شاهزيب قتل ڪيس، شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل
سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس جي مرڪزي ملزمن شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران مدئي جي وڪيل محمود عالم رضوي عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جو والد فوت ٿي ويو آهي ۽ سندس ڀينر ۽ والده ملڪ ڇڏي ويون آهن، جيڪي واپس اچڻ نٿيون چاهين اهي سوشل ميڊيا کان ڊنل آهن. عدالت کانئن اسڪائپ تي تصديق ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته ڊسمبر 2012 ۾ معمولي جهيڙي تي شاهه رخ جتوئي پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري شاهزيب کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. جنهن بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

