مثال اسان جي هڪ گهر يا هڪ ڪمري جي ڳالھه ڪريون جتي اسين کائون پيئون، اٿئون ويهون، سمهون ۽ هر سرگرمي ڪريون ۽ اتي صفائي نه رکون ته ڇا اتي اسان ويهي سگهنداسين، جي سگهنداسين، زندگي گذاري سگهنداسين؟ سوال پنهنجي جاءِ تي ڳنڀير ته ضرور آهي، پر ان جا اپاءُ ڪير وٺندو، ڪير انهن مسئلن کي منهن ڏيندو، ڪير انهن ڳالهين جو نبيرو ڪندو، ڪير مالڪي ڪندو. ڇو ته ڳالھه رڳو جي هڪ ماڻهوءَ جي هجي ته صحيح آهي، پر اجتماعي ڳالھه جو وزن ۽ بارُ گھڻو ٿو هجي جنهن جي لاءِ بين الاقوامي ڌريون جي جاڳين ٿيون ته دنيا جي بقا جو سوال هوندو ۽ اهو به آهي ته ترقي سڀني کي سٺي لڳندي آهي، هرڪو چاهيندو آهي ان وٽ جدت هجي، ان وٽ سڀ شيون نيون، نڪور ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ٽمٽار هجن. معنيٰ انهن جا پاڙيسري اچن ته انهن جي فرنيچر کان وٺي ٽي وي، فرج ۽ موبائيلون ڏسي وائڙا ٿي وڃن. ساڳي ڳالھه ملڪن سان به منسوب ڪري سگهجي ٿي ته جن ملڪن وٽ جديد ٽيڪنالاجي آهي، جن ملڪن وٽ شين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن، جيڪي ملڪ پنهنجي گهريلو شين ٺاهڻ ۾ پاڻڀرا آهن، جن ملڪن وٽ صنعتي ڄار وڇايل آهن، جن وٽ شيون ايتريون ته وافر مقدار ۾ ٺهن ٿيون جو اهي پنهنجو پورائو ڪرڻ کانپوءِ ٻين ملڪن ڏي به ڏياري موڪلين ٿا، انهن مان ناڻو ڪمائين ٿا، انهن وٽ غربت ناهي، انهن جا ماڻهو خوشحال آهن، انهن جو سِڪو قدر نٿو وڃائي. معنيٰ انهن ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪي ملڪ سئيءَ کان وٺي اُٺ تائين جون شيون ٻين ملڪن کان گهرائين ٿا (جيئن اسان جو ملڪ)، پر فرق اهو ضرور آهي ته اهي ملڪ جيتريون فيڪٽريون، صنعتون ۽ ڪارخانا هلائيندا ته دونهون به اوترو ڇڏيندا يا ائين صاف صاف چئون ته هر ماڻهو ۽ ملڪ يا جيڪو به شيون استعمال ٿو ڪري اهو ان دونهين ۾ حصو ٿو ڳنڍي. ڇو جو انهن وٽ انهن شين جي لاءِ جيڪي به فيڪٽريون هلن ٿيون اهي دونهون ته ڇڏين ٿيون، اهي گدلو پاڻي، زهريلو مادو، خراب ۽ زهريلو ڪچرو وري ساڳئي ماحول ۾ اڇلائين ته ٿا، مثال طور: عام ماڻهو ڪو جوس جو دٻو ٿو وٺي ته ان جي پويان جيڪا به صنعت ڪارفرما هوندي، معنيٰ ان ۾ پيل جوس کان وٺي، ان پاٺي ٺاهڻ جي لاءِ جن فيڪٽرين دونهون ڇڏيو هوندو، ان جي لاءِ جن مزدورن، آفيسرن ۽ ٽرانپورٽيشن ڪم ڪيو هوندو جن جي وسيلي اهو جوس جو دٻو عام ماڻهوءَ تائين پهتو هوندو ته ان سڄي عمل ۾ جيڪا به فيڪٽري هوندي، جيڪا به ٽرانسپورٽيشن هوندي يا جيڪي به ماڻهو هوندا انهن سڄي ماحول کي دونهاٽيو ته هوندو، ان کان علاوه وري ڪچرو الڳ، مطلب ته ايڏو ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ پروسيس آهي، جنهن جي لاءِ اپاءُ ته وري اهو ملڪ وٺي جنهن جي کيسي ۾ پئسا ٿا پون، جيڪو ڪمائي ٿو، جنهن جي معيشت بهتر ٿي ٿئي، جنهن جي ڪري ان ملڪ ۾ خوشحالي ٿي اچي، جنهن جي ڪري اتان جي ماڻهن مان غربت ۽ غريب جو تصور فرسوده ٿيل ٿو ڏسجي، پوءِ ماحولياتي اپاءُ به اهي وٺن.