ڪارخانن اندر پرسنل موور جي نالي سان هڪ نئين سواري تيار
وڏن ڪارخانن ۽ هوائي اڏن اندر هڪ کان ٻي جڳهه تائين سفر ڪرڻ لاءِ بي. ايم ڊبليو پاران هڪ سواري تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا پهرين استعمال ٿيندڙ سيگ وي جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر ۽ سادي آهي. بي ايم ڊبليو جي هيءَ سواري 25 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿي. هن سواري کي پرسنل موور جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا هڪ انسان کي کڻي سگهي ٿي. هڪ وڏي سائز جي ڪارخاني ۾ مزدورن کي هڪ کان ٻي جڳهه تائين پهچڻ لاءِ ڪافي وقت پنڌ ڪرڻو پوندو آهي. هن جو پليٽ فارم به وڏو رکيو ويو آهي. جنهن تي سامان به رکي سگهجي ٿو. پرسنل موور ۾ 5 ڦيٿا آهن ان جو خاص ڦيٿو ان کي اڳتي هلائي ٿو. جڏهن ته ان جا ٻه ڦيٿا ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهمائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ان ۾ هينڊل به آهي ۽ سڄو نظام بجليءَ تي هلي ٿو. هن ۾ هيڊ لائٽ به آهي ۽ هڪ عدد گهنٽي به لڳل آهي. هن سواري کي بي ايم ڊبليو جي هيڊ ڪوارٽر ۾ به استعمال ڪيو پيو وڃي، جتي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ بعد اها سڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.
هن قسم جي سواري جو پراڻو ماڊل Seg Way