حيرت اها به آهي ته بلوچن جا جوان جيڪي ويچارا رياست جي خلاف ڪجھ ڳالهائين به نٿا، نه ئي ڪو سنڌي جوان ڪڏهن روڊن تي ڪو اڀ ڏاريندڙ نعرا به هڻندا هوندا، پر اهي رياست جي ڳجهين ايجنسين کي نظر اچي ٿا وڃن ۽ رياست جي انهن ايجنسين کي اهي وڏا خوفناڪ ٿا لڳن، اندروني ايجنسيون سمجهن ٿيون ته جي اهي باغي گروهن جا ماڻهو جيئرا رهيا ته رياست مري ويندي ۽ جيڪڏهن اهي ماريا ويا ته رياست جيئندي، پوءِ انهن ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ هجي يا ٻيا ويچارا بلوچ ۽ سنڌي نوجوان جيڪي رڳو روڊن تي ان ڪري به ايندا آهن ته انهن کي پنهنجن صوبن ۾ زندگيءَ جا بنيادي حق ۽ پورا پورا نٿا ملن، پر ان جي ڀيٽ ۾ رياست کان اهو سوال آهي ته منظور پشين جڏهن اسلام آباد ۾ رياست جي دُنَ تي بيهي بدشد ڳالهائي به محفوظ ٿو هجي، طالبان جي لاءِ ڪي پرمننٽ آپريشن نٿا ٿين جي ٿين ٿا ته اهي طالبان لوسڻ وانگي آهن جيڪي وري ڦٽي ٿا پون، ڏک اهو به آهي ته جيتري اسپيڊ سان بلوچ ۽ سنڌي جوان گهران پَٽي رات پيٽ ۾ گم ڪيا ٿا وڃن، انهن جو حساب ڪتاب ڪير ڏيندو يا ڪير اها دانهن ٻڌندو.
وري سوال اهو به آهي ته جيڪي طالبان 16 ڊسمبر 2014 ۾ فوجين جي معصوم ٻارن کي ناحق ماري شهيد ڪري هليا ويا هئا ان بدلي ۾ ڪي پي جي ڪيتري نسل ڪشي ٿي هئي. بيروني ايجنسين پاڪستان سميت دنيا کي ڏيکاريو هو ته اهي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عسڪري ادارن ۾ گهري ڪجھ به ڪري سگهڻ جي طاقت ساري سگهن ٿا ۽ رياست انهن جو ڪجھ به نه ٿي بگاڙي سگهي. سوال اهو به آهي ته ان کانپوءِ آپريشن رَدُالفساد ۽ آپريشن ضربِ عَضَب ۾ ڪهڙو کڙ تيل نڪتو يا ڪي پي جا ڪهڙا بارڊر سيل ڪيا ويا هئا؟ ان کانپوءِ رياست ڪيترو “ري ايڪٽو“ هئي جنهن طالبان جي نسل ڪشي ڪئي ۽ طالبان جي نسلن ۾ جيڪي 20 سالن کانپوءِ پروان چڙهيا انهن رياست جي ڊپ ۾ ۽ عسڪري ادارن جي خوف کان ڪهڙي نمازي پرهيزي شروع ڪئي؟ جي اهي فوجي آپريشن به ان ڳالھ جو حل نه بڻيا ته هاڻي ڇا جو انتظار ڪريون يا هاڻي ڪهڙو کڙ تيل نڪرندو؟ ان ڪري ته عسڪري ادارن کي اها طالباني ڌڙا ته اڃان به وڌيڪ چئلينج ٿا ڪن، اهي ته اهو چوڻ ۾ ڊڄ نٿا سمجهن ته ڪي پي صوبو سڀ کان پهرين پاڪستان کان الڳ ٿيندو. ان ڪري آءِ ايس خراسان چيپٽر ته کليو اعلان ڪري اها ڳالھ چوي ٿو ته پوءِ عسڪري ادارن جي لاءِ هاڻي بارڊر ايترو ڏکيو ۽ چئليجنگ ناهي، جيترو صوبن جي اندر عسڪري ادارن جي لاءِ ڏکيائيون پيش اينديون. ان ڪري ته طالبان نه پهرين افغانستان جي لاءِ مصيبت هئا نه ئي هاڻي مصيبت آهن، اهي مصيبت رڳو پاڪستان جي لاءِ آهن، جيڪي افغانستان ۾ رهي ڪري به پاڪستان جي لاءِ ڏکيائيون آڻيندا رهيا آهن ۽ اهي سڀ افغاني ڌڙا طالباني بهاني وري اسان جي لاءِ خطري جي گهنٽي بڻيا بيٺا آهن.
