بلاگنئون

منظور حسين ڪوهيار جي ناول ڊي ناڪ 109 جو تنقيدي جائزو

گذريل ھفتي باگڙيءَ سان ڪراچي ۾ ٻه ٽي صفا نويڪليون ملاقاتو ٿيون. حسب معمول ادب ۽ فلسفي تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ھو پاڻ ھڪ اردو ناول ‘رولاڪ’ پڙھي رھيو ھو ۽ ان جي وڏي تعريف پئي ڪيائين. مون ھن کي چيو ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ناول لکجڻ جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي، جيڪا ھڪ ئي وقت وڏي حيران ڪندڙ ۽ خوشي ڏيندڙ خبر آھي. حيران ڪندڙ ان ڪري ٿو چوان ته اھڙا ماڻھو به ناول لکي رھيا آھن جن ڪڏھن ڪو افسانو يا ڪھاڻي به ناھي لکي، پر اھي ماڻھو سڌو سنئون اچي ناول جھڙي نفيس صنف تي طبع آزمائي ڪن ٿا. نتيجي طور اھڙا ناول لکجي رھيا آھن جيڪي صنفي ۽ فڪري گھرجون پوريون نٿا ڪن. لکندڙن جي ته خبر ناھي، پر پڙھندڙ ضرور پريشان آھن ته ھي ماڻھو ڪھڙي قسم جا ناول لکي رھيا آھن جنھن ۾ نه ڪھاڻي آھي، نه ئي ئي ڪو سٽاءُ، ٻولي ۽ نه ئي ڪو ڪردران جي چڱي چونڊ. مڙئي نالي ماتر ناول لکجي رھيا آھن. اھڙو عمل نه صرف ادب جي  لاءِ ھاڃيڪار آھي، پر لکندڙ لاءِ به ڪو سٺو سنوڻ ناھي. ڇو ته اھڙا ناول لکڻ سان ڪير مشھور ته ڪونه ٿيندو البته ان جي ابتڙ ٿيڻ جا آثار تمام گھڻا آھن.

 گھڻا ناول لکجڻ کي خوشي جي خبر ان ڪري ٿو چوان ته ان وٺ وٺان ۾ ڪي ڪي داڻا اھڙا به لکجي رھيا آھن جيڪي نه صرف ناول جون بنيادي گھرجون پوريون ڪن ٿا پر پڙھندڙ کي به پنھنجي پئسي ۽ وقت جي خرچ جو پورو پورو معاضو خوشي ۽ مزي جي صورت ۾ ادا ڪن ٿا. اھوئي ادب جو بنيادي ڪم آھي ته پڙھندڙن کي سرور مھيا ڪري آخر ۾ ڪو بنيادي سبق ڏنو وڃي. مون باگڙي کي ٻڌايو ته اھڙن داڻن منجھان سائين منظور حسين ‘ڪوھيار’ جو ناول ‘ڊي ناڪ 109’ آھي. ھن ناول کي اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد طرفان سال 2022 ۾ بھترين سنڌي ناول ھجڻ جو انعام ڏنو ويو آھي، تنھنڪري ھي ناول پڙھ. مون ھن کي ناول جي ڪھاڻي ته ٻڌائي، پر آئون چاھيان ٿو ته پڙھندڙن کي به ناول جي مختصر ڪھاڻي کان آگاھ ڪيان، ان کانپوءِ ھن ناول جي فني خوبين ۽ خامين تي نظر وجھجي.

بنيادي طور ھي ھڪ ڊائري يا سفري ناول آھي. ھن ۾ تمام گھڻا ڪردار آھن، پر بنيادي طور دلمراد حسين ۽ نگستي ناول جا مرڪزي ڪردار آھن. دلمراد جو تعلق سنڌ سان آھي ۽ نگستي آفريڪا جي ملڪ اٿيوپيا جي آھي. ھي ڪرادر نيڌرلينڊ جي اسڪالرشپ تي اتان جي گھرن ۽ شھرن کي ترقي وٺرائڻ جي روٽرڊم شھر ۾ قائم ٿيل اداري پھچن ٿا. ھنن سان گڏ ٻين ملڪن جھڙوڪ: بنگلاديش، سريلنڪا، انڊيا، ملائيشيا، سعودي عرب، چائنا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جا به ڪافي وچين عمر جا ماڻھو جن ۾ اڪثريت عورتن جي آھي، پڻ پھچن ٿا. انھن سڀني ڪردارن جو سفر اداري جي ھاسٽل ڊي ناڪ 109 کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان ھاسٽل تي ئي ختم ٿئي ٿو.

