ڊان اخبار ۾ شايع خبر رسان اداري ‘رائٽرز’ جي رپورٽ مطابق مارڪ زڪر برگ اعلان ڪيو آهي ته ميٽا پليٽ فارمز مصنوعي ذهانت (اي آءِ) کي ‘سپر انٽيليجنس’ ٽيڪنالاجيءَ جي لاءِ وڏا ڊيٽا سينٽر تعمير ڪرڻ تي سوين ارب ڊالر خرچ ڪندو، جنهن ۾ اعليٰ انجنيئرنگ جي حصول لاءِ جاري مقابلو اڃان وڌي ويندو. مارڪ زڪر برگ جي مطابق ڪمپنيءَ جو پهريون ملٽي گيگا واٽ ڊيٽا سينٽر جنهن جو نالو ‘پروميٿيئس’ رکيو ويو آهي، 2026ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو.
جڏهن ته ٻيو سينٽر ‘هائپيرين’ ايندڙ سالن ۾ پنج گيگا واٽ تائين صلاحيت حاصل ڪري وٺندو. ميٽا دنيا جي بهترين اي آءِ انجنيئرن ۽ محققن کي ڀرتي ڪري رهي آهي. اهي گوگل، ايپل ۽ اوپن اي آءِ ڪمپنين مان ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن ۽ انهن کي تمام ڳرا ڳرا پئڪيج ڏيڻ جي آفر ڪئي پئي وڃي. ميٽا جو مقصد اهڙو اي آءِ سسٽم ٺاهڻ آهي جيڪو انساني ذهانت کان به وڌيڪ ڪم ڪري سگهي، جنهن کي سپر انٽيليجنس چيو وڃي ٿو. خيال آهي ته اها ٽيڪنالاجي ايڪيهين صديءَ جي سڀ کان اهم ٽيڪنالاجي هوندي.
سپر انٽيليجنس جي اچڻ کانپوءِ دنيا ۾ تمام وڏيون تبديليون نظر اينديون. اڄ اسان کي اي آءِ ماڊل شروعاتي سطح تي نظر اچي ٿو، پر سڀاڻي سپر انٽيليجنس جي اچڻ کانپوءِ هر شعبي ۾ تخليقيت کان وٺي نيون شيون سکڻ، ٺاهڻ ۾ انسانن کان گهڻو اڳتي هوندي ۽ موجوده اي آءِ کان وڌيڪ ترقي يافته هوندي. ٻڌو پيو وڃي ته سپر انٽيليجنس اهي ڪم سرانجام ڏيندي جيڪي اڄ انسانن جي لاءِ يا ته تمام ڏکيا آهن يا ناممڪن آهن. مثال طور: سائنسي دريافتون، نوان طبي علاج ڳولهڻ يا پيچيده ماحولياتي مسئلن جا حل ڳولهڻ. هن ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان انساني پيداوري صلاحيت وڌي سگهندي، جتي سپر انٽيليجنس جا فائدا تمام گهڻا آهن اتي ان جا چئلينجز ۽ خدشا به موجود آهن.
سڀ کان وڏو چئلينج سپر انٽيليجنس جي اخلاقي استعمال کي يقيني بنائڻ هوندو. ان ڳالهه جو مسئلو پيدا ٿيندو ته ان ٽيڪنالاجيءَ جو غلط استعمال کي ڪيئن روڪيو وڃي. ان ڳالهه جي به ڳڻتي آهي ته ڇا اها ٽيڪنالاجي انساني قدرن ۽ مقصدن سان مطابقت رکندي يا انسان کي ڪنٽرول ڪرڻ طرف ويندي. ان کان علاوه جتي جتي انسان ڪم ڪري پنهنجو روزگار ڪمائي ٿو ان جي ملازمتن تي وڏو اثر پوندو ۽ سڄي دنيا ۾ بيروزگاري جي لهر پيدا ٿيندي.
انسان هميشه پنهنجي ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي زندگين کي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان آسان بنائڻ جي ڪوشش صدين کان ڪندو آيو آهي. اڄ جنهن دنيا ۾ انسان موجود آهي، اها ان ٽيڪنالاجيءَ جي انتهائي صورت آهي. هاڻي انسان جو سڄو ڪم مشينن جي حوالي ٿي ويندو، جنهن سان انساني سماج کي وڏا وڏا چئلينجز ڀوڳڻا پوندا. طاقت ڪجهه مرڪزن ۾ جمع ٿي ويندي، جنهن سان سماجن ۾ اڻبرابري اڃان وڌي ويندي. جيڪڏهن سپر انٽيليجنس کي عقلمنديءَ سان استعمال نه ڪيو ويو ته اها عدم مساوات يعني غريبي ۽ اميري جي فرق کي اڃان وڌيڪ وڌائي ڇڏيندي.
ان لاءِ حڪومتن ۽ رياستن کي پنهنجي آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جا پروگرام ٺاهڻا پوندا، ڇو ته آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس انساني ريسورس کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيندي. ان کان علاوه هن ٽيڪنالاجيءَ سان رياستن کي به وڏا چئلينجز اچي ويندا. قومي سلامتي جي ميدان ۾ سپر انٽيليجنس جتي انقلاب آڻي سگهي ٿي، اتي قومن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي به تبديل ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته هن ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ کان اڳ ان جي گهڻن پاسن کي ڏسي حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ تياريون ڪيون وڃن ته جيئن انساني سماج پنهنجي اخلاقيات ۽ بنيادي ڍانچي جي حفاظت ڪري سگهي.
اڃان تائين ته صرف اندازا لڳائي سگهجن ٿا ۽ پنهنجا خيال پيش ڪري ان ٽيڪنالاجيءَ جي ايندڙ اثرن بابت ڪجهه چئي سگهجي ٿو، پر بدلجندڙ وقت سان گڏ ضروري آهي ته رياستن کي پنهنجي سڄي ڍانچي کي تبديل ڪري ان ۾ نئين ايندڙ تبديليءَ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن سڀني چئلينجن کي منهن ڏئي سگهي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فائدن کي وڌ کان وڌ پنهنجي ملڪ، قوم ۽ دفاع جي لاءِ استعمال ڪري سگهي.
ڇو ته هيءَ ٽيڪنالاجي انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي گذارڻ لاءِ هڪ نئون مقصد ۽ نئين مدد فراهم ڪندي. جيڪڏهن ان ۾ پورو سماج گڏجي مثبت طريقي سان ان کي استعمال ڪندو ته اها هڪ تمام گهڻي مثبت تبديلي هوندي جنهن کي بنا ڪنهن خطري جي استعمال ڪري سگهبو. ائين چئي سگهجي ٿو ته سپر انٽيليجنس انسانيت لاءِ جتي هڪ وڏو موقعو فراهم ڪندي اتي هڪ وڏو چئلينج به کڻي ايندي. جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏاهپ، تعاون ۽ اڳواٽ سوچ جي ضرورت آهي. اسان اٺ پکيءَ وانگر طوفان اچڻ وقت پنهنجو منهن واريءَ ۾ لڪائي پنهنجو پاڻ کي دوکو نٿا ڏئي سگهون، پر هڪ سجاڳ قوم وانگر پنهنجو پاڻ کي ايندڙ تبديلين جي لاءِ ضرور تيار ڪري سگهون ٿا، جنهن جي لاءِ اسان کي مثبت سوچ ۽ دانشمنديءَ جي ضرورت آهي.