روايت ڇا آهي ۽ اها ڪيئن جنم وٺي ٿي؟ علم بشريات جي ماهرن اسان کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن انسانن کان سڀ علم ۽ عادتون (جي هُو سکيا آهن) وسري وڃن ته هوند سندن ذهن اڳ جيان بهتر رهندا، پر سڀ ايترا ته لاچار ۽ بيوس ٿي ويندا، جو صرف ھڪ مھيني جي اندر ڏهن ڄڻن مان نوَ ڄڻا مري ويندا ۽ ڇھن مهينن جي اندر باقي بچيل سڀ انسان مري ويندا. اسان سڀ روايتون، رسمون ۽ ايجادون (جن جي بدولت اڄ اوهان کي زندگي سولي، سهنجي ۽ خوشگوار لڳي ٿي) ايترو جلدي سکي نه سگهندا آهيون. اسان اڻ ڳڻين شين بابت، جي ھاڻ اسان جي لاءِ فطري بڻجي پيون آهن، صرف ۽ صرف ويهي رڳو سوچيون ته ھوند اسان ٿڌ يا بک سبب مري وڃون. اڄ صبح جڏهن توهان آرام ڪري اٿيا، تڏھن اوهان ڪپڙا پهريا، ھٿ ۽ منهن ڌوتو ۽ پنهنجي ڏندن کي برش ڪيو. ان کانپوءِ توهان پنهنجي ٽيبل يا کٽ تي ويهي ناشتو ڪيو. مختلف طعامن جي صورت ۾ توهان جي آڏو کاڌو رکيو ويو ۽ انهن کي کائيندي توهان چاقو، ڪانٽي ۽ چمچي جو استعمال ڪيو. سڄي ڏينهن ۾ توهان اهڙي نموني شيون ڪيون، جي توهان جون عادتون بڻجي ويون آهن، پر ڇا توهان گهڙي کن جي لاءِ سوچيو سهي ته توھان ائين ڇو ڪيو؟ توھان وقت ڪڍي ۽ تڪليف کڻي پنهنجي هٿن کي ڇو ڏٺو ته اهي صاف هئا يا نه؟ توهان کائڻ جي لاءِ بيهڻ بجاءِ ويهي ڇو رهيا؟ توھان پنھنجي آڱرين بجاءِ ڪانٽو ڇو استعمال ڪيو؟ توھان مخصوص قسم جا ڪپڙا ڇو ٿا پهريو؟ توھان ڪهين وارا بوٽ، ڊگها جوراب ۽ بٽڻن واريون شرٽون ڇو ٿا پايو؟ اسان روزمره ان قسم جون کوڙ ساريون شيون ڪندا آهيون، پر ڪڏهن به انھن بابت سوچيو نه آھي ته اسان ائين ڇو ٿا ڪريون؟ يقينن، ان جو به ڪو سبب هوندو. ان جو جواب هي آهي: اسان اهي شيون ڪيون ٿا. ڇاڪاڻ جو ٻيا به ائين ڪن ٿا. اسان اهو ان لاءِ ڪندا آهيون، جو ان سان اسان جون زندگيون آسان ۽ خوشگوار بڻجي پون ٿيون. اسان انهن شين يا ڪمن کي سوچڻ بنا سرانجام ڏيندا آهيون. ڇاڪاڻ جو اسان جڏهن ننڍڙا هئاسين، تڏھن اسان پنهنجي والدين، پاڙيسرين ۽ دوستن کان ائين ڪرڻ سکياسين. ٻين لفظن ۾ اسان اهڙين شين کي ان ڪري ڪريون ٿا، جو ائين ڪرڻ روايت آهي. ھر ماڻھوءَ کي يقين آهي ته ھُو جيڪو ڪجھه ڪري ٿو، اهو درست ۽ بهترين طريقي سان ڪري ٿو. روايت يا رواج عجيب ۽ سگهاري شيءِ آهي، جا ھزارين لکين ماڻهن کي روزانو ساڳيون شيون، غلط يا صحيح جي سوچ بنا ڪرائي ٿي.
