صوبي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي شهر ملڪ جي وڏي ۾ وڏو شهر هجڻ سان گڏ ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پوري ملڪ جو ڪاروهنوار ڪراچي جي سامونڊي بندرگاهه سان هجڻ ڪري پوري ملڪ جا ماڻهو هن شهر ۾ اچي پنهنجو روزگار ڪن ٿا ان ۾ نه صرف صنعتڪار، واپاري، برآمد ڪندڙ، درآمد ڪندڙن سان گڏ لکين مزدور پنهنجي روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ هن شهر جو رخ ڪن ٿا. ڪراچي شهر ۾ گهڻائي مسئلا آهن، پر انهن ۾ جيڪڏهن سرس مسئلو رهيو آهي ته ٽرانسپورٽ جو رهيو آهي.
انهيءَ ۾ به حقيقت آهي ته هن شهر جي آبادي بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ۽ بغير ڪنهن پلاننگ جي وڌي رهي آهي جيڪو پڻ مسئلن وڌائڻ جو وڏو سبب آهي. جيڪڏهن اسان 70ع جي ڏهاڪي واري ڪراچيءَ کي ڏسون ته کليل رستا، روڊن تي هلندڙ ٽرامون، صاف سٿرو شهر ياد ايندو، پر جڏهن اسان 2024ع ۾ ساڳئي شهر کي ڏسون ٿا ته ماڻهن جي وڏي پئماني تي جنهن ۾ گهڻو ڪري غير قانوني پرڏيهي شامل آهن، شهر اندر آمد جي ڪري ۽ آباديءَ جو تناسب غير فطري طور تي وڌڻ جي ڪري شهر ۾ سهولتن جي کوٽ ٿي وئي. عروس البلاد جا ويڪرا رستا هاڻي سوڙهين گهٽين مثل ٿي ويا آهن، سبب آهي حد کان وڌيڪ ٽريفڪ ۽ رستن تي انڪروچمينٽ. ايڏي وڏي آباديءَ واري شهر جي ماڻهن کي سرڪاري ٽرانسپورٽيشن نه هجڻ جي ڪري ماڻهن سان جيڪا ويڌن پرائيويٽ ٽرانسپورٽن ڪئي ۽ بسين جي نالي تي جيڪي ڇڪڙا شهر اندر هلايا جن ۾ ڦاٽل سيٽون مسافرن جي ڪپڙن کي يا ته ڦاڙي ڇڏينديون هيون يا انهن کي اهڙا داغ لڳائي ڇڏينديون هيون جو ڌوٻي به ڌوئي نه سگهي. صبح ۽ شام جو هڪ مني بس تي ٻه سئو ماڻهو چنبڙيل نظر ايندا آهن. سنڌ گورنمينٽ ڪراچي جي شهرين تي ڪجهه وقت کان ٽرانسپورٽ جي مهرباني ڪئي آهي، جنهن ۾ گرين لائين بسون، پنڪ لائين بسون جيڪي صرف عورتن لاءِ مخصوص آهن، هلايون ويون آهن، جن عوام جي سفر کي آسان بڻايو آهي. ان سان گڏ ريڊ لائين بسن جو منصوبو جيڪو وفاق طرفان شهر کي ڏنو ويو آهي اهو پڻ مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي، پر هن وقت پيپلز پارٽي جي گورنمينٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نالي هيٺ هڪ سئو ارب رپين جو ييلو لائين بي آر ٽي منصوبو شروع ڪري رهي آهي، جيڪو ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ٿي رهيو آهي. هڪ سئو ارب تمام وڏي رقم آهي. اهو پڻ ٻڌايو ٿو وڃي ته اهو منصوبو 21 ڪلو ميٽر ڪور ڪندو جيڪو دائود چورنگي کان شروع ٿيندو، ڪورنگي کان ٿيندو ڄام صادق علي پل ڪراس ڪندو، ايف ٽي سي کان ڪشمير روڊ وٺي نمائش چورنگي وٽ ريڊ لائين منصوبي سان ملي ويندو. سنڌ گورنمينٽ چواڻي ته اهو منصوبو ارڙهن مهينن جي مختصر مدي ۾ پورو ڪيو ويندو. دائود چورنگي کان وٺي ڪورنگي واري رستي سان تمام گهڻيون صنعتون لڳل