پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ مشڪل حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان هٿ جوڙي ڇڏيا

حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ درخواست ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ناڻي جي پکيڙ جي بلند شرح سبب ٿيڻ واري مهانگائي ۽ ناموافق سياسي حالتن جي پيش نظر بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ دٻاءُ نه وڌو وڃي ۽ عالمي ادارو ان سلسلي ۾ پنهنجا شرط نرم رکي. وزارت خزانه جي ذريعن ٻڌايو ته خميس تي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي چوٿين دور ۾ آءِ ايم ايف رڪنن کي گردشي قرض ۽ بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين جي لائن وارن خسارن کان آگاهه ڪيو ويو آهي ته بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين جي لائن وارن خسارن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ وصولي به بهتر ٿي آهي. عالمي اداري کي يقين ڏياريو ويو آهي ته حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ۽ روينيو جي ساليانه هدفن جي حصول لاءِ مڪمل ڪوشش ڪندي.