گهڻو وقت اڳ جڏهن هن ڌرتيءَ تي تمام ٿورڙا انسان رھندا هئا، تڏهن اهي ناشتي مهل پنهنجا هٿ ۽ منهن نه ڌوئيندا ھئا. اسان کي پڪ آهي ته اهي ڏندڻ به نه ڏيندا هئا. انھن جي پوشاڪ ڌاڳن، کنڀن ۽ مڻڪن (جي کوپن يا پٿرن مان ٺھيل هئي) تي مشتمل هوندي هئي. ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ انسان جھنگلي حيوانن کي ماري انھن جون کلون ويس طور پهريندا هئا. ڌاڳن، کنڀن ۽ مڻڪن واري پوشاڪ ماڻهو هاسيڪار پائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو خاص ۽ اهم ماڻهو ان کي پهريندا هئا، اها ان وقت روايت هئي ۽ جيڪي جانورن جون کلون اوڍيندا هئا، اهي به ائين محسوس ڪندا هئا. انھن جي قبيلي ۽ خاندان ۾ جانورن جون کلون اوڍڻ رسم هئي ۽ ان کي پهرڻ درست سمجهيو ويندو هو. ڇاڪاڻ جو اھا ان وقت روايت هئي. انھن ريتن ۽ رسمن جي شروعات ضرور ڪن ماڻھن ڪئي هوندي. اسان کي ان بابت پتو نه آھي ته انهن روايتن، رواجن، رسمن ۽ ريتن جي ابتدا ڪنهن ۽ ڪٿان کان ڪئي؟ اسان انھن جي ابتدا بابت صرف انومان لڳائي سگهون ٿا. گرم علائقن ۾ انسان پهريان پوشاڪ نه پهريندا هئا. هڪ ڏينهن ڪجھه مردن ۽ عورتن منفرد پٿر يا کوپا هٿ ڪيا. انهن جي جسامت ۽ رنگت نرالي هئي. انھن قيمتي پٿرن کي ان نموني سان سانڍيو ويو، جو اوائلي انسان انھن کي مزي خاطر گاھه سان گسڪائيندا هئا يا انھن کي پنھنجي چيلهه، ڳچيءَ ۽ ڪارائيءَ وٽان ٻڌندا يا پائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو تنهن وقت انھن وٽ پنهنجا محفوظ گهر يا جڳهيون نه هيون، جتي انهن پٿرن کي رکي سگهن ها. انهن اهڙا ڪيترائي پٿر گڏ ڪيا ۽ ساڻ کنيو پيا گهمندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انگور جي ولين سان انھن کي ٻڌي ڇڏيندا ھئا. تنهن وقت قبيلن ۽ خاندانن ۾ کنڀن، ڌاڳن ۽ پٿرن جي پوشاڪ پهرڻ راويت ۾ شامل هو، جنھن کي اها پوشاڪ پهريل نه ھوندي هئي، اھو پاڻ کي بنا لباس محسوس ڪندو هو ۽ ٻين کان ويڳاڻو نظر ايندو هو. جڏهن پهريان اوزار ٺاهيا ويا، جڏھن پهريون جانور ماريو ويو، جڏھن پهرين باھه ٻاري وئي، جڏھن پهريون کاڌو پچايو ويو، جڏھن پهريون گهر ٺاهيو ويو، تڏھن انھن سان گڏ نين روايتن به جنم ورتو. اھي سڀ شيون، انھن ماڻھن جي لاءِ ڏاڍيون اهم هيون، جن انھن (شين) کي ڪرڻ سکي ورتو هو. شين کي ڪرڻ جا نوان نوان خيال آيا پئي، جي پراڻن خيالن کان وڌيڪ بھتر ۽ قبوليت جوڳا هئا. انسان جو پهريون هٿيار بيڊولي لٺ هئي، جا هن وڻ مان ٽوڙي هئي. ان جي مدد سان هُو پنهنجي حفاظت ڪندو هو ۽ پنهنجي کاڌي جي لاءِ ڪجھ جانورن کي ماريندو هو. انسان انھن لٺين کي پهاڙي پٿرن سان تکو ۽ چهنبدار بڻائيندا هئا. حفاظت ۽ شڪار جي لاءِ لٺ جو استعمال تنهن وقت جي روايت هئي. هڪ ڏينهن ڪنهن انسان پهاڙي پٿر جي هڪ ڇيڙي کي پهاڙ سان گسڪائي، ان کي ڪهاڙيءَ ۾ تبديل ڪيو، اها پراڻيءَ جي ڀيٽ ۾ نئين راويت هئي. هاڻ پٿر جي ڪهاڙي خالي ڪاٺيءَ کان وڌيڪ بھتر ڪم ڏئي رهي هئي. ان ماڻهوءَ پنھنجي والد، ڀائرن ۽ قبيلي جي ٻين فردن کي اها ڳالھ ٻڌائي. جلد سڀني پنهنجين لٺين يا ڏنڊن کي پٿر جي ڪهاڙين ۾ تبديل ڪيو. انھن محسوس ڪيو ته جانورن کي نئين هٿيار سان مارڻ هاڻ ته ائين سولو ٿي پيو. اھي گهڻي عرصي تائين انهن ڪهاڙين جو استعمال ڪندا رهيا. پٿر جي ڪهاڙين سان شڪار ڪرڻ راويت بڻجي وئي. ائين ساڳئي نموني باھ جا چُلها ٺاهڻ، کاڌو پچائڻ ۽ پناھ گاھون بنائڻ روايت ۽ رسم بڻجي وئي. انسانن نئين شين ڪرڻ جا نوان طريقا ڳولي ورتا. انهن نوان خيال ۽ تصور يا ته اتفاقن دريافت ڪري ورتا يا وري پنهنجي پاڙيسري قبيلن کان سکي ورتا. ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي شين کي ڪرڻ جو نئون ڍنگ يا رستو معلوم ٿيندو ھو، جي انهن کي اهو لاڀ دائڪ ۽ ڦل دائڪ لڳندو هو ته گروهه جا باقي ٻيا فرد ان جو نقل ڪندا هئا. ان کانپوءِ هُو اها ڳالھ پنهنجي ٻارن کي ٻڌائيندا هئا. ٻار پنهنجي وڏڙن جي پيروي ڪندي، اھي ساڳيون شيون ڪندا ايندا هئا، جي کين ابن ڏاڏن طرفان سيکاريون وينديون هيون. جڏهن اهي ٻار خود وڏڙا بڻجي ويندا هئا، تڏهن اهي پنهنجي ٻارڙن ۾ اهي روايتون، عادتون ۽ ڳالهيون منتقل ڪندا هئا. ائين اهو سلسلو جاري رهيو. ڪڏھن ڪڏھن پراڻين روايتن کي تبديل ٿيڻ ۾ سالن جا سال لڳي ويندا هئا، تڏهن وڃي ڪا نئين روايت جُڙندي هئي ۽ ماڻھن جي پراڻيءَ مان جند ڇٽندي هئي. ڌرتيءَ جي پهرين اوائلي انسانن جي ابتدائي رسمن ۽ روايتن بابت اسان صرف اندازو ئي لڳائي سگهون ٿا.
اسان ايتري خاطريءَ سان چئي سگھون ٿا ته اھي ڪيئن سکيون ۽ ياد ڪيون ويون. قبيلي جا ٻار ۽ نوجوان شين کي سکڻ لاءِ وڏڙن تي ڀاڙيندا هئا. ڪراڙين عورتن ۽ ڪراڙن مردن کي گهڻو تجربو هوندو هو. انھن کي شين جي ڄاڻ پنهنجي والدين طرفان ملي ھئي. تجربي ۽ علم جي بنياد تي وڏڙن ۽ بزرگن کي تمام گھڻو احترام ملندو ھو ۽ سندن چوڻ آکڻ ورتو ويندو هو ۽ هر ڳالهه ۾ سندن پيروي ڪئي ويندي هئي. ننڍو ٻار پنهنجي پيءُ جي پيروي ڪندي گد گد ٿيندو هو. جڏهن هُو رانديون ڪندو هو، تڏهن ائين ڏيکاءُ يا ڍونگ ڪندو هو، جهڙوڪر پاڻ سچ ۾ پنهنجي پيءُ جيان جھنگلي جانورن جو شڪار ڪندو ۽ انھن کي ماريندو هجي. ننڍي ڇوڪِري پنهنجي ماءُ جي گهڻو ويجهو رهندي هئي. هُوءَ پنھنجي امڙ کي کاڌو پچائيندي ۽ موتين جي مالها ٺاهيندي ڏسندي هئي ۽ اهي شيون سکڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. پيئر ۽ مائر پنهنجي خاندان ۽ قبيلي جي ڏاڏن ۽ ڏاڏين جي بيحد عزت ڪندا هئا. ان سان هڪ نئين راويت جُڙي. اها روايت ڌرتيءَ تي ابتدائي ڪجھ هزار سالن کان وٺي اڄ تائين قائم آهي. اها روايت آهي: پاڻ کان وڏن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ. جيڪي فرد اسان کي ريتن، رسمن، رواجن ۽ روايتن بابت سکيا ڏين ٿا، انھن سان عزت ۽ محبت سان پيش اچڻ روايت آهي. ڪجھ روايتون ھميشه جي لاءِ صرف روايتون نٿيون رهن، پر انھن مان ڪجھ قانون جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿيون. اوائلي انسانن وٽ جيڪي روايتون هيون، اهي گھڻو ڪري انهن جا قانون هئا يا قانون بڻجي ويا. اھي اسان جي اڄ جي لکت وارن قانونن جيان لکيل نه هئا، پر جي ڪو انھن کي نه مڃيندو هو ته ان کي سزا ضرور ملندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن گروھ جي فرد کي زال جي گهرج ٿيندي هئي، اھو ڪنھن به ڇوڪِري يا عورت کي اغوا ڪري پاڻ وٽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڀلي جيتري عرصي تائين چاهي، رکي سگهندو هو. هُو کيس پاڻ سان گڏ هلڻ يا ترسڻ لاءِ لٺ بانٺو ڏيکاريندو هو. جيڪڏهن اُهو مرد ان عورت يا ڇوڪِريءَ کان طبعي طور سگھارو هوندو هو ته ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪِريءَ جي قبيلي جا وارث ان زورآوريءَ ۽ ڏاڍ کي پسند نه ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڇوڪريءَ کي واپس آڻڻ لاءِ ان شخص ۽ سندس قبيلي سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪندا هئا ۽ نتيجي ۾ ڏاڍو خون خرابو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي ھئي. آخرڪار ڪجھ قبيلن رتو ڇاڻ ۽ جنگاڻ کان بچڻ خاطر اهو فيصلو ڪيو ته عورتن جي اغوا جي صورت ۾ جنگ جوٽڻي نه آھي ۽ ڪوشش ڪري صلح سان مسئلي کي حل ڪجي يا وري اها تجويز ڏني وئي ته جنهن مرد کي ڪا عورت