اک جي پردي کي هاڻي 3-ڊي پرنٽر ذريعي ٺاهي سگهجي ٿو
برطانيه جي سائنسدانن پاران هڪ خاص مشين ٺاهي وئي آهي جنهن کي 3-ڊي پرنٽر ۾ وجهي ان ذريعي اک جا نقلي پردا ٺاهڻ ممڪن ٿي ويو آهي. اک جو پردو ڏسڻ جي عمل ۾ خاص ڪم ڪندو آهي، جنهن ڪارڻ ان کي بيماري يا زخم خراب به ڪري سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ان پردي کي بدلائڻ Transplant ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪو ٻيو ان جو علاج اڄ کان اڳ نه ملي سگهيو آهي. هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي هن پردي جي ٽرانسپلانٽ جي ضرورت آهي. جڏهن ته هر سال 44000 ٽرانسپلانٽ ئي ٿي سگهن ٿا. مطلب ته گهرج سپلاءِ کان ڪافي حد تائين وڌيڪ آهي پر هاڻي مشين ذريعي ڪارآمد پردو ٺاهڻ ڪارڻ اهڙن لکين ماڻهن جي اکين جو علاج ڪري سگهجي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هڪ خاص قسم جي مَس ذريعي هي پردا وڏي تعداد ۾ ٺاهي سگهجن ٿا، جنهن سان انهن جي سڄي دنيا ۾ گهرج کي پورو ڪري سگهجي ٿو.
يونيورسٽي آف نيو ڪاسل ۽ يوٽيوب جي ٿورن سان