پر حيرت اها به آهي ته انهن اٻوجھ ماڻهن (بلوچن ۽ سنڌين) مان رياست کي وڏو خطرو لاحق ٿو رهي. ان ڪري رياست جي نظر ۾ اهي سڀ قوم پرست آواز خطرناڪ آهن، جيڪي لڪي ڇَپي پنهنجن ڊرائنگ رومز ۾، هوٽلن جي ڪٽ چانھ تي ٽي ٽي ڪلاڪ ڪچهريون به ڪندا هوندا، پر انهن ماڻهن مان نه دوستن کي دلاسو آهي نه دشمنن کي ڪو ڀئو. ان ڪري رياست رڳو انهن طالباني ڌرين کي ڪچلي، دٻڙ دئونس چاڙهي ته جيئن انهن جو علاج هڪ ڌڪ ٿئي. اها ڳالھ ڪنهن ٻار وانگي نه ڪن ته انهن جي نظر جڏهن ڪنهن پوڙهي تي پوندي آهي ته سوچيندا آهن ته اهو پوڙهو سڀاڻي اسڪول جي موڪل ڪرڻ ۾ ڪم ايندو ۽ سڀاڻي چونداسين ته پوڙهو گذار ويو، ان ڪري موڪل ڪئي سين. ان ڪري هن ملڪ جون ايجنسيون اهي سڀ طالباني گروهن جا ماڻهو به پاڻ پالين ٿا ته اهي به انهن جي ڪم ايندا. ڇو ته ڪرپشن رڳو سرڪاري ادارن ۾ ناهي، پر اهي طالبان به ان ڪرپشن جا محرڪ آهن، اهي به اسان جي هڙ کڻيو ٿا وڃن، ان سبب ”اڪانومي رورس“ ٿي هلي جيئن ڊپارٽمينٽل اسٽورن تان جڏهن شيون خريد ٿا ڪريون ته اهي سڀ پئسا ”يوني ليور، نيسلي، پيپسي، ڪوڪا ڪولا، پي اينڊ جي ۽ ايڪوافينا جهڙيون ڪمپينون کڻي هليون ٿيون وڃن ۽ اسان کائي کپائي اوڳرائي ڏئي ڌڻي جو شڪر ڪريو ويٺا آهيون. هتي به ساڳي ڳالھ آهي ته هٿيار ٻنهي طرفين آمريڪي ئي آهن جو گدور ڇُري تي ڪري ته گدري جو ذيان آهي، جي ڇُري گدري جي مٿان ڪري ته به ڳالھ ساڳي بيهندي. ان ڪري هٿيار رڳو آمريڪي برانڊ جا ئي استعمال ٿيڻا آهن، 700 ملين ڊالر جا هٿيار آمريڪا هن خطي ۾ سوچي سمجهي کپائي ٿو، ڇو ته سبزي کپائڻ وارو ڪڏهن به گوشت جو هوڪو نٿو ڏئي سگهي، ان ڪري جي امن جا پکي اڏڻ شروع ٿي ويا ته آمريڪي بک مري ويندا ۽ هن خطي جا ماڻهو جي پوندا.
اسان جي سرڪار به ”ري ايڪٽو“ آهي، معنيٰ جڏهن شيون ٿي بس ٿينديون ته اسان فورن چونداسين ته اسان جي مهمانن سان زيادتي ٿي آهي، ان ڪري چين کي خوش ڪرڻ جي لاءِ اسان جي عسڪري ادارا اهڙا بيان ضرور ڏيندا آهن، جنهن ۾ چين جي تسلي ٿئي ته اهي اڪيلا ناهن. ساڳي جاءِ تي ”ڊولنڊ لو“ به هنن رياستي اختيارين کي اها ڳالھ به بانور ٿو ڪرائي ته انهن آءِ ايم ايف جي ڏنل هڪ ارب ڊالرن مان سي پيڪ تي هڪ ٽڪو به استعمال نه ٿيندو ۽ چين کي وري اها به ڳالھ چون ٿا ته هو ملڪ جي سڀني پاور پروجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ به پنهنجي طاقت استعمال ڪري. مثال ”ڪي اِي“ سان گڏجي ”ڪراچي نيو ڪليئر پاور پروجيڪٽس“ تي توسيع به ڪري ٿو، چين ڄامشورو پاور پروجيڪٽس تي به ڪم جاري رکيو ويٺو آهي، داسو واري هائيڊل پروجڪيٽس تي به ڪم هلائي ٿو، پر آءِ ايم ايف جي پروگرام جي روڪڻ جي لاءِ به لکي ڏين ٿا ته رياست سي پيڪ نه هلائيندي، ۽ آءِ ايم ايف جيئن چوندي تيئن ڪندا ويندا، پر ساڳي جاءِ تي آمريڪا کي ان ڳالھ جي به پڪ ڪرائين ٿا ته بجلي مهانگي به ڪندا، گئس به مهانگي ڪندا، ايران کان گئس پروجيڪٽس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪندا، پر امدادون ٻنهي ملڪن جون کائيندا رهندا.
