اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي تقريبن هر حوالي سان ججهي معلومات پئي آھي. ظاھر آھي ان جا ذريعا ۽ وسيلا وسيع ۽ تيز آھن. ان ڪري ئي مان پنھنجو اندر اوريندو آھيان ته مان ڇا ڏٺو؟ ڇا سمجھيو؟ باقي جنهن حوالي سان لکجي ٿو ته انهن ماڳن، ادارن جي گھربل معلومات ته ضرور ڏيڻي پئي ٿي، ان ۾ ڪوشش هوندي آهي ته مستند معلومات ئي ڏجي ٻيو ته مان جتي به ھجان اھو ھنڌ ۽ ڀر پاسو ضرور گھمي ڏسان ۽ عام ماڻھو جنھن جو اتي گھڻو واسطو رھي ٿو، انھن جا حال احوال ڪڏھن چپ ڪري ٻڌندو آھيان ۽ پرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جي وري ڪچھريءَ جو موقعو ملي ته ضرور ڪري وٺندو آھيان.
روسي ڏاھي پليخاتوف پنھنجي ڪتاب “فرد جو تاريخ ۾ ڪردار” ۾ لکيو آھي ته برابر سماجي تبديلي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي ماحول تي دارو مدار رکي ٿي، پر فرد جي ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. فرد گھڻو ڪجھ ڪري سگهي ٿو، پر ظاھر آھي ته ھو ان سماج جي حدن جي اندر ئي رهي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. اڄ بين الاقوامي سطح جي هي اسپتال 1934 ۾ ٻن ڪمرن تي مشتمل ھئي جتي صرف او پي ڊي جي سھولت ھئي. اڄ 300 بسترن جي شاندار اسپتال آھي، جنھن ۾ وڌيڪ 200 بسترن جو ڪم جاري آھي. اڄ ھتي ھر بيماريءَ جو علاج ماهرن هٿان ماڊرن طريقن سان، ماڊرن ليبارٽرين ۽ عمده مشينرين ذريعي ٿئي ٿو. جگر، دل، گُردن، گوڏن ۽ گوڏن جي مک جي تبديلي کان وٺي ٽي بي کان ويندي ڪينسر ۽ نفسياتي بيمارين جو بھترين علاج ٿئي ٿو ۽ شفا ملي ٿي. ھينئر ھتي دوائن جو ڪارخانو پڻ ٺھي رھيو آھي جتي اعليٰ معيار جون دوائون ٺاھيون وينديون.
ھن جي ڊگھي ڪاميابيءَ تي جي مختصر نظر وجھجي ته 1934ع کان 1990ع تائين ٻن ڪمرن جي ڊسپينسري ھئي جنھن کي 1980ع ۾ تعلقه ماڊل اسپتال ظاھر ڪيو ويو. سن 2000ع ۾ گورنر سنڌ ھن کي اپگريڊ ڪندي ”پير عبدالقادر شاھ جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز“ نالو رکي سنڌ حڪومت جي انتظام ھيٺ آندو. 2005ع ۾ ھتي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو. سندس بھتر ڪارڪردگيءَ ڪري سنڌ حڪومت ان جو درجو وڌائيندي کيس پاڻ ئي ڊگري ايوارڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني. سندس مسلسل بھترين ڪارڪردگيءَ ۽ نتيجن کي مڃتا ڏيندي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن ھن جي حق ۾ ”نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ“ جاري ڪيو. هاڻي هي سنڌ حڪومت جو هڪ خود مختيار ادارو آهي.
اها ڳالھ ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ته اھي سڀ ڪاميابيون محترم ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صاحب جي اڻٿڪ محنتن، سچائي ۽ ديانتداري جو نتيجو آھن. اھڙيءَ طرح ھيءَ خوبصورت عمارت جنھن ۾ ڪيترائي وارڊ، ليبارٽريون، عملي جي ويھڻ ۽ ڪم ڪرڻ جون جايون، مسجد جنھن ۾ ھڪ اندازي مطابق ھڪ ھزار نمازي نماز پڙھي سگھن ٿا، عملي جون رھائشگاھون، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جون ھاسٽلون، جم، راندين جون جايون، اھي سڀ جيڪي ايڏي مھارت ۽ خوبصورتيءَ سان جڙيل نظر اچن ٿيون، اھي وري انجنيئر محترم الاھي بخش سومرو جي محنتن جو نتيجو آھن. ھو پيريءَ ۽ بيماريءَ ڪري وڌيڪ وقت ڏيڻ کان معذرت به ڪندو رھيو آھي، پر سائين رحيم بخش ڀٽي صاحب ھن جي ڪارڪردگي، مھارت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري ھن جي صورتحال مطابق کيس مختلف سھولتون ڏئي نيڪيءَ جي ڪم ۾ گڏ کنيو اچي. مان ھميشه ھنن ٻنھي کي صبح کان شام تائين اسپتال جي ڪم ۾ مگن ڏٺو، خبر ناھي ماني ڪھڙي مھل ٿا کائين ته آرام ڪھڙي مھل ٿا ڪن.