دلمراد، نگستي ۽ ٻيا ڪردارا پنھنجي اسڪالرشپ جي پڙھائي کان علاوه، مختلف قسمن جون رانديون کيڏن ٿا ۽ موڪل وارن ڏينھن ۾ يورپ جا مختلف شھر جيئن فرانس وغيره گھمن ٿا. عام طور پنھنجي مصروفيتن کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ، دلمراد ۽ نگستي، ٻين ڪردارن سان گڏ، ھڪ سيرا نالي ڇوڪري جي ڪمري تي رات جي ٽائيم تي ڪچھري ڪن ٿا جنھن ۾ پڙھائي لکائي کان علاوه صوفي خيالن تي بحث پڻ شامل آھي. سيرا ھڪ صوفي قسم جي، پر اٿيل ويٺل ڇوڪري آھي جيڪا سڀني ڪردارن کي ساڻ ڪري ھلي ٿي.

جڏھن ته دلمراد ھڪ ڳوٺائي قسم جو ماڻھو آھي جنھن جو تعلق ھڪ روايتي سنڌي شھر سان آھي، جتي عورت جي ڪا حيثيت ناھي ۽ رشتا ڏي وٺ يا سڱ چٽي تي ڏنا، ورتا وڃن ٿا. اھڙيءَ طرح دلمراد جو پڻ ڏي وٺ جي رواج تحت پنھنجي سئوٽ حاجران سان مڱڻو ٿيل ھوندو آھي، پر دلمراد جي اھڙي رشتيداري ۾ ڪا دلچسپي ناھي. بھرحال، دلمراد جو نگستي سان نينھن لڳي وڃي ٿو. ٻنھي پريمين جي زندگي تقريبن گڏ گذري ٿي. کائڻ، پيئڻ، گھمڻ، گڏ سمھڻ کان علاوه، ٻئي ڄڻا واڪ وغيره به گڏ ڪن ٿا. شروع ۾ دلمراد نگستي سميت ھر عورت سان پئون ٻارھن ڪرڻ چاھي ٿو ڇو ته ڪراچي ۾ ويٺل سندس دوست ۽ Love Guru , دمساز جو سمجھايل آھي ته ‘يار جي يورپ وڃي ٿو ته متان مسيت جو ڪک ٿي ويھي رھين’.

نگستي، جيڪا دلمراد جي دل جو چين آھي، آزادي جي جنگ وڙھندڙ ھڪ گوريلي آھي جيڪا اريٽريا جي اٿوپيا کان آزادي چاھي ٿي. ھوءَ ھر وقت پنھنجي ملڪ جي آزادي جو سوچي ٿي ۽ دنيا جي اھڙن مسئلن خاص ڪري آفريڪا جي ملڪن تي سامراج جي قبضي ۽ ناجائزين جي تاريخ تي دلمراد ۽ ٻين ڪردارن جو بحث پڻ ھلندو رھي ٿو. دلمراد به نه صرف نگستي جو سچو عاشق ٿي وچي ٿو، پر ھو نگستي سان گڏ آزادي جي جنگ وڙھڻ لاءِ اٿوپيا وڃڻ لاءِ پڻ تيار ٿي وڃي ٿو. نگستي سان گڏ ھو پلان ٺاھي ٿو ته ھو ٻئي ڄڻا ڪھڙي رستي ۽ ڪيئن اٿوپيا پھچندا ۽ ڪھڙي طرح آزادي جي لاءِ وڙھندڙ باغين سان وڃي ملندا. ان سلسلي ۾ دلمراد ويزا پڻ لڳرائي ٿو.

ڪجھ ڏينھن کانپوءِ دلمراد، نگستي ۽ ڪجھ ٻيا ساٿي پيرس گھمڻ وڃن ٿا. فرانس گھمي ڦري سڀ موٽي اچن ٿا، پر نگستي پيرس ۾ رھي پوي ٿي ڇو ته ھن کي پيرس ۾ ترسيل جلاوطن ساٿين سان پنھنجي ملڪ جي آزادي لاءِ صلاح مشورا ڪرڻا آھن. نگستي جي فرانس ۾ ھجڻ ڪري، دلمراد پاڻ کي اڪيلو محسوس ٿو ڪري ۽ مختلف ڳالھيون سوچي ٿو ڇو ته نگستي ھن سان ڪنھن به قسم جو ڪوبه  رابطو نٿي ڪري. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ نگستي پيرس مان واپس اچي سڌو دلمراد جي ڪمري ۾ ويھي ٿي، جتي ھوءَ دلمراد جي ڀاءُ جو لکيل خط پڙھي ٿي، جنھن ۾ دلمراد جي مڱ حاجران جي تصوير سان  ان جو ذڪر ڪيل آھي. دلمراد جي اچڻ کانپوءِ ھوءَ دلمراد کي خط پڙھڻ بابت ڪوبه اونت نٿي ڏئي. ٻئي پريمي ڪچھري سان گڏوگڏ پيار پريم ڪن ٿا. نگستي سان پيار جا پل، ٿر جيان صدين جي پياسي، دلمراد جي پوري زندگي جا ٿڪ ئي لاھي ٿا ڇڏين، پر آھستي آھستي دلمراد سان نگستي جو ورتاءُ مٽجي ٿو وڃي. ھوءَ ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ٻيھر فرانس ھلي ٿي وڃي ۽ دلمراد پريشان ٿي ٿو وڃي.