آهن انهيءَ ڪري ان منصوبي مان عام ورڪر جو تمام گهڻو فائدو ٿيندو. موٽرسائيڪل جهڙي خوفناڪ سواري کان سندس جان آجي ٿي ويندو ۽ اهو سفيد پوش جيڪو رڪشا ۽ ٽيڪسي جو ڪرايو برادشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي ان کي گهڻو فائدو ٿيندو. هڪ ته بسون ايئرڪنڊيشنڊ آهن ۽ ٻيو اهي بسون “E.V” يعني اليڪٽريڪل وهيڪل هونديون، جنهن جي ڪري ماحول تي پڻ ناڪاري اثر نه پوندا. ڪراچي شهر کي ايڏو وڏو منصوبو ڏيڻ تي سنڌ گورنمينٽ کيرون لهڻي. اهڙا منصوبا ڪنهن به ملڪ جي ميٽرو پوليٽن شهر جي لاءِ بنيادي سهولت طور اهم آهن، اهڙن منصوبن کي شايد ڪيتروئي اڳ مڪمل ٿيڻ جي ضرورت هئي، پر هاڻي به دير آيد درست آيد تحت جيڪڏهن حڪومت اهڙن منصوبن کي مڪمل ڪري عوام کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي اها به سنڌ حڪومت جي عوام دوست هجڻ جو ثبوت آهي. اهڙن منصوبن جي ڪري ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تان ٽريفڪ جو بار گهٽ ٿيندو ۽ غريب ماڻهو جيڪي رڪشائن ۽ موٽر بائيڪن تي سفر ڪن ٿا، تن کي سفر ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر سواري ملندي. نه صرف ايترو پر روڊن ۽ رستن جي ڀڃ ڊاهه ۾ به گهٽتائي ايندي ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ به اضافو ٿيندو. اهو ڪراچي شهر جو بنيادي حق آهي ته ڪراچي کي سندس وڃايل خوبصورتي واپس موٽائي ڏني وڃي، جنهن ۾ هر غير قانوني بلڊنگ ۽ ٽرانسپورٽ کي ختم ڪري خوبصورت ۽ پلاننگ سان جوڙيل منصوبا آندا وڃن. هن منصوبي تحت ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ڪم تي وڃڻ جي لاءِ جڏهن انهن بسن ذريعي سفر ڪندا ته انهن کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ جي لاءِ ڪجهه پنڌ ڪرڻ جي به ضرورت پهچندي ان جي لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ وڻڪار ڪئي وڃي. اگر ماڻهو ٿورو مفاصلو بس مان لهي پيدل ڪرڻ چاهين ته اهي سج جي گرميءَ کان محفوظ رهي سگهن. جيڪڏهن ارڙهن مهينن ۾ سنڌ سرڪار اهو منصوبو مڪمل ڪري ٿي وڃي ته اهو هڪ تحفو آهي جيڪو سنڌ صوبي جي گاديءَ واري شهر کي سنڌ سرڪار طرفان ڏنو ويندو.
سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته ٽرانسپورٽ جي سهولت پوري سنڌ جي ماڻهن کي ڏني وڃي ۽ ان قسم جا ٽرانسپورٽ جا منصوبا ڪراچيءَ کان پوءِ پوري صوبي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شروع ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار ۾ تبديلي اچي سگهي ۽ اهي ان بنيادي سهولت جي ڪري پنهنجن ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. اهڙي قسم جون ايئرڪنڊيشنڊ بسون هلايون وڃن، جيڪو سنڌ صوبي جي ماڻهن جو حق آهي ۽ سنڌ سرڪار جو فرض آهي. سنڌ جا ماڻهو کيس مسلسل ووٽ ڏيئي رهيا آهن. واپسيءَ ۾ سهولتن جي تقاضا ڪرڻ پڻ سندن حق بڻجي ٿو.