ھتي ٽي بي سينٽر، برن سينٽر، ٽراما سينٽر، ڊجيٽل لائبريري، وليج ھيلٿ ڪلينڪس (گمبٽ ۽ ناريءَ جي رڻ ۾) ماڊرن بلڊ بئنڪ کان علاوه ڪيترائي ننڍا وڏا شعبا ڪم ڪن ٿا جتي نه صرف سنڌ، پر پوري پاڪستان جا ماڻھو علاج لاءِ اچن ٿا ۽ صحتمند ٿي وڃن ٿا. مان ھتي اپردير، موسا خيل، ڪوھلو ۽ ڪشمير جا مريض به ڏٺا. ھت ٽريننگ سينٽر پڻ آھي ۽ مختلف حوالن سان تحقيق پڻ جاري آھي، خاص طور مختلف بيمارين جي ويڪسين ٺاھڻ جي. ڊجيٽل لائيبريري پڻ آھي جنھن مان صرف تحقيق ڪندڙ نه، پر ٻيا به علم حاصل ڪن ٿا. ھتي مختلف ورڪشاپس کان علاوه زندگي کي صحتمند رکڻ ۽ سکڻ سيکارڻ جي اپائن جھڙوڪ: اسپورٽس ويڪ، ورلڊ بريسٽ فيڊنگ ڊي، روڊ سيفٽي سيمينار ۽ مريضن سان کليون ڪچھريون وغيره جو انتظام ڪيو وڃي ٿو. مون کي ھتي ھن ڪلراٺي زمين ۾ ھڪ چپو به ساوڪ کان خالي نظر نه آيو، ھر پاسي ھر جڳھ گُل ٻوٽا، سُھڻا وڻ خاص طور کجيون جيوميٽريءَ واري ترتيب ۾ نظر آيون جيڪي روح کي راحت بخشين ٿيون، اڌ بيماري ته انهن جو مزو ماڻيندي ڀڄي وڃي ٿي. ھتي ميوا ۽ سبزيون به پوکيون وڃن ٿيون جن کي يوريا ۽ دوائن کان پاڪ رکيو وڃي ٿو، اھو سمورو شوق ڀٽي صاحب جو آھي. ھتي ئي بحريه وارن جو دسترخوان آھي جتي ضرورتمندن کي سُٺو کاڌو پڻ ملي ٿو. دراصل ھن اسپتال گمبٽ جو نقشو بلڪه تاريخ ئي بدلائي ڇڏي آھي. ھتي ھڪ ڳالھ جو ذڪر ڪندو هلان ته ماڻھن سان لھ وچڙ جي حوالي سان (درست معلومات لاءِ) اتي مختلف حوالن سان آيل ماڻھن سان به ڳالھ ٻولھ ڪندو هئس. ماڻهن کي وڌ کان وڌ اهائي شڪايت هئي ته سائين اسان پري پري کان آيا آھيون، ھيترو وقت ٿي ويو آھي اڃان ٽيسٽ جو نتيجو ناھي مليو، ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ جو وارو ناھي آيو، اها شڪايت به او پي ڊي جي حوالي سان هئي، اتي رش به حد کان وڌيڪ هئي. ڊاڪٽر صاحبن جو چوڻ ھو ته اسان ڪوشش ڪندا آھيون ته ھر ڪنھن کي پنھنجي واري تي موقعو ڏجي نه ته پوءِ ھن اسپتال جو حشر به کوڙ ٻين اسپتالن جھڙو ٿي ويندو. منھنجو مشاھدو به اھو ھو ته معمول جي برعڪس ھتي عملو تعاون ڪري پيو ماڻھو گهٽ پيا ڪن. گھڻن ھنڌن تي ڌيان ڇڪايو ويو ھو ته ھتي گند نه اڇلايو گٽڪو ۽ پان جون ٿڪون نه ڦٽي ڪيو، پر ٻنھي شين جي ڀڃڪڙي گھڻن ھنڌن تي نظر آئي.