معنيٰ شيون ٿي ٿيون وڃن پوءِ عسڪري ادارن جا ڪَنَ کڙا ٿا ٿين يا سمجهن ٿا ته هاڻي ڪي پي ۾ ڪرنل کي شهيد ڪري ڇڏين، گوادر تي به طالبان حملا ڪري ڏنا آهن، داسو واري پروجيڪٽ تي هي ٻيون ڀيرو حملو ٿيو آهي ۽ ان کان اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 26 اپريل 2022 تي حملو به ان ڳالھ جي ڪري ڪيو ۽ هاڻي ڪراچي ايئرپورٽ وارو چينين تي حملو جيڪو 7 آڪٽوبر 2024 تي ڪيو هئن ته چين ڪنهن صورت سي پيڪ جي منصوبن تان هٿ کڻي نه ته بيروني قوتون چائنا جو چين ۽ سڪون ڦٽائي ڇڏينديون، ان ڪري ته آمريڪا چين سان دوبدو وڙهي نٿو سگهي، پر آمريڪا جي جنگ جي الائيڊ فورسز نٿا وڙهي سگهن يا افغانستان مان واپس وڃڻ کانپوءِ ساڳيو ٺيڪو هاڻي طالبان کي ڏئي ويا آهن، جيڪي رياست کي چريو ڪريو ويٺا آهن ۽ لِڪَ لِڪوٽي راند ٿا ڪن، معنيٰ جي افغانستان سرڪار دٻ ٿي پٽين ته پاڪستان جو رخ ٿا ڪن ۽ جي پاڪستاني عسڪري ادارا انهن جي خلاف ڪا ڪارروائي ٿا ڪن ته اهي طالبان سرحد ٽپي افغانستان هليا ٿا وڃن ۽ ائين راند جاري رکيون ويٺا آهن.
يو اين او جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن حالانڪه طالبان جي ان بزدلاڻي ۽ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جن ان ڳالھ جي تصديق ڪئي ته دهشتگردي پنهنجي هر شڪل ۽ صورت ۾ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ سنگين خطرو آهن ۽ يو اين او اهڙن قابل مذمت عملن جي مجرمن، آرگنائيزرن، فنانسرز ۽ اسپانسرز کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن جي پراسيڪيوشن کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي. ڪائونسل سڀني رياستن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ذميوارين ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قرار دادن جي تعميل ۾ پاڪستان ۽ چين جي حڪومتن سان گڏوگڏ ٻين لاڳاپيل اختيارين سان ان معاملي ۾ فعال تعاون ڪن. ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھ کي به ورجايو آهي ته انهن جي دهشتگردن جي حوصلا افزائي نه ڪئي وڃي، پر انهن کي ڪچليو وڃي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ”ميٿيو ملر“ چيو آهي ته کين بشام حملي جي جاچ ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي ڪنهن به درخواست جي خبر ناهي.
هاڻي حڪومت داسو پاور پروجيڪٽ جي 2020 ۾ حملي جي نتيجي ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريا هئا جو هاڻي وري پنج اٺ طالبان ماري وري پلوَ وٺندي، پر ڳالھ اڃان به مونجهاري جو شڪار رهندي ته جيئن سي پيڪ جا منصوبا هلي پوڻ جي ويجهو هوندا ته چيني ان جي بدلي جان ۽ مال جي قيمت ڀري ڏيندا رهندا. ان ڪري ته هي رياست بيروني ايجسنين جي هٿان يرغمال بڻيل آهي، جيڪا راند کٽڻ واري ناهي، پر چين ڪڏهن به بين الاقوامي احتجاج رڪارڊ نٿو ڪرائي ۽ جي پنج انجنيئر مرنس ٿا ته ڏھ ٻيا آڻي سي پيڪ جي ڪم کي جاري ڪريو ويٺو آهي. ان ڪري ته هو اهو سمجهي ٿو جيڪا به دهشتگري آهي، ان جي پويان بيروني لڪيل هٿ آهن، جن سان ان صورت وڙهي کٽي سگهجي ٿو ته خطي ۾ رڳو سي پيڪ هلي پئي ۽ ايجنسين جي اهڙي چال جي جواب ۾ چين وٽ رڳو پنهنجا منصوبا اڳتي وڌائڻ آهي.