پسند اچي ٿي ته اھو ان کي ڏوڪڙن عيوض خريد ڪري سگهي ٿو. ائين اسان وٽ هڪ ٻي روايت اصول يا قانون بڻجي وئي. ڪو مرد ان صورت ۾ ٻئي قبيلي جي عورت کي اغوا ڪندو هو، جڏھن کيس خاطري هوندي هئي ته ان سان جنگ ڪا نه ڇڙندي. جيڪڏهن اصولن ۽ معاهدن کان هٽي، ڪو شخص پنهنجي قبيلي کان ٻاهر ڪنهن ٻئي زورآور قبيلي جي عورت کي اغوا ڪندا هو، تڏهن سندس قبيلي ۽ خاندان جا فرد متاثر قبيلي طرفان جنگ ڪرڻ يا وڙهڻ جي اعلان جي صورت ۾ پنهنجي فرد جي مدد نه ڪندا هئا. کيس اڪيلي سزا ڀوڳڻي هوندي هئي. اڄ اسان وٽ شاديءَ جا قانون آهن. انهن قانونن موجب مخصوص عمر تائين پهچڻ جي صورت ۾ مرد ۽ عورتون شادي ڪري سگھن ٿيون، نه ته ٻي صورت ۾ ائين ممڪن نه آھي. شاديءَ جي لاءِ لائسنس يا نڪاح نامون ضروري آهي. نڪاح پنڊت، پادري، مولوي يا قانون جا مخصوص آفيسر پڙهائي سگھن ٿا. شادي ٿيڻ کانپوءِ ان جو رڪارڊ حڪومت پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪري ٿي. قديم عهد ۾ شاديءَ جو رڪارڊ يا لائسنس وغيره ڪجهه به نه ھوندو ھو. ماڻهن وٽ ساڳيون روايتون جيتريون پراڻيون ھونديون، اوترو ٻين ماڻهن کي غلط ڪرڻ کان روڪڻ سولو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي زخمي ڪري ٿو، اها ڳالھ جيڪر روايت جي برعڪس هوندي ته زخمي ٿيل يا وري سڄو گروھ مجرم کي سزا ڏيندو. اها روايت قانون جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، جا اسان سڀني کي تحفظ ڏئي ٿي. ڪنهن ٻئي شخص کي مارڻ قانون جي خلاف آهي، پر جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي کي ماري ٿو، ان صورت ۽ مري ويل شخص جو خاندان ان قاتل کي سزا ڏيڻ جو ذميوار نه آھي. اھا حڪومت جي ذميواري آهي ته ان قاتل جو پتو لڳائي ۽ ان کي سزا ڏئي. ڪنهن به ماڻهوءَ سان جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿئي ٿو ته کيس قانونن ۽ حڪومتن جي هوندي بدلي وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه آھي.
اوائلي انسانن جون گهڻيون روايتون اسان کي اڄ عجيب لڳن ٿيون. ويندي اڄ جي ڪجھ ماڻھن جون روايتون ڏاڍيون منفرد آهن. فرانس، هالينڊ ۽ جرمني جا ڪجھ لوڪ يا قبيلا اهڙو کاڌو کائين ٿا، جو اسان جي کاڌي کان بلڪل مختلف آهي. هندستان، جاپان ۽ چين ملڪن جي ڪجھ قبيلن جا کاڌا کائڻ جون روايتون اسان جي لاءِ اوپريون آهن. اسان ٻين ملڪن جي پوشاڪ جي رنگ ڍنگ کي پنهنجي پوشاڪ جي ڀيٽ ۾ بي آرام ۽ کِل جوڳو سمجھندا آهيون. انھن جون پوشاڪون اسان کي دلچسپ پر عجيب لڳنديون آھن. اسان کي اهي عجيب ان ڪري لڳنديون آھن، جو اسان سڀ ائين سوچيندا آهيون ته اسان جون کاڌي پيتي، پوشاڪ ۽ اٿي ويٺي يا هلت چلت جون روايتون هندن، چينين ۽ جاپانين جي ڀيٽ ۾ ٿوريون بهتر آهن. دلچسپ ڳالھ اھا آھي ته ھندستاني، چيني ۽ جاپاني ھڪٻئي ۽ اسان بابت ساڳئي نموني سوچين ٿا. ھر ڪنھن کي ائين لڳي ٿو ته سندس پنهنجيون روايتون ڏاڍيون ڀليون آهن ۽ اهي واقعي به سندس لاءِ ڀليون آهن. انسانن جي هر قبيلي، هارين جي هر ننڍي گروھ، هر ننڍي شهر ۽ وسندِي ۽ هر ملڪ، شين کي پنهنجي ڍنگ سان ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا طريقا اپنايا آهن. ڪجھ عرصي گذرڻ کانپوءِ اهي طريقا (شين کي ڪرڻ جا) سڀني جي لاءِ عام بڻجي، روايتن جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا. تنھنڪري اسان وٽ جيڪي به روايتون هن وقت موجود آهن، اھي چاهي ڌرتيءَ جي ٻين حصن کان ڀلي مختلف هجن، پر اھي اسان جي لاءِ يقينن ڀليون ۽ سٺيون آهن. ڇاڪاڻ جو انھن کي اسان جهڙن ماڻهن ٺاهيو. يقينن، ڪنهن ڏينهن اسان کي انھن کان به ڀليون روايتون ملي سگهنديون.