ڪينسر وارڊ کي سنڀاليندڙ انتھائي ذھين ڊاڪٽر سيد سبطين شاھ کي مون ايترو مصروف ڏٺو جو کيس شايد پنھنجي وجود جو به احساس نه ھوندو. بهرحال مان موقعو ڪڍي سائين کان پڇيو ته پاڪستان ۾ ڪينسر تيزيءَ سان وڌندي ٿي وڃي ان کان بچڻ جا ڪي اپاءُ آھن؟ هن ان جو بنيادي سبب ڪچري جي مناسب بندوبست نه ھجڻ کي قرار ڏنو، خاص طور اسپتالن جي ۽ ويم وغيره ۾ استعمال ٿيندڙ شيون، بقول ھن جي ته جي ان جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ته ھر سال جيري جي پيوندڪاريءَ تي ايندڙ خرچ جو چوٿون حصو مس خرچ اچي ڇو ته گھڻي ڀاڱي جگر جي ڪينسر ڦھلجي ٿي ۽ ان جو خاص سبب اھو ڪچرو آھي، ان جو جي بندوبست ٿئي ته جگر جي پيوندڪاري بند به ٿي سگھي ٿي. اھڙيءَ طرح فزيو ٿراپي جي انچارج ڊاڪٽر ابرار سومري جو چوڻ ھو ته جي ھر ماڻھو روز ڏھ منٽ به عضون کي ھڪ ترتيب سان چوري پوري ته نوي سيڪڙو سنھا سُڪا سور جن لاءِ ڏھ ڏھ ڏينھن فزيو ٿراپي ڪئي وڃي ٿي ان جي ضرورت ئي نه پئي. ٻي وڏي ڳالھ جنھن جو ذڪر به ضروري سمجهان ٿو ته هن اسپتال ۾ سنڌ حڪومت يا مقامي طاقتن جي مداخلت نظر نه آئي جي هوندي به ته نه هجڻ جيتري اها به لڪيل.
حڪومت سنڌ جي صحت جي سھولتن لاءِ مختلف ڳالھيون جتي ڪٿي ذڪر ٿين ٿيون، پر سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي ته جي گمبٽ جي اسپتال ٻن ڪمرن مان بين الاقوامي معيار جي اسپتال ٿي سگھي ٿي ته باقي ٻيون ڇو نه ٿيون ٿي سگھن؟ خبر اھا به آھي ته ساڳين فنڊن ۽ مراعتن واريون ڪُجھ ٻيون اسپتالون بي حسي ۽ تباھي جي ور چڙھيل آھن. جيستائين فردن جي سخاوت، چڱ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڳالھ آھي ته سنڌ ۾اهڙا مثال کوڙ آھن. ادارن ٺاھڻ جي حوالي سان راءِ بھادر اوڌو داس، ڏيا رام گدو مل کان وٺي حسن علي آفندي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي اديب رضوي وغيره اچي وڃن ٿا. ان ئي ڏس ۾ “گمس ۽ سائين رحيم بخش ڀٽي” اسان جي سامهون آهن، پر جي مثالي فرد ۽ اسان چاهيون ٿا ته جي اھي ادارا، انھن فردن کانپوءِ به اھڙي طرح بلڪه ان کان به وڌيڪ سيبتي نموني ترقي ڪن ته پوءِ ان لاءِ سٺي سوچ رکندڙ ماڻھن جي متبادل ٽولي تيار ڪرڻ جي ضرورت آھي، بلڪه انھن انسان دوست ماڻھن کي پنھنجا پنھنجا پاڻ جھڙا ماڻھو جيتري حد تائين ٿي سگھي تيار ڪرڻ گھرجن. اتي گهڻن ماڻهن کي مون اهو سوال دهرائيندي ٻڌو ته الله سائين ڀٽي صاحب کي وڏي ڄمار ڏئي، پر ان کانپوءِ ڇا ٿيندو! ڇا ٿيندو؟!!