ايڊيٽوريلنئون

اسلام آباد ۾ ڳڙن جو وسڪارو ماحولياتي گدلاڻ جو اهڃاڻ

            16 اپريل 2025 تي ڪلهه شام جو پاڪستان جي گاديءَ جي هنڌ اسلام آباد ۾ انتهائي خطرناڪ ڳڙن جو وسڪارو ٿيو. هڪ هڪ ڳڙو ٽينس بال جيترو هو ۽ ڳڙا ايترو ته تيزيءَ سان ڪريا جو انهن رستن تي بيٺل گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ رپورٽن مطابق اسلام آباد جي فيصل مسجد جا شيشا به ٽٽي پيا. هن وقت پاڪستان مختلف طريقن سان موسمياتي تبديليءَ جو تمام خطرناڪ طريقي سان شڪار نظر اچي رهيو آهي. اسلام آباد جي ان موسمياتي تبديليءَ جي ڪري عوام پنهنجي نقصان جي لاءِ ڪنهن به شخص کي پڪڙي پوليس جي حوالي نٿو ڪري سگهي. ڇو ته هي اهو ڏوهه آهي جنهن جو ڏوهاري اسان کي ڪنهن هڪ شخص ۾ نه، پر ملڪن ۾ نظر ايندو ۽ ادارن ۾ نظر ايندو. ڪلهه ان واقعي جي ڪري ماڻهن جي گاڏين کي، پراپرٽين کي ۽ انهن جي زندگين کي هڪ شديد خطرناڪ صورتحال سامهون آئي، جنهنڪري ملڪي طور تي ۽ عوام کي ذاتي طور تي مالياتي ۽ نفسياتي نقصان کي برداشت ڪرڻو پيو.

            هن وقت سڄي دنيا موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪيل ناهي ته اها موسمياتي تبديلي اسان جي ايڪو سسٽم جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري ۽ اوزون تهه جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري پيدا ٿي رهي آهي. انسان ذات هميشه پنهنجي دولت ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هڪ آرامده زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان مختلف هيلا وسيلا استعمال ڪندو نيٺ صنعتي دور ۾ داخل ٿيو، جتي ان کي تمام وڏي تعداد ۾ شيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلو، گئس ۽ ٻيا ٻارڻ استعمال ڪرڻ جي ضرورت پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماحول ۾ ڪاربان گئس خارج ٿيندي رهي ۽ نيٺ خبر پئي ته اسان پنهنجي ماحول کي پنهنجن هٿن سان نقصان ڏيئي ويٺا آهيون. انسان جتي شيون هٿرادو طريقي سان پيدا ڪري رهيو آهي اتي هو قدرت جي نظام ۾ وڻن کي ڪٽي پنهنجي ماحول کي تمام گهڻي تيزيءَ سان نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن ۾ غريب ملڪ يا ٽئين دنيا جا ملڪ تمام گهڻو اڳيان آهن. ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ ٻيلا تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن ۽ ٻيلي کاتي جون زمينون هن وقت زرعي پوک جي لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن. فرانس ۽ ٻيا يورپي ملڪ ماحوليات جي گدلاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ ۽ ان جي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ مختلف پليٽ فارم ٺاهي ان تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ دي يورپين گرين ڊيل اها هڪ اهڙي منصوبابندي آهي جيڪا 2020 ۾ شروع ٿي ۽ ان جو 2050 تائين جو هدف آهي ته اهي يورپ کي هڪ متوازن کنڊ بڻائي ڇڏيندا، جنهن ۾ مختلف پاليسيون شامل آهن. هن هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ زيرو پرسنٽ گرين هائوس گئس جو اخراج جيڪو 2050 تائين حاصل ڪرڻو آهي، جنهن جو تقريبن 55 سيڪڙو حصول 2030 تائين حاصل ڪرڻو آهي، جنهن جي لاءِ مختلف وقتن تي مختلف پاليسيون جوڙيون پيون وڃن. ان کان علاوه عام ماڻهن کي، صنعتڪارن کي اها تربيت ڏني پئي وڃي ته اهي گهٽ کان گهٽ ويسٽ پيدا ڪن ۽ ان کي ريسائيڪل ڪري پنهنجي معيشت ۾ ٻيهر استعمال ڪن ته جيئن ماحول کي تحفظ ڏيئي سگهجي ۽ 2030 تائين هڪڙو صحتمند ايڪو سسٽم پيدا ڪري سگهجي، جنهن ۾ ٻيلن جو وڌيڪ پوکجڻ، وڻن جي گهٽ ڪٽائي شامل آهي. ان کان علاوه سندن ٽارگيٽ ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته موجود پاڻي ۽ هوا کي صاف ڪيو وڃي ۽ صحتمند ايڪو سسٽم کي بحال ڪيو وڃي. هن وقت ڏٺو وڃي ته چائنا ۽ آمريڪا جن جي وچ ۾ اقتصادي جنگ به جاري آهي اهي ٻه وڏا صنعتي ملڪ جيڪي تمام وڏي صنعتي پيداوار روزانو جي بنياد تي ڪن ٿا، اهي اوزون تهه کي نقصان پهچائڻ جا سڀ کان وڏا ذميدار آهن، پر آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته هن وقت ان ڳالهه کي به مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ته ماحوليات جي گدلاڻ ڪا حقيقت آهي ۽ هو هن وقت انهن سڀني پليٽ فارمن تان آمريڪا کي الڳ ڪري چڪو آهي جن تي ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو.