ٻئي پاسي دلمراد جي ٽريننگ پنھنجي اختتام تي پھچڻ واري آھي، پر ھن کي نگستي جو ڪوبه ڏس پتو ناھي. دلمراد پريشانيءَ جي عالم ۾ آھي ۽ ھن کي نگستي جو ڪوبه کر پير نٿو ملي. دلمراد پريشاني جي ڪري پنھنجي ٽريننگ تي به گھڻو ڌيان نٿو ڏئي جنھن جي ڪري ھو ڪلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل ھئڻ جي باوجود پوزيشن نٿو کڻي سگھي. نگستي جي دُوري ۽ ڪنھن قدر بيوفائي دلمراد جي دل ۾ وھم گمان پيدا ڪري ٿي ڇڏي ۽ ھو خودڪشي لاءِ سوچڻ شروع ٿو ڪري. ان دوران ھو ھڪ خواب ٿو ڏسي ته ڪيئن نه ھاسٽل تي رھندڙ فينگ نالي ھڪ چيني ڇوڪري  وڏي آرام سان خودڪشي ڪئي ھئي. دلمراد خودڪشي لاءِ رسو خريد ڪري ٿو ۽ خودڪشي لاءِ ذھني طور تيار ٿي وڃي ٿو. ان دوران ئي سيرا ۽ ٻيون ڇوڪريون، دلمراد کي ٻڌائين ٿيون ته نگستي اريٽيريا جي آزادي جي جنگ وڙھندي شھيد ٿي چڪي آھي. جڏھن ته اريٽيريا، اٿوپيا کان آزادي حاصل ڪري ورتي آھي. سيرا، دلمراد کي نگستي جو ھڪ خط ڏئي ٿي، جنھن ۾ نگستي دلمراد کي ٻڌائي ٿي ته ھن، دلمراد جي ڪمري ۾ دلمراد لاءِ آيل سندس خط پڙھيو ھو ۽ ھوءَ چاھي ٿي ته دلمراد پنھنجي سئوٽ حاجران سان شادي ڪري. نگستي جو خط پڙھڻ کانپوءِ دلمراد جو عورت ۽ معاشري جي باري ۾ ذھن تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ناول پڄاڻي تي پھچي ٿو.

ناول پڙھڻ کانپوءِ، آئون اھو سوچيندو رھيس ته ڪوھيار صاحب ڪيڏي نه محنت ڪري ھي ناول لکيو آھي. ھن ناول جي ڪھاڻي، ڪردرا، ٻولي، رنگ ڍنگ، ماحول ۽ پيغام تمام زبردست، وڻندڙ ۽ حقيقي لڳن ٿا. ناول ۾ ڪٿي به ڪو وڏو جھول ناھي جتي پڙھندڙ کي محسوس ٿئي ته ڪو غير ضروري جملو يا لفظ اچي ويو آھي. ھي ھڪ گھڙيل ۽ اڻيل ناول آھي جنھن جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ پڙھندڙ اڳتي نٿو وڌي. ناول جي گھڙت کان علاوه ناول جي ڪردران جي چونڊ پڻ ڏاڍي زبردست آھي. دلمراد، نگستي، سيرا، روزميري، ابراھيم ۽ ٻيا ڪيترائي ڪردار تمام حقيقي ۽ جاندار ڪردار لڳن ٿا. ناول نگار، ڪردارن سان انصاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. مون کي ذاتي طور نگستي جي ڪردار ڏاڍو متاثر ڪيو ڇو ته ھن وٽ نه صرف مقصد ھو، پر مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرباني جو جذبو به آھي. قرباني کان علاوه ھن وٽ عورت جو پڻ قدر آھي جيڪو ھن دلمراد جي مڱ لاءِ چيو ۽ ڪيو، اھو قابل تعريف آھي. ڪردران کان علاوه ناول جي ٻولي تمام پڪي، پختي، جاندار، شاندار ۽ رنگن سان ڀريل آھي. مونکي ناول جي ھڪ ڪردرا ھندستان جي سريش جو ڪلپاج کي چيل ھي ڊائلاگ؛ ‘يار بڙي خيال سي گجارا ڪرنا پڙيگا’ ۽  مزاح ۽ چوڻين ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ناول ۾ ٻولي جي شاندار استعمال لاءِ منظور صاحب جس لھڻي. اھڙي طرح ناول جو مقصد بيان يا حاصل ڪرڻ ۾ پڻ منظور صاحب ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آھي. دلمراد جي ذھن ۽ سوچ جي تبديلي دراصل اسان جي معاشري جي سوچ جي تبديلي آھي. اھڙي طرح ئي معاشرو تبديل ٿي ترقي ڪندو آھي.

ھي ناول ايترو ته زبردست لکيل آھي جو ھن جي خامين کي نظر اندار ڪري سگھجي ٿو. ھونئن به فني طور تي اھڙي ڪابه خامي ناھي جنھن تي ڳالھائجي، پر چند غلطيون آھن جن تي نظر وجھڻ ضروري آھي. ھن ناول جي شروع ۾ ڪجھ مشاھدي جو غلطيون آھن. مثال سائين لکي ٿو ته روٽرڊم پھچندي سامان کڻي پگھر ۾ شل ٿي وياسين، وري ٻئي پني تي لکي ٿو ته برف باري شروع ٿي وئي. ڏٺو وڃي ته جتي گرمي پد ڪاٽو ۾ ھوندو آھي اتي پگھر ڪونه ايندو آھي. چيني ڇوڪري جو دلمراد جي خواب ۾ اچڻ. ھاڻي حقيقت اھا آھي ته اھو فينگ، دلمراد يا ٻين ڪردارن سان ايترو راھل ماھل ئي ناھي، نه ئي ناول ۾ ان جو ڪو اھڙو ڪردار آھي. ھڪ اڻڄاڻ ماڻھو، جنھن جي مسئلن کان دلمراد يا ٻيو ڪير ايترو واقف ئي ناھي، اھو خواب ۾ ڪيئن اچي سگھي ٿو؟ خواب ۾ ناول جو ڪو ٻيو ڪردار اچي ھا ته سٺو ھو. فينگ جو خواب ۾ اچڻ مصنوعي لڳي ٿو. اھڙي طرح ناول ۾ تاريخ جون به ڪجھ غلطيون آھن. مثال  ناول جا ڪردار سيرا ۽ روزميري، دلمراد کي ٻڌائين ٿا ته نگستي 23 مئي تي جنگ وڙھندي شھيد ٿي چڪي آھي ۽ اريٽيريا، ايٿوپيا کان آزادي حاصل ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن 23 مئي تي نگستي شھيد ٿي چڪي آھي ته 2 جون تي ھوءَ فرانس کان روٽرڊم موٽي ھاسٽل تي دلمراد کي جنم ڏينھن جي واڌائي ڪيئن ٿي ڏئي؟ تاريخ جي اھڙيون ٽي چار غلطيون ٻيون به آھن. آئون سمجھان ٿو ته انھن غلطين جي ناول جي مجموعي ڪھاڻي يا اختتام تي ڪو گھڻو منفي اثر نٿو پوي، پر انھن کي درست ڪرڻو پوندو. اھڙي طرح، ناول ۾ پڙھائي لکائي، خاص ڪري شھري رٿا بندي يا ترقي تي گھڻو لکيل آھي، جيڪو ناول جي اصل ڪھاڻي کي پسمنظر ۾ لڪائي ڇڏي ٿو. ناول ۾ ھر سنڌي ڪتاب وانگر ڇپائي جون به ڪافي غلطيون آھن.

باقي مجموعي طور ھي ناول ھڪ سٺي ڪوشش آھي، ھر پڙھندڙ ھي ناول پڙھي پنھنجو پنھنجو رايو ڏئي ته جيئن ناول لکندڙ دوست وڌيڪ بھتر ناول لکي سگھن. ڇپائي وارن کي نماڻو عرض آھي ته ڪتابن جا پروف پروفيشنل ماڻھن ۽ عالمن کان چيڪ ڪرايو. اسان وٽ سنڌي توڙي انگريزي ۾ ڇپجندڙ ڪتاب پروف جي غلطين سان ڀريا پيا آھن جنھن جو تازو مثال ھي ناول ۽ نور احمد جنجھي صاحب جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب Kaoornjhar’s cry آھي. جنجھي صاحب جي ڪتاب تي الڳ سان لکبو. چوڻ جو مقصد ته اسانکي رڳو سکڻي شھرت، نالي ماتر يا پنج پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪتاب ناھن لکڻا، پر بين الاقوامي معيار جا ڪتاب لکڻا آھن. تنھنڪري اسانکي پنھنجي ڪوتاھين تي نظر وجھڻي پوندي.