ويجھي ماضيءَ تائين خوراڪي تسلسل ۾ انساني نسل جي جاءِ وچٿري هئي. لکن سالن کان وٺي انسان ننڍڙا جانور پئي شڪار ڪيا. جڏهن ته هو خود وڏن جانورن جو شڪار به پئي ٿيا. صرف چار لک سال اڳ ڪيترن ئي انساني نسلن وڏا جانور باقائدگيءَ سان شڪار ڪرڻ شروع ڪيا ۽ صرف هڪ لک سال اڳ موجوده انساني نسل جي ميدان ۾ اچڻ سان، ماڻهو خوراڪي تسلسل ۾ سڀني کان اڳيان ٿي بيٺو. يعني انسان لاءِ ٻين جانورن جو شڪار معمول بڻجي ويو، جڏهن ته انسان جو ٻين جانورن لاءِ کاڄ ٿيڻ معمول نه رهيو.
انسان جي خوراڪي تسلسل ۾ وچٿري جاءِ کان اڳڀري جاءِ تائين شاندار ٽپ جي پٺيان انسانن جي اهليتن ۾ هڪ نئين اهليت جو شامل ٿيڻ هو. اها نئين اهليت هئي باهه جو استعمال. ٿي سگھي ٿو ته 8 لک سال اڳ ڪجھ انساني نسلن باهه جو ورلي استعمال ڪيو هجي، پر اٽڪل ٽي لک سال اڳ انساني نسلن منجھ باهه جو استعمال عام ٿي ويو. انهن انساني نسلن ۾ هومو اريڪٽس، نيئينڊرٿال ۽ موجوده انسان جا ابا ڏاڏا اچي وڃن ٿا. هاڻي انسانن کي روشنيءَ ۽ گرميءَ جو قابل اعتماد ذريعو هٿ لڳي ويو هو، جيڪو شڪاري شينهن خلاف موتمار هٿيار طور پڻ استعمال ٿيڻ لڳو.جلد ئي انسانن باهه جو استعمال اڃان به وڌائي ڇڏيو. هو باهه سان جھنگ کي ساڙڻ لڳا. پٿر جي دور جا واپاري ان مان ڪيترائي فائدا وٺندا هئا. جڏهن باهه وسامندي هئي ته هو باهه ۾ پڪل جانور کائيندا هئا. سڪل ميوو مزي سان کائيندا هئا ڇو ته ان جي ٻاهرين جھري سڙي ڪمزور ٿي ويندي هئي. ان کانسواءِ سڙيل جھنگ جون پاڙون به ڪڍي کائيندا هئا، جيڪي تمام گھڻو عرصو هلي وينديون هيون. آخر ۾ ميدان ٿي ويل علائقو ڪوڏ لاءِ به استعمال ڪندا هئا.
پر مٿين سڀني ڪمن مان باهه جو بهترين استعمال رڌ پچاءُ هو. اهي کاڌا جيڪي اسين قدرتي صورت ۾ هضم نٿا ڪري سگھون، جهڙوڪ: ڪڻڪ، چانور ۽ پٽاٽا، سي اسان جي غذا جو روز مره جو حصو ٿي ويا. باهه نه صرف غذا جي ڪيميا تبديل ڪئي، پر سندس حياتيات تي پڻ اثر انداز ٿي. ڇو ته باهه غذا تي گذران ڪندڙ جيتن جڻن کي به ماري ڇڏيو. انسانن کي پنهنجا اڳوڻا پسنديده کاڌا، جهڙوڪ: ميوا، کاڄا، جيت ۽ پاروٿو گوشت رڌڻ کانپوءِ کائڻ ۽ چٻاڙڻ ۾ به آساني ٿيڻ لڳي. چمپانزيءَ کي ڏينهن ۾ پنج ڪلاڪ ڪچو کاڌو چٻاڙڻ ۾ لڳن ٿا، جڏهن ته انسان کي رڌل کاڌوکائڻ ۾ صرف هڪ ڪلاڪ لڳي ٿو.