            جي-8 ۽ جي-20 دنيا جا ٻه وڏا گروپ آهن، جن ۾ ڪيترائي ملڪ گڏجي ماحوليات کي بچائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، پر انهن مان هر ملڪ جي ماحوليات جي لاءِ پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجو طريقو آهي ته هو ڪهڙي قسم جون پاليسيون ٺاهي ماحول کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جتي وڏا وڏا ملڪ دنيا جي ماحول کي گندو ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي پيدا ڪيل گدلاڻ سان ننڍن ۽ غريب ملڪن تي اثر پئجي رهيو آهي، اتي انهن غريب ملڪن جي اندر انهن جون پنهنجون حڪومتون به اهڙي قسم جون پاليسيون نه جوڙي رهيون آهن، جيڪي ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽ ڪري سگهن يا روڪي سگهن. هن وقت ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ به جيڪا صنعت لڳل آهي ان ۾ ويسٽ مٽيريل بغير ڪنهن ٽريٽمينٽ جي اسان جي پاڻيءَ ۾ شامل ٿي سمنڊ تائين پهچي ٿو، جنهن جو نقصان زراعت، عام ماڻهو جي زندگي ۽ سامونڊي زندگي کي ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ پاڻيءَ ۾ گدلاڻ جي ڪري هيپاٽائيٽس- سي جهڙيون بيماريون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. ان کان علاوه ڪينسر هن وقت سڀني کان وڏي ۾ وڏي بيماري آهي جنهن جي ڪري روزاني جي بنياد تي ننڍي عمر کان وٺي وڏي عمر جا ماڻهو مري ويا آهن، پر ماحوليات لاءِ سنجيدگيءَ وارو رويو اسان کي حڪومت جي اعليٰ ايوانن ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. 16 تاريخ تي پوندڙ ڳڙن واري صورتحال هجي يا ملڪ ۾ مختلف وقتن تي ٿيندڙ ٻوڏون هجن يا مختلف علائقن ۾ سوڪهڙي واري صورتحال اسان کي اهو ٻڌائي رهي آهي ته اسان ماحوليات جي خطرن کان بي خبر ۽ لاتعلق آهيون ۽ ان جي لاءِ اسان وٽ ڪابه رٿابندي موجود ڪونهي. جيستائين وڏا وڏا ملڪ جيڪي تمام گهڻا امير آهن اهي پنهنجي لاءِ ۽ دنيا جي لاءِ پاليسين تي عمل ڪن ۽ ان مان نتيجا حاصل ڪن، تيستائين اسان کي پنهنجي لاءِ به ڪجهه پاليسيون ٺاهڻ گهرجن ته جيئن اسان پنهنجين پاليسين تي عمل ڪري پنهنجي ماحول کي ٿيندڙ نقصان کي گهٽ ڪري سگهون. تبديل ڪرڻ واري رخ ۾ هلي سگهون ٿا ۽ اڳتي هلي پنهنجي ماحول کي بچائڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهون ٿا.