بکر ويجهو ٽرين ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي
پنجاب ۾ شاهه عالم جي مقام تي مهر ايڪسپريس ڪمند سان ڀريل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريلوي اختيارين مطابق شاهه عالم ويجهو راولپنڊي کان ويندڙ مهر ايڪسپريس 128 ڊائون ريلوي لائين تي ڦاٿل ڪمند سان ڀريل ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ٽرين ڊرائيور سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ريلوي اختيارين ٻڌايو ته ايمرجنسي بريڪ لڳائڻ سبب ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي، ان جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جڏهن ته پٽڙي کي به نقصان پهتو آهي، جنهن بعد ٽرين جي آمد و رفت به معطل ٿي وئي آهي. ريسڪيو ٽيمون حادثي واري جاءِ تي پهچي ويون آهن جڏهن ته متاثر انجڻ ۽ بوگين کي ٽريم کان هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف متاثر ٽرين جا مسافر پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي منزلن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

