پاڪستان سعودي عرب لاڳاپا: ماضي ۽ مستقبل ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ June 2021
پاڪستان ۽ سعودي عرب هميشه هڪٻئي جا ساٿي رهيا آهن، سعودي عرب کي جڏهن به پاڪستان جي ضرورت پئي آهي، پاڪستان هميشه سعودي عرب جي مدد ڪئي آهي. پاڪستان جي وزيراعظم تازو سعودي عرب جو پنهنجو تاريخي دورو ڪيو آهي. هن وقت تائين وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور ۾ 9 دورا ڪيا آهن. ان دوران سعودي ولي عهد به پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن ۾ هن پاڪستان لاءِ ٽي بلين ڊالرن جو معاهدو به ڪيو، پر جڏهن ڀارت ڪشمير ۾ 370 آرٽيڪل لاڳو ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب حڪومت کي او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو ۽ ڀارت تي سعودي عرب ڪشمير معاملي بابت مسلسل خاموشي ظاهر ڪري پنهنجي خارجه پاليسي کي وڌيڪ ترجيح ڏني. ايتري قدر سيپٽمبر 2020 ۾ سعودي عرب پنهنجو تازو ڏنل قرض به واپس ورتو ۽ رياض حڪومت تيل جي معاهدي جي توسيع به نه ڪئي. ڇو ته بين الاقوامي سياست تي نظر وجهبي ته سعودي عرب ۽ ڀارت جي موجوده حڪومتن جا صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ويجها تعلقات هئا. جڏهن کان آمريڪا ۾ بائيڊن جي حڪومت آئي آهي ته سعودي عرب ۽ ڀارت کي گهٽ ترجيح ڏني پئي وڃي. اهڙي ئي پسمنظر ۾ سعودي عرب کي جڏهن آمريڪي حڪومت طرفان تنهائي محسوس ٿي ته ان ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي ذريعي پاڪستان سان لاڳاپيل ويجها رکڻ جي ڪوشش ڪئي. تازو ئي وزيراعظم جي دوري کان اڳ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي حڪومت جو دورو ڪيو. ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان به اعليٰ قيادت سميت سعودي عرب جو دورو ڪيو. هاڻي دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته سعودي حڪومت ڪشمير معاملي تي پنهنجو ڪهڙو موقف رکندي اهو وقت ٻڌائيندو. ڀارت سعودي عرب جو اهم تجارتي پارٽنر آهي هاڻي ڏسجي ته سعودي عرب پاڪستان کي ڪيتري ترجيح ڏيندو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم عمران خان پاڪستان سعودي تعلقات کي وڌيڪ منظم بنائڻ لاءِ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ لاءِ دستخط به ڪيا آهن ته جيئن فيبروري 2019 ولي عهد شهزاده محمد سلمان جي پاڪستان جي دوري وقت ڪيل معاهدن جي تڪميل ڪئي وڃي، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي ڪيل ملاقاتن ۾ اهم اعلان به جاري ڪيو ويو. جنهن سبب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي هر شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي. هاڻي عالمي ماهرن جو پڻ اهو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ٿيل ملاقات نيشنل جيو پاليٽڪس ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. پاڪستان جي وزير خارجه ڪشمير جي معاملي جي حوالي سان اڳ ۾ سعودي عرب تي وڏي تنقيد ڪئي هئي، جنهن ڪري سعودي حڪومت کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻو پيو، پر تازو ٿيل دوري موجب ماهرن جو خيال آهي ته خطي ۾ ٿيل تبديلين جي ڪري ۽ انهيءَ حوالي سان ٻئي ملڪ هاڻي حالتن موجب تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهن. وڌيڪ ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته شهزادو محمد بن سلمان جوبائيڊن انتظاميه طرفان نظر انداز ٿيل محسوس ڪري رهيو آهي، انهيءَ ڪري خطي ۾ پنهنجو اثر رسوخ ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڪستان انتظاميه سان وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته جيئن مشرق وسطيٰ ۾ پنهنجي حيثيت آمريڪي حڪومت کي ڏيکاري سگهي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پاڪستان پنهنجي نيشنل انٽريسٽ کي مد نظر رکي ڪشمير معاملي تي سعودي حڪومت سان ڪهڙو موقف رکي ٿو، اهو ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿي ويندو.
***

