آمريڪا ۽ چين وچ ۾ معاشي جنگ تيز ٿي وئي
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان بعد چين مان برآمد ٿيندڙ شين تي 200 ارب ڊالرن جو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن جي جواب ۾ چين پاران به جوابي قدم کڻڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ياد رهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين مان برآمد ٿيندڙ شين تي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن تي اڄ کان عملدرآمد ٿيڻو آهي. آمريڪا جي صدر جي هن قدم مطابق چين جي شين تي 10 کان 25 سيڪڙو ٽيڪس وڌايو ويو آهي. جنهن تي چين پاران جوابي قدم جي ڌمڪي به ڏني وئي آهي ۽ ٻئي طرف واشنگٽن ۾ آمريڪا ۽ چين جي وفدن وچ ۾ معاشي ۽ تجارتي معاملن تي ڳالهيون به جاري آهن.