بلاگنئون

عوام ۾ سياسي شعور وقت جي اهم ضرورت آهي!

ووٽن جي مند عروج تي پهتل آهي. اليڪشن جا ورڪ هلي رهيا آهن. هرڪو سياسي اڳواڻ پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيو آهي. سنڌ ۾ پ پ جي سامهون فنڪشنل ليگ، نواز ليگ، پاڪستان تحريڪ انصاف، جي. ڊي. اي ۽ آزاد اميدوار بيٺل آهن. ڪٿي ڪٿي پ پ مخالف سموريون پارٽيون اتحادي بڻجي پ پ جي سامهون هڪڙو ئي اميدوار بيهاري پ پ کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهن. اها سياسي جوڙ توڙ ۽ سياسي مقالو اصل اليڪشن جو روح هوندو آهي. هر ڀيري اهڙو دوبدو مقابلو ڏسي عوام ڪجهه نئين حڪومت ڏسڻ جي دلين ۾ اميد سانڍيندو آهي، پر هر ڀيري عوام سان ٻه اکيائي ٿي ويندي آهي. جيڪا به پارٽي حڪومت ۾ ايندي آهي، ڪرسي ملڻ کانپوءِ اها اڳئين جهڙي ٿي ويندي آهي. عوام اهو ئي “سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾” وانگر اڪيلو ئي رهجي ويندو آهي!
جمهوري سياست جو اهم محرڪ عوام آهي. عوام ئي اصل طاقت آهي، ته هو پنهنجي ووٽ جي ذريعي ڪهڙن حڪمرانن جي چونڊ ٿو ڪري. ان لاءِ اسان وٽ هيٺئين سطح تي عوام ۾ سياسي شعور جي تمام گهڻي اڻاٺ رهي آهي. نظرياتي سياست ڪنهن دور ۾ ترقي پسند ادب جي اثر هيٺ جيڪا نمودار ٿي هئي، اها نظرياتي سياست به ڪنهن نه ڪنهن جمهوري پارٽيءَ ۾ ضم ٿيندي وئي. البت هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ ترقي پسند اميدوار ميدان تي بيٺل آهن، پر عوام ڪيئن ٿو انهن سان نڀائي، اها نتيجن اچڻ کان اڳ ڪجهه چئي نٿو سگهجي!
عوام کي مير، پير يا ڀوتار جي چوڻ يا منٿ ميڙ ٻڌڻ کانپوءِ نه، پر پنهنجي ضمير جي آڌار تي پنهنجي لاءِ سٺي حڪمرانيءَ جي چونڊ ڪرڻ کپي. جيڪو اڳتي هلي پنجن سالن تائين عوام جي بنيادي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش به ڪري سگهي.
هڪ ته عوام کي پنهنجي حقن جي آگاهي تمام ٿوري آهي، ٻي سياسي شعور جي گهٽتائي، ٽئين عوام ۾ ڪجهه نئين ۽ نوجوان نسل کي موقعو ڏيڻ واري روايت تمام گهٽ آهي. هونءَ ڏٺو وڃي ته دنيا جي تاريخن ۾ ۽ اسان جي ترقي پسند ادب ۽ نظرين جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته عوام جيستائين نظرياتي نه ٿيندو، تيستائين نظرياتي جمهوري پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي نه سگهندي، جيڪا عوام جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو خيال رکي سگهي.
اها عوام ۾ آگاهي يڪدم ته نٿي اچي سگهي. ان لاءِ نصاب ۾ سياسي ترتيب جا سبق شامل ڪرڻا پوندا. جيئن ته اسان جو ملڪ جمهوري ملڪ آهي، ان ڪري سياست ان جي بنيادي سرشتي ۾ شامل آهي. ان ڪري سياسي شعور جا سبق ٻارن لاءِ نصاب ۾ ضرور شامل ڪرڻ گهرجن، ته جيئن اهي ٻار اڳتي هلي سياسي طور باشعور ٿي سگهن ۽ پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ درست حڪمرانن جي چونڊ ڪري سگهن.
بهرحال، عوام کي ووٽ ڏيڻ وقت سوچي سمجهي اهڙي لائق اميدوار کي ووٽ ڪرڻ گهرجي، جيڪو شخص کين نوڪري کان ويندي ضرورت جي اسڪيمن ۾ ياد رکي. رڳو حيدرآباد جي قاسم آباد جي روڊن رستن تي پيادل گهمون ٿا ته هن شهر سان گذريل حڪومتن جو رويو ڪهڙو رهيو آهي، اها ڀلي ڀت ڄاڻ ملي ويندي آهي. اهڙي اميدوار کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏجي، جيڪو هڪ چونڊيل نمائيندي وارا سمورا فرض بخوبي ادا ڪري سگهي ۽ موٽ ۾ پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪري سگهي.
ووٽ اهو سمجهي نه ڏجي ته ابن ڏاڏن کان اسين هڪ مخصوص خاندان کي ڏيندا رهيا آهيون، ان ڪري اسان جو ٺيڪو کنيل آهي، ان ئي خاندان کي ڏبو. ڀلي اهو خاندان پوري حڪومتي دور ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري. تتي ٿڌي مهل جڏهن ايندي آهي، تڏهن عوام کيس ياد ئي نه هوندو آهي، پر ابن ڏاڏن جي واسطن جي ڪري ووٽ جهڙي شيءِ هروڀرو عوام ضايع ڪري هر ڀيري اهم غلطي ڪري وجهندو آهي.
دنيا ۾ حڪومت ڪرڻ توڙي نوڪري ڪرڻ کان ويندي واپار ڪرڻ جا رجحان ۽ لاڙا تبديل ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا عوام کي اهڙي طاقت ڏئي ڇڏي آهي، جو هو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ووٽ لاءِ ايندڙ اميدوار کي پنهنجون اميدون ٻڌائي سگهي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت اميدوار ئي گهٽ آهن، جڏهن ته عورتن جي ووٽن جو تعداد مردن جي ڀيٽ ۾ ٿورو ئي گهٽ ٿيندو. جيڪڏهن پوري ملڪ ۾ مرد 69 ملين ووٽر آهن ته عورتون 59 ملين ووٽر آهن. ٻئي طرف جيڪڏهن مرد ۽ عورت اميدوارن جي تناسب کي ڏسجي ته قومي اسيمبليءَ لاءِ بيٺل اميدوارن ۾ مرد 4806 آهن، جڏهن عورت اميدوار صرف 312 بيٺل آهن. ساڳئي وقت ٽين جنس ٻه اميدوار آهن. هي قومي اسيمبليءَ لاءِ اميدوارن جي تازي صورتحال هئي.
جيڪڏهن عوام هن ڀيري سوچي سمجهي اهل، خوشحالي جا خواب سجائي رکندڙ ۽ غريب پرور اميدوارن جي چونڊ نٿو ڪري، ته پوءِ مهانگائي، بيروزگاري، بدحالي، سياسي سماجي ۽ اخلاقي طور ٿيندڙ تباهيءَ جو پهريون ۽ مکيه ذميوار عوام پاڻ ئي هجڻ گهرجي. جيستائين اسانجو 33 ڪروڙ عوام پنهنجي ذهني شعور جي آڌار پنهنجي لاءِ چند سئو سٺا پارليامينٽيرين نٿو چونڊي سگهي ته پوءِ لاڳيتو مهانگائي ۽ غربت ۾ واڌ ته اوس ٿيندي رهندي.
ان ڪري عوام کي، خاص ڪري نوجوانن کي منهنجي گذارش آهي، منهنجين ادڙين کي خاص ڪري، ته اوهان جي تڪن تي بيٺل عورت اميدوارن کي وڌيڪ موقعو ڏيندا، کين هڪ ڀيرو آزمائي ڏسندا، ۽ ٻيو مجموعي طور تي پنهنجي لاءِ بنا ڪنهن سياسي متڀيد جي پنهنجي تڪ، پنهنجي علائقي جي ترقيءَ لاءِ جيڪو اميدوار وڌيڪ موزون لڳي، ان کي ووٽ امانت طور ڏيندا، ته جيئن پنهنجي سونهاري سنڌ خوشحاليءَ طرف ٻيهر موٽ کائي سگهي.