ته فلسفي جو مليو، جيڪو انگريزي زبان جي وسيلي اسان حاصل ڪيو. يوناني ڏاهپ کي پسند ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت هنن جي فڪر ۾ استدلال، منطق ۽ علم ڪلام گهڻي ڀاڱي موجود آهي، جنهن مان اسان پنهنجي افساني توڙي ناٽڪ کي منطقي بنياد تي لکي سگهون.“ (الهداد ٻوهيو: 2013ع، 66) …(هلندڙ)…

