الطاف حسين ضمانت تي آزاد

لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين ضمانت تي رها ٿي ويو آهي. الطاف حسين کي اسڪاٽ لينڊ يارڊ 30 ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکيو. ٻه ڏينهن اڳ الطاف حسين کي اسڪاٽ لينڊ يارڊ هٿان گرفتار ڪيو ويو هو. ميٽرو پوليٽن پوليس پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته الطاف حسين کي 2016 ۾ نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ جي مقدمي ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو. جنهن بابت پاڪستان جي حڪومت مڪمل تفصيل برطانيه جي حوالي ڪيا هئا. واضح رهي ته الطاف حسين پاڪستان ۾ قتل، دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ جي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ۽ اشتهاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *