خاصنئون

وفاق پاران سنڌ جي ٽن اسپتالن جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ تي بلاول پاران ناراضگي جو اظهار

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٽن اسپتالن جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ تي چيئرمين پيپلز پارٽي پاران شديد لفظن ۾ ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي نظر ثاني واري اپيل تي فيصلو اچڻ تائين انتظار ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو ويو. بلاول وڌيڪ چيو ته  چيئرمين نيب پاران وفاقي وزيرن خلاف تحقيقات روڪڻ جي اعترافي بيان ۽ وفاقي حڪومت جي موجوده قدمن ملڪ ۾ آئيني بحران ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 18 ترميم ذريعي مليل اسپتالن ۾ سنڌ حڪومت  انقلابي قدم کنيا آهن. اين آءِ سي وي ڊي جو ٻين شهرن ۾ قيام حڪومت سنڌ جو تعريف جوڳو قدم آهي. جتي سڄي ملڪ مان ايندڙ مريضن جي علاج جا خرچ به سنڌ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي.  چيئرمين پي پي پي چيو ته جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ تي سنڌ جي عوام جا اربين رپيا لڳل آهن. وفاقي حڪومت جو اهو قدم صوبائي خود مختياري تي حملي برابر آهي، سنڌ جوعوام پنهنجي ٽيڪس ۽ محنت سان بڻايل اثاثن کي هڙپ ٿيڻ نه ڏيندي. ۽ اسان هر فورم تي ان جي مزاحمت ڪنداسين. وفاقي حڪومت عوامي غضب  کان بچڻ لاءِ  سنڌ جي  ٽنهي اسپتالن لاءِ ورتل پنهنجو فيصلو واپس وٺي.