رڌ پچاءَ جي ايجاد انسان کي مختلف قسمن جي غذا کائڻ ۽ ان تي گھٽ وقت لڳائڻ جي لائق بنايو ۽ اهو سڀ ڪجھ هضم ڪرڻ لاءِ ننڍا آنڊا ئي ڪافي هئا. ڪجھ ساڃهه وندن جو اهو خيال آهي ته رڌ پچاءَ جي ايجاد سان انساني آنڊن جي ننڍي ۽ دماغ جي وڏي ٿيڻ ۾ سڌو سنئون تعلق آهي. جيئن ته وڏا آنڊا ۽ وڏا دماغ، ٻئي تمام گھڻي توانائي واپرائيندڙ آهن، انهيءَ ڪري ٻنهي جو جسم ۾ موجود هجڻ تمام ڏکيو آهي. ان ڪري رڌ پچاءُ جي ڪري عاقلمان ۽ نئينڊرٿال جا آنڊا ننڍا ٿيندا ويا، جنهن جي ڪري آنڊن جي توانائيءَ جي کپت گھٽجندي وئي ۽ نتيجي ۾ سندن دماغ وڏا ٿيندا ويا.
باهه جي استعمال انسانن ۽ ٻين جانورن جي وچ ۾ پهرين وڏي وٿي پيدا ڪئي. ٻين سڀني جانورن جي طاقت جو دارومدار سندن جسماني وسعت تي آهي، يعني سندن ڏورن جي قوت، ڏندن جي ڊيگھ ۽ پرن جي پکيڙ وغيره. هو هوا ۽ وهڪرن جو استعمال ته ڪري سگھن ٿا، پر انهن قدرتي طاقتن تي ضابطو نٿا رکي سگھن ۽ هميشه پنهنجي طبعي ساخت ڪارڻ عملن محدود آهن. مثال طور: باز زمين مان اٿندڙ گرم جھولن مٿان پنهنجا پر پکيڙي اڏامندو آهي، پر باز جو انهن گرم جھولن جي رخ تي ضابطو نه هوندو آهي ۽ سندس وڌ ۾ وڌ بار کڻڻ جي قوت جي سڌي نسبت سندس پرن جي پکيڙ سان هوندي آهي.
جڏهن انسانن باهه جو استعمال شروع ڪيو، تڏهن هنن اصل ۾ هڪ تعبيدار ۽ باممڪن لامحدود قوت تي ضابطو آڻي ڇڏيو. بازن جي برعڪس، اهو انسانن جي هٿ ۾ هو ته هو ڪڏهن ۽ ڪٿي شعلو ڀڙڪائين ٿا ۽ ان کي هو ڪهڙي استعمال ۾ آڻين ٿا. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته باهه جي طاقت جو دارومدار، انساني جسم جي قوت، بيهڪ ۽ ساخت تي بلڪل به ڪونه هو. صرف هڪ عورت هٿ ۾ ٻرندڙ ڪاٺي کڻي ڪجھ ڪلاڪن ۾ سارو ٻيلو ساڙي سگھي پئي. باهه جو استعمال مستقبل جي تبديلين جو اهڃاڻ هو. انهن تبديلين مان ڪجھ تبديليون مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، پر هاڻي انهن تي ڪجھ وڌيڪ گهرائيءَ سان نظر وجهون ٿا.
