برطانيه ۾ ڪورونا وائرس جو نئون قسم سامهون اچي ويو
برطانيه ۾ ڪورونا وائرس جو نئون قسم سامهون اچي ويو آهي. برطانوي صحت واري وزير ميٽبين ڪاڪ ان حوالي سان چيو آهي ته لنڊن ۾ هڪ هفتي دوران نئين قسم جو ڪورونا ڪيس سامهون آيو جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سخت قدم کڻڻا پئجي رهيا آهن. صحت جي عالمي اداري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته برطانيه ۾ ڪورونا جي نئين قسم کان آگاهه آهيون. نئين وائرس سان برطانيه ۾ هڪ هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ڊبليو ايڇ او جي ايمرجنسي ايڪسپرٽ مائيڪ ريان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته لنڊن ۾ نئين وائرس جي موجوده ڪورونا جي مختلف هجڻ جو اڃان تائين ثبوت ناهي مليو. هي وائرس وقت سان گڏوگڏ بدلبو رهندو آهي. ڪورونا جي وڌندڙ پکيڙ سبب لنڊن ۾ ڪورونا جون پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پهرين ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ ڪورونا جي پهرين ويڪسين طبي عملي جي هڪ ميمبر کي ڏني وئي آهي. آمريڪا ۾ پهرين ويڪسين نيويارڪ ۾ ڪوئنز اسپتال جي نرس کي لڳائي وئي. گڏيل طور تي اڃان تائين طبي عملي جي پنج ميمبرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.

