پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

نشويٰ جي والدين ۽ دارالصحت اسپتال انتظاميه وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو

غلط انجيڪشن سبب فوت ٿيل ننڍڙي ڇوڪري نشويٰ جي وارثن پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي نشويٰ جي والد قيصر علي چيو ته نشويٰ جي موت واري معاملي تي اسان جا ٽي مطالبا هئا جنهن تي اسين پهرين ڏينهن کان وڙهي رهيا آهيون. انهن ٽن مطالبن ۾ اسپتال سيل ڪرڻ، اسپتال انتظاميه کي گرفتار ڪرڻ ۽ غير لائسنس يافته اسپتالن خلاف انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جا مطالبا شامل هئا. نشويٰ معاملي تي ڪارروائي ڪندي اسپتال ته سيل ڪئي وئي پر بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي ان کي ٻيهر کوليو ويو. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ غلط واقعن خلاف ايڪشن نه ورتا ويندا آهن. مون سان جڏهن به معافي نامي بابت ڳالهه ڪئي وئي ته مان هڪ ئي موقف رکيو آهي ته مون کي پئسن جي لالچ نه آهي منهنجي ڌيءَ به واپس نٿي اچي سگهي. قيصر علي وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت اسان ۽ اسپتال انتظاميه وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اسان اسپتال انتظاميه کان ٽي مطالبا ڪيا هئا جنهن تي اسپتال انتظاميه جي منظوري بعد معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ سڀني کي الله جي رضا خاطر معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ معاهدي تحت بيان رڪارڊ ڪرايو آهي اسان جي مطالبن مان پهريون مطالبو نشويٰ جي نالي سان دارالصحت اسپتال ۾ ٻارن جو وارڊ ۽ آءِ سي يو ٺهرايو وڃي، نشويٰ فائونڊيشن جوڙي وڃي، جنهن ۾ اسپتال انتظاميه پاران سالانه 50 لک رپيا ڏنا ويندا ۽ فائونڊيشن کي رجسٽرڊ به ڪرايو ويندو، جمع ڪرايل فنڊ مان انهن مريضن جو علاج ڪيو ويندو جيڪي ٻين اسپتالن مان نشويٰ جيان غلط علاج سبب متاثر ٿيندا. اسپتال انتظاميه سالانه ٻن ٻارن کي اسڪالر شپ به ڏيندي ۽ انهن ٻارن جي چونڊ ميرٽ تي نشويٰ جا والدين ڪندا.