انتهائي آسان ۽ سادي ڳالهه آهي جنهن کي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو ٿو وڃي ته وسيلن جي ورهاست ۾ سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. پاڪستان جي آئين ۾ به اها ڳالهه واضح ٿيل آهي ته قدرتي وسيلن جو هڪ حصو انهيءَ علائقي جي ماڻهن تي خرچ ڪيو ويندو جتي جتي اهي وسيلا موجود آهن.
ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي آئيني حق ملي چڪو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجن وسيلن جا پاڻ مالڪ بڻجي چڪا آهن. انهيءَ جو مثال ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلو آهي جنهن تي مڪمل اختيار سنڌ حڪومت جو آهي. ان جي باوجود وفاق جون ڏاڍايون جاري آهن. وفاق بجاءِ صوبن جي حقن کي تسليم ڪرڻ جي صوبن جي وسيلن کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن جي ڪري ملڪ اندر ننڍن صوبن جي ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي ٿي. ان جو اظهار اسان کي وقت بوقت مختلف فورمن تي ٿيندي نظر ايندو رهي ٿو. اهڙو ئي اظهار پشتون عوامي ملي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي ايوان اندر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ رهندڙ پنج ڀائر ملڪ کي هڪ گهر سمجهن ٿا، پر انهن ڀائرن جي وسيلن تي جيڪڏهن غير آئيني طور تي قبضو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ انتشار جي صورت پيدا ٿئي ٿو. سندس چواڻي سنڌ جي وسيلن تي سنڌ صوبي جي ماڻهن جو پهريون حق آهي، اهڙيءَ طرح بلوچستان جي وسيلن تي، خيبر پختونخواهه جي وسيلن، تي پنجاب جي وسيلن تي سڀ کان پهريون حق اتي رهندڙ ماڻهن جو آهي. سندس اهڙي بيان جي آجيان ڪندي اسان پنهنجي سنڌ حڪومت جي اڳيان سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جو مطالبو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا. وسيلن جي لحاظ کان مالال مال سنڌ جو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڇو ته انهن وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو تسليم نٿو ڪيو وڃي. انهن وسيلن ۾ سنڌ جون زرعي زمينون، انهن وسيلن ۾ زمين مان نڪرندڙ ڪوئلو، انهن وسيلن ۾ گئس، پيٽرول ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو 91 جي ٺاهه تحت سنڌو درياءَ مان ملندڙ پاڻي، انهن سڀني وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي. جيڪڏهن کيس اهي سڀئي حق ملن ته سنڌ جو عوام خوشحال ٿي ويندو. هن وقت اسان ڏسون ٿا ته سنڌ گورنمينٽ صوبي جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ بجاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ لڏائڻ جي ڪوشش ڪندي سامونڊي قيمتي زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڊي ايڇ اي جي حوالي ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف هاڪس بي جي متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي ماڻهن هڪ پٽيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي. جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو تي مشتمل ڊويزنل بينچ اسٽي آرڊر جاري ڪري ٻڌڻي منظور ڪري ورتي آهي. اميد ڪجي ٿي ته ڳوٺاڻن کي انصاف ملندو. هن وقت جو ٻيو اهم مسئلو انڊس ريور سسٽم اٿارٽي “ارسا” ۾ نظر اچي رهيو آهي. سنڌ صوبو سنڌو درياءَ جي پڇاڙ وارو صوبو آهي انهيءَ ڪري سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي سڀ کان پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي ان جي باوجود به کيس جائز حق کان محروم رکيو وڃي ٿو. 1991ع ۾ چئني صوبن وچ ۾ هڪ ٺاهه ٿيو جنهن کي پاڻي جو ٺاهه چيو وڃي ٿو ۽ اڄ تائين ان تي عمل نه ٿيو آهي ۽ سنڌ جي پاڻي کي پنجاب صوبو وفاق جي مدد سان ڏاڍ ڪري روڪي استعمال ڪري ٿو، ارسا مجبور نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت پهرين نگران حڪومت ۾ ارسا جي باڊي ۾ آرڊيننس جي ذريعي تبديلي آندي وئي هئي. وفاق جي هڪ ايڪيهين گريڊ جي آفيسر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. موجوده پارليامينٽ انهيءَ آرڊيننس کي پاس نه ڪيو ان جي ڪري اهو آرڊيننس مدي خارج هجڻ سبب ختم ٿي چڪو آهي، پر وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهن ته ڪنهن به نموني ارسا جي باڊي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻجي. سندن نيت ۾ کوٽ محسوس ٿئي ٿو، انهن جي نظر سنڌ جي حصي جي پاڻي تي آهي انهي لاءِ سنڌ حڪومت کي پڻ وقت سر اکيون کولڻيون پونديون. جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ته غريب هاريءَ جو نقصان ضرور ٿيندو، پر سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن جو ٿيندو جن جون زمينون هزارين ايڪڙ آهن ۽ اهي سڀ اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ موجود آهن، پر آخر ڇو ۽ ڪهڙي خوف کان يا ڪهڙي لالچ جي ڪري خاموش آهن؟ سنڌ جو عوام ته انهيءَ نا انصافي خلاف آواز بلند ڪندو رهي ٿو.
هاڻي ايوانن ۾ ويٺل سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سنڌ حڪومت کي پڻ سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي اختيار ۾ وٺڻ جي لاءِ نه صرف هر فورم تي آواز بلند ڪرڻو پوندو، ۽ جيڪڏهن حق نٿو ملي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ وڃي پنهنجو آئيني حق حاصل ڪرڻو پوندو. ڇو ته اهو حق نه صرف حڪومت سنڌ کي ادا ڪرڻو آهي ڇو ته عوام ان کي پنهنجن وسيلن جي سار سنڀال ۽ ان کي عوام جي استعمال لاءِ بهتر پلاننگ ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو ڪم نٿي ڪري سگهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت پنهنجو ڏنل عوامي مينڊيٽ صحيح طرح سان استعمال ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي ۽ ان کانپوءِ ان کي حڪومت ڪرڻ جو حق به نٿو رهي. آئين هڪڙو اهڙو دستاويز آهي جيڪو وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ پنهنجن وسيلن جي ورڇ کي طئي ڪري ٿو ۽ سنڌ حڪومت کي پنهنجن وسيلن مان پنهنجي حصي کي وٺڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه هجڻ کپي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي عوام سان بيهندي ته سنڌ جو عوام به هميشه پنهنجي حڪومت سان بيٺل نظر ايندو.