شين جي مالڪيءَ جي روايت:
هر ڪنهن کي پنهنجيون مخصوص ذاتي شيون آهن. ويندي ننڍا ٻارڙا به اھو خيال حاصل ڪري وٺن ٿا ته مخصوص رانديڪا انهن جا پنهنجا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا ڪو ٻار انھن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا کڻي وٺي ٿو ته اهي جهٽ پٽ روئڻ شروع ڪن ٿا. اسان سڀنيءَ کي جيڪي ڪپڙا پهريل آهن، اھي خريد ڪيا ويا يا خاص اسان جي لاءِ ٺاهيا ويا. اسان وٽ ڪتاب گھڻو ڪري پنهنجا آهن. اسان هنن شين کي پنهنجي ملڪيت يا اختيار سمجهون ٿا. انھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چاهي اسان محنت ڪئي هجي يا اهي اسان کي مفت ۾ مليون هجن، اهي اسان کي خوشگواريت جو احساس ڏيارين ٿيون ته اسان انھن شين جا مالڪ آهيون. اها ڳالھ ڪيڏي نه حيرت واري لڳي ٿي، جو ڌرتيءَ تي ڪو دور اهڙو به هو، جڏھن انسان ڪنهن به شيءِ جو مالڪ نه ھو. يقينن اھا ڳالھ گهڻو اڳ جي آهي يعني اوائلي يا ابتدائي ڏينهن جي آهي. ماڻهن وٽ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪپڙا ڪو نه هوندا هئا. ڇاڪاڻ جو تنهن وقت انهن کي هُو پهريندا نه هئا. انهن وٽ رھڻ جي لاءِ يا ملڪيت خاطر گهر نه هوندا هئا. اهي رات جو وڻن جي هيٺان سمهندا هئا. اهي گهڻو ڪري ساڳين وڻن جي هيٺان نه سمهندا هئا، تنھنڪري انھن ۾ ڪنهن مخصوص احساس جنم نه ورتو ته ان مخصوص وڻ جي فلاڻي ٽاري سندن ملڪيت آهي. اوائل ۾ گھڻو ڪري هر شيءِ قبيلي جي ملڪيت هئي. گهرن جي اڻ هوند باوجود انھن جي ذهنن ۾ سڀ کان پھرين شين جي مالڪيءَ جو تصور اڀريو؛ اهڙيون شيون، جي هُو پاڻ سان جتي ڪٿي کڻي سگھن. لٺ، جا انسان پنهنجي حفاظت خاطر کنئي هئي، اها انسان جي پهرين ملڪيت هئي. ساڳئي وقت قيمتي پٿرن ۽ کوپن کي پڻ گڏ ڪيو ويو. پٿر يا کوپا پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ (خاص ڪري انگور جي ول يا ٿڙ سان ٻڌي کڻڻ) نهايت ئي سوکو هو. انسانن انھن پٿرن ۽ کوپن کي منفرد سمجهي، ان لاءِ پاڻ سان گڏ کنيو هو. ڇاڪاڻ جو سندن خيال ۾ انهن ۾ جادو سمايل هو. اهي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ڏانهن انھن پٿرن ۽ کوپن کي کڻي ويا، جتي انهن هنن شين جي تعريف ڪئي ۽ هنن وڌيڪ تجسس پيدا ڪندي، انهن کي ٻڌايو ته هنن شين ۾ جادو پڻ آهي. انھن انسانن جي اندر ۾ مالڪيءَ جو احساس اڀريو. ھاڻ هنن انسانن کان انھن شين کي حاصل ڪرڻ ٻين جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن ۾ ٿوري گهڻي سمجھه اچڻ لڳي. انھن کي مختلف شين جھڙوڪ؛ پکين جي کنڀن، پشم جي مُچي، ھڏن ۽ جانورن جي ڏندن ۾ جادو ۽ پراسرار رُوح نظر اچڻ لڳا. انسانن کي ائين لڳو ته انھن شين ۾ جادو يا سايو آهي، تنھنڪري انھن شين جي مالڪي ٿيڻ لڳي. سڀ ماڻهو انھن شين کي حاصل ڪرڻ ۾ رُڌل هئا ته جيئن هُو انھن جي مدد سان بدروحن، جنن، ڀوتن ۽ راڪاسن کي ڀڄائي