باهه جي استعمال انسان کي جھنگ جو بي تاج بادشاهه بنائي ڇڏيو، يعني هو ٻين جانورن جو شڪار ته ڪري سگھيو پئي، پر ٻين جانورن لاءِ انسان جو شڪار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو. انسان باهه سان رڌ پچاءُ ڪرڻ لڳو، جنهنڪري هو کاڌو به جلدي هضم ڪرڻ لڳو ۽ کاڌي جي هاضمي لاءِ کيس وڏن آنڊن جي به ضرورت ڪونه رهي. جيئن ته وڏا آنڊا تمام گھڻي توانائي خرچ ڪن ٿا ۽ آنڊن جو وڏو هجڻ ضروري نه هو، ان ڪري انساني اوسر ۾ آنڊن جي ڊيگهه ننڍي ٿيڻ لڳي. جڏهن ته جلد هاضمي جي ڪري انسان گوشت به وڌيڪ کائڻ لڳو، جنهن جي ڪري کيس توانائي به وڌيڪ ملڻ لڳي. جڏهن ته ننڍن آنڊن جي ڪري توانائيءَ جو خرچ به گھٽ ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾ بچيل توانائي دماغ تي خرچ ٿيڻ لڳي، جنهن جي ماپ وڏي ٿيندي وئي. ان عمل کي آنڊن ۽ دماغ وچ ۾ مٽاسٽا چيو وڃي ٿو. معاشي لفظن ۾ ايئن چئي سگھجي ٿو ته قدرت خوراڪ جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري تعليم ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي. آنڊن ۽ دماغ وچ ۾ مٽاسٽا وارو عمل ڪجھ ٻينPrimates پهلمانن ۾ به ڏٺو ويو آهي. پهلمانن ۾ ڀولڙن، بنمانسن ۽ انسانن جون اٽڪل 300 جنسون اچي وڃن ٿيون. پهلمان ڪجھ مشترڪه خاصيتون رکندڙ آهن. هو هٿن سان شيون پڪڙي سگھن ٿا. سندن ننهن سڌا آهن. سندن زندگي وڏي ۽ نپجڻ جي رفتار سست آهي. هو پچيده معاشرو قائم ڪن ٿا. هنن جا دماغ سندن جسم جي لحاظ کان وڏا آهن. عام طور تي هڪ وقت هڪ اولاد ڄڻيندا آهن. سندن نظر جي حس سنگھڻ جي حس کان وڌيڪ تيز آهي. هو انڊلٺ جا سڀ رنگ ڏسي سگھن ٿا ۽ گهرائي به پسي سگھندا آهن. شڪل نمبر 1 ۾ ڪپوچن ڀولڙو ڏيکاريل آهي. هو تمام عمده خوراڪ کائيندو آهي، جنهن ۾ جيت ۽ پکين جا بيدا اڇي وڃن ٿا. اها خوراڪ کائڻ لاءِ سندس ننڍا آنڊا ڪافي آهن. انهيءَ ڪري سندس دماغ نسبتن وڏو آهي. جڏهن ته شڪل نمبر 2 ۾ ڏيکاريل هائولر ڀولڙو پن ۽ ميوا کائيندو آهي. اهو کاڌو هضم ڪرڻ لاءِ کيس وڏا آنڊا گھرجن ان ڪري سندس دماغ ڀيٽ ۾ ننڍو آهي. آنڊن ۽ دماغ وچ ۾ مٽاسٽا وارو عمل غير پهلمان جنسن ۾ نه ڏٺو ويو آهي. مثال طور: پکين جا آنڊا ۽ دماغ ٻئي ننڍا هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته پکين ۾ اضافي توانائي دماغ بدران سندن پرن تي خرچ ٿيندي آهي.
مٿين بحث مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته انسانن ۾ آنڊن ۽ دماغ وچ ۾ مٽاسٽا واري عمل جو تعلق سڌو سنئون انسانن جي رڌ پچاءُ جي هنر سکڻ سان آهي، ڇو ته پراڻن انساني ڍانچن جي دماغ جي ماپ ڀيٽ ۾ گھٽ ۽ آنڊن جي وڌيڪ آهي. ان عمل کانسواءِ رڌ پچاءُ جو انساني جسم جي ٻين حصن تي به اثر ٿيو. مثال طور: رڌ پچاءُ جي ڪري کاڌو چٻاڙڻ به آسان ٿي ويو ان ڪري وڏا ڏند ۽ وڏيون ڄاڙيون به غير ضروري ٿي ويا، جنهنڪري انساني کوپڙيءَ موجوده شڪل اختيار ڪئي.
***