پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن نوجوانن کي جيڪڏهن بنيادي تعليم ۽ ان کان علاوه ڪا هنري تعليم ڏني وڃي ها ته اهي نوجوان ملڪ جو سرمايو ثابت ٿي سگهن ها، پر جيئن ته 78 سالن ۾ رياستِ پاڪستان اهو ثابت ڪيو آهي ته نوجوان ملڪ جي ترجيحن ۾ شامل نه آهن، انڪري اسان جي ڪابه ترقياتي پاليسي ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيندي نظر نٿي اچي. نوجوانن جي معاشي حالت به خراب آهي ته انهن جي تربيت نه هجڻ جي ڪري انهن جي اخلاقي صورتحال جو به ٻيڙو ٻڏل آهي، جنهن جو نقصان سنئون سڌو ملڪ ۽ سماج کي ٿي رهيو آهي. ڪجهه مهينا پهرين امارات ۾ نوجوان پاڪستاني جيڪي مختلف ويزائون وٺي اتي ڪونه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ۾ لڳل هوندا هئا، انهن کي اتان کان دربدر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اهي نوجوان جنهن جي اسان ڳالهه ڪئي ته نه ان ۾ ڪا هنري صلاحيت آهي ۽ نه ئي ان جي اخلاقي تربيت ٿيل آهي ان ڪري جڏهن اهو ٻاهر وڃي ٿو ته ان کي اتان جي قانون ۽ اتان جي سماج جي قدرن جي خبر نه هجڻ جي ڪري هو اتي گمراهه ٿي پنهنجي ملڪ جو نالو بدنام ڪري ٿو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙو کڏو کوٽي ٿو جنهن ۾ هو هميشه جي لاءِ ڪري دفن ٿي وڃي ٿو. متحده عرب امارات گذريل سورنهن مهينن کان ڏهه هزار هڪ سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو آهي.
نه صرف ايترو بلڪه 2024ع ۾ 50 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جون ويزائون مسترد ڪيون ويون آهن. جنهن جو نقصان رياست کي پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوندو. ڇو ته اهو نوجوان اتي وڃڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رکي ٿو جيڪي اتان جي رياست کان برداشت نٿيون ٿي سگهن. عرب امارات ۾ سياست ۽ سياسي وابستگي، نعريبازي جي اجازت نه هجڻ جي ڪري اتي ڪنهن به اهڙي سرگرمي جي اجازت ناهي، پر اسان جي نوجوانن اتي وڃي ته اهڙيون سرگرميون شروع ڪيون جنهن سان ملڪ کي نقصان پهتو. ان کان سواءِ ڪجهه اهڙا گروهه جيڪي ماڻهن کي ورڪ ويزا جي بهاني اتي موڪلين ٿا، پر اصل ۾ اهي اتي ڪو ڪم ڪرڻ جي بجاءِ وڃي پنڻ شروع ڪن ٿا، نوسر بازي ڪن ٿا، ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا ڪنهن نه ڪنهن ٺڳيءَ جو ڌنڌو کولي ويهي ٿا رهن جنهن جي ڪري پاڪستان جو نوجوان هن وقت عرب امارات جي ناپسنديده عنصرن ۾ لسٽ ۾ سڀني کان مٿانهون آهي. ڇو ته اهڙا نوجوان اتي وڃي اهڙا گروهه ٺاهين ٿا جيڪي آءِ. ٽي جو استعمال ڪري ماڻهن جا اڪائونٽ هيڪ ڪن ٿا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال جي ڪري عرب امارات کي پڻ نقصان پهچائين ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ رياست پاڪستان ان ايڏي وڏي ويڌن ٿيڻ کانپوءِ، جتي ملڪ جا ڏهه هزار هڪ سئو نوجوان يا پورهيت ملڪ بدر ڪيا وڃن انهن جي باري ۾ ڪهڙي منصوبابندي ٿي ڪري، ڇا جيڪي واپس اماڻيا ويا آهن انهن جي هتي ڊيٽا گڏ ڪري انهن جي ڪا پڇا ڳاڇا به ڪئي ويندي يا نه، چوندا آهن ته، “هيراڻي جي هير ٽنگ ڀڳي نه ٽٽي” اهڙا نوسر باز ۽ ٺڳ جيڪي ٻين ملڪن ۾ وڃي ٺڳيون ڪن ٿا اهي پنهنجي ملڪ ۾ به ان قسم جي عادتن کان ڪونه مڙندا. انهن تي سخت نظر رکڻ جي ضرورت آهي. ذريعن مطابق سيپٽمبر 2023 کان جنوري 2025 تائين چار هزار ست سئو چاليهه سزا يافته پاڪستاني قيدين کي ملڪ بدر ڪيو ويو. اهي پاڪستاني متحده عرب امارات جي مختلف جيلن ۾ سزائون ڀوڳي رهيا هئا، ان دوران پنج هزار اٺ سئو ٻيا پاڪستاني شهري مختلف ڏوهن جي بنياد تي ملڪ کان ڌڪي ٻاهر ڪڍيا ويا. وزارت خارجه متحده عرب امارات مطابق 2024ع ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين جي ويزائن کي ان بنياد تي رد ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني جيڪي ورڪ ويزا تي اچن ٿا اهي مختلف ڏوهن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، اهي نه صرف عرب امارات جي لاءِ نقصانڪار آهن، پر اهي پنهنجي ملڪ جو به نقصان ڪن ٿا.
اهڙي عمل سان اسان جو اهو باصلاحيت نوجوان جيڪو عرب امارات ۾ تمام گهڻي محنت ڪري پنهنجي روزي ڪمائي رهيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي، انهن کي به شرمندگيءَ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي جڏهن انهن جي ملڪ جا اهڙا ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهو اتي پهچن ٿا ۽ پوءِ اهي انهن باصلاحيت نوجوانن جي محنت مٿان به پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا. اميد آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ رياست پاڪستان اهڙن ڏوهاري ماڻهن جي پاسپورٽن کي ضبط ڪندي ۽ انهن کي ٻيهر ڪڏهن به پاسپورٽ نه ٺاهي ڏنو ويندو جو اهڙا ڏوهاري عناصر ٻاهر نڪري ملڪ جو نالو بدنام ڪن. اهڙن ڏوهارين تي پنهنجي ملڪ اندر به ڪڙي نظر رکي ويندي انهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ جو نظام جوڙيو ويندو ته جيئن اهي ملڪ کي ڪو نقصان نه پهچائين ۽ گڏوگڏ انهن جي هنري ۽ اخلاقي تربيت جو به ڪو بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن اهي پنهنجي ملڪ کي ڪجهه ڪمائي ڏيئي سگهن پنهنجو روزگار عزت سان ڪمائي پنهنجا گهر هلائي سگهن. اها ذميداري رياست جي آهي ۽ رياست کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هجڻ گهرجي.