سگھن. انھن جي خيال ۾ بدروحن جي ڪري ماڻهو بيمار ٿين ٿا. انھن جي ذهنن ۾ اهي به خيال ايندا هئا ته جانورن ۽ مڇين جو شڪار ڪرڻ سٺو سنئوڻ نه آھي، بهتر آهي ته انھن کي پري ڀڄائي ڇڏجي. هُو ننڍين ننڍين شين کي هار سينگار طور پهريندا هئا. اهي انهن شين جي مالڪي ڪندا هئا ۽ جتي به ويندا هئا، اهي کين پهريل ھونديون ھيون. ائين ڪرڻ سان کين شانتي ملندي هئي ۽ اها خاطري رهندي هئي ته بدروح، ڀوت ۽ راڪاس سندن ويجهو نه ايندا.
انسانن جڏهن اوزار ٺاھڻ شروع ڪيا، تڏھن پٿر جون ڪهاڙيون، مڇي ڦاسائڻ جا ڪُنڊا ۽ تير ڪمان سندن قيمتي ملڪيت بڻجي ويا. پٿر کي گهڙي، ڪهاڙيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ کين ڏينهن جا ڏينهن يا هفتا لڳي ويندا هئا. جڏهن ڪو شخص ان قسم جي شيءِ پنهنجي محنت سان ٺاهيندو ھو ته ان کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي رکندو هو. هُن ۾ فطري طور خود اعتمادي اڀري ايندي هئي ۽ سمجهندو هو ته سندس ڪهاڙي يا ٻيون شيون ٻين ماڻهن جي شين کان وڌيڪ بھتر ۽ ڪارائتيون هيون. ڇاڪاڻ جو کيس انھن کي ٺاھڻ ۾ وڏي محنت ۽ وقت لڳو هو. اڄ به جيڪي شيون اسان جي ملڪيت آهن، اسان انھن جي وڏي سنڀال رکندا آهيون. ڪجھه ٻارن وٽ کيسي وارا چاقون هوندا آهن، اھي انھن کي ڪنھن به صورت ۾ وڪرو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. واڍن ۽ ٻين ڪم ڪندڙن وٽ ڪجھه اوزار اھڙا ھوندا آھن، جن تي هُو ناز ڪندا آهن ۽ کين لڳندو آھي ته انهن اوزارن جهڙا اوزار ٻئي ڪنهن وٽ به نه آھن. ڪا عورت جيڪڏهن گهڻي سلائي ڪري ٿي، اها ڪئنچين جي ڀَلِي جوڙِي رکڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن هُو ٻين کان وڌيڪ بهتر سلائي ڪري سگھي. اھي احساس جي اوائلي دنيا جيان اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، اوزارن کي انھن ماڻھن جي لاءِ قيمتي بڻائين ٿا، جيڪي انهن جي مالڪي ڪن ٿا ۽ انهن کي استعمال هيٺ آڻين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو سوين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ شاندار ڪُهاڙِي ٺاهي وٺندو هو، جنھن سان گهڻن جانورن کي مارڻ سولو ٿي پوندو هو ۽ ان سان باھ جي لاءِ وڻن جا گهڻا ڇوڏا پڻ لاهي سگهبا هئا. ڪهاڙيون ٺاهيندڙن جِي گروھ ۾ اهميت ڏاڍي وڌي ويندي هئي. ٻين قبيلن جا ماڻھو پنهنجي ڪهاڙين کي بهتر بڻائڻ لاءِ انھن وٽ صلاح مشوري جي لاءِ ايندا هئا. اھي پنھنجين عجيب ڳالھين سان ڪنجهندي ۽ ڪُرڪندي شين جي ڏي وٺ يا سودو ڪندا هئا. اھي ڪهاڙين جي بدلي پٿر، کنڀ ۽ مڇين جا ڪُنڊا وٺندا هئا. ائين انھن شين جو واپار شروع ڪيو. واپار جي ابتدا پاڙيسري قبيلن جي وچ ۾ شين جي ڏي وٺ سان ٿي. مثال طور: هڪ قبيلي وٽ جيڪي شيون هيون، اهي ٻئي وٽ نه هيون، ٻئي وٽ جيڪي هيون، اهي اڳئين وٽ نه هيون، تنهنڪري انهن پنهنجين ضرورتن آهر شين جي مٽاسٽا ڪئي ۽ ائين واپار جي شروعات ٿي. ائين شين جي خريد ۽ فروخت شروع ٿي. ھزارين سال اڳ، انسانن جڏهن واپار جو بنياد رکيو هو، تڏهن اڄ وانگر پئسا نه هوندا هئا. ماڻھو شين کي کپائي، انھن جي بدلي ٻيون شيون مٽاسٽا جي اصول تحت خريد ڪندا هئا. ان جو اهو مقصد ٿيو ته اھي پنھنجي ملڪيت مان ٿورڙين شين جي مٽاسٽا ڪري، ضروري يا گهربل شيون خريد ڪندا هئا. اوائل ۾ ماڻھن تجسس ۾ وجهندڙ شين کي پئسي جي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. گرين لينڊ جي اسڪيمو لوڪن کي جڏهن جانورن جي کلن عيوض سون ۽ چانديءَ جا سِڪا آڇيا ويا، تڏھن انهن (سِڪن) کي ڏسي، انهن زوردار ٽهڪ ڏنا هئا. اسڪيمو لوڪن انھن سِڪن بجاءِ اسٽيل جي سِڪن جي گُهر ڪئي، انهن جي نظر ۾ اسٽيل جا سِڪا انھن کان وڌيڪ ڪارائتا ۽ استعمال لائق هئا. ڪنهن دور ۾ انسانن لوڻ، ڪپڙي، کنڀ، تماڪ يا چانھ کي پئسي جي طور استعمال ڪيو. انسانن جو ھڪ قبيلو ته صرف ۽ صرف مڇين جي ڪُنڊن کي استعمال ڪندي، مڇين جو شڪار ڪندو هو. ڇاڪاڻ سندن سڀ کان اهم اوازر اهو ڪُنڊو هو. تاريخ ۾ نادر پٿر، کوپا، پالتو جانور، ٺِڪر جا ٿانوَ، ڌاتن جا ٽُڪرا، پشم، غلام، وهيل مڇيءَ جا ڏند، لوھ جو سامان، پتل جون تارون، کنڊ، وڻن جي کنئور ۽ ماکيءَ جي مکين جي ميڻ جا ڪيڪ شين جي خريد ۽ وڪري ۾ پئسي طور استعمال ٿيا آهن. اڄ به دنيا جي ڪجھه علائقن ۾ مٿيون شيون واپار خاطر استعمال ٿين ٿيون. اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ هاري پنهنجي ڳوٺن مان مکڻ ۽ بيدا ننڍن وڏن شهرن جي دڪانن تي کڻي ويندا آهن ۽ انهن جي بدلي چانھ، کنڊ، اٽو يا ٻيون شيون کائڻ پيئڻ جي لاءِ خريد ڪن ٿا. توهان ڪڏهن غور فڪر ڪيو آهي ته اسان خط تي ٽپال جي جيڪا ٽڪلي چنبڙائي ڇڏيندا آهيون، اهو هڪ قسم جو پئسو آهي. آڳاٽي دور ۾ جڏهن ماڻهن وٽ خط پهچندا هئا، تڏهن اهي انهن جي عيوض قاصد کي پئسا ڏيندا هئا. هاڻ ته اسان پنھنجي خطن تي ننڍيون ٽڪليون چنبڙايون ٿا، انھن کي ٽرين، ٻيڙي، جهاز يا ٻيون گاڏيون کڻي اڳتي پھچائين ٿيون. ٽڪلي به سمجهو ته پئسو آهي، ان کانسواءِ توهان جو خط اڳتي ڪو نه ويندو. ڪجھه شهرن، پارڪن يا باغيچن ۾ گاڏين کي ڊوڙائڻ جي مقابلي يا چِيڪلن تي چڪر کائڻ لاءِ پئسن عيوض انھن کي ٽڪيٽون يا ٽڪليون ڏنيون وڃن ٿيون. اڳي جن ماڻهن وٽ پئسو نه هو، انھن جي ڀيٽ ۾، اسان جي لاءِ شين جي خريد ۽ فروخت ڏاڍي سولي ۽ سهنجي ٿي پئي آهي. اسان يا اسان جا والدين ڪم ڪن ٿا، ان جي عيوض پئسا ملن ٿا. اسان انهن پئسن کي دڪانن يا اسٽورن تي کڻي وڃون ٿا، جتان کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙو لٽو ۽ ٻيون ضروري شيون آسانيءَ سان وٺي سگهون ٿا. اسان گهر خريد ڪري سگھون ٿا يا مسواڙ ڀري ان ۾ رهي سگهون ٿا. اسان ان گهر ۾ رکڻ لاءِ فرنيچر خريد ڪريون ٿا. اسان ڪتاب ۽ ريڊيو سيٽ خريد ڪريون ٿا. اسان ٿيٽر لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪريون ٿا. توھان اندازو لڳايو، انھن شين کي خريد ڪرڻ جي لاءِ پئسن بجاءِ پنهنجون قيمتي شيون کپائڻيون پون ها ته اوھان کي ڪيئن لڳي ها؟ شين کي خريد ۽ فروخت ڪرڻ لاءِ پئسي جو استعمال تمام آسان ۽ ڪارائتو آھي. پني واري پئسي جي ڪري شيون اڃان به سهنجيون ٿي پيون آهن. جيڪڏهن اوهان جي کيسي ۾ پني وارن ڏوڪڙن بجاءِ ڏھه يا ٻارهن چانديءَ جا سِڪا هجن ها، اوهان پنهنجي ڀريل کيسي سان پاڻ کي ڪيئن محسوس ڪريو ها؟ شين جي مٽاسٽا جي لاءِ پئسي کي استعمال ڪرڻ ھڪ روايت آهي، جا اسان سان ڳنڍيل آهي. اها روايت ڌرتيءَ تي رھندڙ سڀني تهذيب يافتا ماڻهن جي روايت آهي. سڀئي ڏوڪڙ مُلھ ۾ برابر نه آھن. مختلف ملڪن ۾ پئسي جو مُلھ مختلف آهي، پر اهو شين جي خريد ۽ فروخت ۾ استعمال ٿئي ٿو. شين کي گڏ ڪرڻ يا مالڪي ظاهر ڪرڻ ۾ پئسي جو استعمال وقت سان وڌيو آهي. پئسي سان گڏ ماپ ۽ تور جو سرشتو پڻ وڌيو آهي. ڪو دور هو، جڏھن ماڻھن کي ھڪ مڻ کنڊ، هڪ ڊزن بيدا، هڪ ٽن ڪوئلو ۽ پنج ميٽر ڪپڙو خريد ڪرڻ مهل خبر نه پوندي ھئي ته شيون پوريون مليون الائي نه. ڇاڪاڻ جو تنهن وقت ماپ ۽ تور جا اوزار نه ھئا. ماپ ۽ تور جو سرشتو تڏهن ٺهيو، جڏھن ماڻھو آڱرين تي حساب ڪرڻ سکيا. ويجهڙ تائين ماپ ۽ تور جا عجيب ۽ کُٽل طريقا استعمال ٿيندا رهيا. ڊيگھ کي ماپڻ لاءِ اهي ماڻهو هٿ جي تِري، پير، ٻٽو هٿ ۽ ٺونٺ کان وچين آڱر جي چوٽي استعمال ڪندا ھئا. اهڙو وقت به آيو، جڏھن ماڻھن محسوس ڪيو ته ماپ ۽ تور جون سندن روايتون گهڻي ڀاڱي غلط هيون، تڏھن انھن (ماڻهن) آهستي آهستي انھن (روايتن) کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. اڄ اسان جنهن وال يا گز کي استعمال ڪريون ٿا، اهو انگلستان جي هڪ بادشاھ متعارف ڪرايو هو. اھو مفاصلو سندس نڪ کان سندس آڱوٺي جي ڇيڙي تائين هو. ڪيتري ئي عرصي تائين ماڻهو پيرن سان ماپ ڪندا رهيا.
شين جي تور جا طريقا اڳتي ھلي تبديل ٿيا. انگلستان جي هڪ ٻئي بادشاھ چيو ته ڪڻڪ جا ٻٽيھ داڻا هڪ پينيءَ جي برابر ٿيڻ گهرجن. ائين ويھ پينس (پينيون) هڪ آئونس جي برابر ٿيڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح ٻارھن آئونس هڪ پائونڊ جي برابر ٿيڻ گهرجن. اها روايت وقت سان تبديل پڻ ٿيندي رهي. ھاڻ اسان ائين چئي سگھون ٿا ته سورهن آئونس هڪ پائونڊ جي برابر ٿين ٿا. شين کي ماپڻ ۽ تورڻ جي روايت جو ايجادون ڪندڙن، سائنسدانن ۽ مشينن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڏاڍو فائدو رسيو. ڇاڪاڻ جو هاڻ اهي شين کي ھزارين انچن تائين ماپي پئي سگھيا. شين کي اندازي موجب ماپڻ يا تورڻ کان اها روايت کوڙ ڀيرا ڀلي آهي. ان روايت سبب ڪارون، جھاز، ٽيلي اسڪوپ ۽ ٻيون اهم شيون ايجاد ٿيون، جن کي روزانو اسان استعمال هيٺ آڻيون ٿا. ڇاڪاڻ جو انھن شين کي درست هلائڻ لاءِ درست ماپ ضروري هئي.
***