طوطا مستقبل جي واقعن بابت اندازو لڳائي وٺن ٿا: تحقيق
سائي رنگ جا طوطا اڪثر گهرن ۾ ملندا آهن ۽ اهي طوطا ماڻهن جي زبان به آسانيءَ سان سکي ويندا آهي. ان حوالي سان ماهرن هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ معلوم ٿيو آهي ته طوطي جا جينز انسانن جي ڀيٽ ۾ تيز هوندا آهن ۽ طوطا هميشه اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪو کين ڏکيو لڳندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته طوطي جي ڇهين حس وڌيڪ ڪم ڪندي آهي ۽ انهن جي سونگھڻ جي حس انسانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز ڪم ڪندي آهي، جنهن سبب هنن جي نڪ ۾ موجود آلفيڪٽري گلينڊز موجود هوندا آهن. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ماڻهو طوطا جهنگ مان جهلي گهرن ۾ پاليندا آهن، طوطا ميوو کائيندا آهن. ان کان سواءِ طوطا مستقبل جي واقعن بابت اندازو لڳائي وٺندا آهن.

