سعودي عرب: فٽبال ٽيم جي سمورن رانديگرن کي رولز رائس ڏيڻ جو اعلان
سعودي ولي عهد اعلان ڪيو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ سعودي عرب جي حيران ڪندڙ فتح تي شاهي خاندان طرفان ٽيم جي سمورن رانديگرن کي رولز رائس تحفي ۾ ڏني ويندي. فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ سعودي عرب گذريل 3 سالن کان ناقابل شڪست ارجنٽينا کي 1-2 تان شڪست ڏني ته نه رڳو سعودي عرب پر پوري امت مسلمه خوش ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن ارجنٽينا کي 51هين نمبر تي موجود سعودي عرب ورلڊ ڪپ ۾ حيران ڪندڙ شڪست ڏئي ٽورنامنٽ جو سڀني کان وڏو اپ سيٽ ڪيو هو.