پاناما ڪيس ۽ پاڪستان جو سياسي مستقبل
نسيم بخاري
صدين کان اها ڳالهه حقيقت جو روپ ڌاريندي نظر اچي ٿي ته جڏهن ڪو فرد، ڪو گروهه، ڪو ادارو يا ڪا ڌر نفسياتي طور شڪست قبول ڪري ٿي ته اندر کان گهٻراهٽ جو شڪار لڳندي آهي ۽ هوش بدران جوش کان ڪم وٺندي آهي. اهڙي صورت ۾ وسيلن، طاقت ۽ دولت جي باوجود هار ان جو مقدر بڻجي ويندي آهي. جيئن ته نواز شريف جي خاندان ۽ سندس حڪمران پارٽي پاناما عملدرآمد ڪيس جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ جي. آءِ. ٽي تي لاڳيتا حملا شروع ڪري ڏنا يا ان کي سازشي قرار پئي ڏنو. جي. آءِ. ٽي رپورٽ جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ کانپوءِ جهڙي ريت هڪٻئي پويان حيرتناڪ حقيقتن ۽ انڪشافن کانپوءِ نواز شريف جو خاندان ۽ ن ليگ جنهن ذهني دٻاءُ، ڇڪتاڻ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ پنهنجا حواس وڃائيندي هڪٻئي پويان غلط بيانيون ڪندي آئي ۽ عدالت سڳوري کي جهڙي ريت گمراهه ڪيو ويو ۽ شريف خاندان جا فرد هڪ موقف ۽ هڪ خيال تي بيٺل نه ڏٺا ويا، اهي سڀ معاملا حڪمران ڌر لاءِ ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي ويا ۽ دنيا کي حيران ڪندا رهيا. ن ليگ ۽ ان جي سرواڻ ميان نواز شريف گذريل 40 سالن ۾ سياسي خواري وارو اهڙو جهٽڪو پهرين نه ڏٺو هو جهڙو هينئر کيس ڏسڻو پيو آهي.
جي. آءِ. ٽي جهڙي ريت شريف خاندان جي ڪرپشن ڪيس جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ بي خوفي ۽ حب الوطني جو ثبوت فراهم ڪيو. ان پاڪستاني عوام جي ڪيترن ئي خدشن کي دور ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام جو عدليه طرف اعتماد وڌيو آهي. ڇو ته ان کان پهرين ڪيترائي هاءِ پروفائل ڪيس هليا پر انهن جون رپورٽون شايع ٿي نه سگهيون هن جي. آءِ. ٽي جهڙي آزاد نموني ڪم ڪيو ميمبرن سخت دٻاءُ ۽ امڪاني خطرن باوجود پاڻ ملهايو آهي ان عمل پاڪستان ۾ هڪ نئين اميد کي جنم ڏنو آهي ۽ ملڪ دشمن، ڪرپٽ، بد ڪردار ۽ نا اهل حڪمرانن ۽ آفيسرن جي لڱن ۾ ڪنبڻي پيدا ٿي پئي آهي. جي. آء.ِ ٽي جي ان عمل کي جيڪڏهن تاريخي تسلسل ۽ تقويت ملي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جو هر ڳوٺ، هر شهر، هر ادارو ترقي يافته نظر ايندو ۽ هر عمل ۾ چاهي اهو سياسي هجي يا معاشي شفافيت نظر ايندي، اهليت جي علمبرداري ۽ قانون جي بالادستي هوندي. جيڪا اڳ يا پوءِ هر حال ۽ هر صورت ۾ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۽ ان ۾ پاڪستان جي ڪردار واري پسمنظر جو لازمي حصو ٿيڻي آهي.
ميان نواز شريف کي پنهنجن مشيرن ۽ مهانگن وڪيلن جهڙي ريت مارايو آهي اهو به هڪ عبرت جو مقام آهي. ڪيڏي نه عجيب صورتحال آهي جو ان جا ئي طرفدار خود عدالت کي اهو ٻڌائيندا ڏٺا ويا ته ڪٿي جيڪڏهن ڪا غفلت، گمراهي ۽ ڏوهه جهڙي غلطي ٿي آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڪهڙي قلم تحت ڪيتري ۽ ڪهڙي سزا ملي سگهي ٿي. ميان نواز شريف کي سدائين ڀاڳ وارو ۽ قسمت جو ڌڻي سڏيندڙ به هاڻ ان جي ڪايا پلٽ تي پنهنجي پهرين دعوائن جي ابتڙ بيان ڏيئي رهيا آهن.
حمل فقير جي اها سٽ شريف خاندان جي موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ سئو سيڪڙو درست ثابت ٿي آهي ته:
“لڳي ته لک هزار ٽُٽي ته ٽڪو ئي نه لهي”.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ماڻهو جي قسمت ٽٽڻ جي ڪا وهي نه هوندي آهي پر شريف خاندان سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي تنهن ۾ قسمت جو نه پر سندن افعالن، گمراهين، حد کان وڌيڪ غرور ۽ مسلسل اقتداري مستيءَ جو وڏو ڪمال رهيو آهي. شريف خاندان کي هر بدعنواني ايڏي آسانيءَ سان ڦٻندي آئي جو کين پوري پڪ ٿي وئي هئي ته سندن اقتداري وهنوار جو ڪڏهن به سج لهڻو ئي نه آهي. هنن جي طاقت، اقتدار ۽ پئسي جي ڪري جن ماڻهن ۽ ادارن ڪي حقيقتون معلوم ڪري به ورتيون هيون تن به چَپ سبي ڇڏيا هئا. اهي به معاملن کي نظر انداز ڪندا رهيا ڇو ته هنن جي وقت جو پلڙو ڀاري هو ۽ اڄ اهو ئي وقت هنن جي مٿان هڪ وڏي وڄ بڻجي ڪڙڪيو آهي. نه رڳو سندن شعوري ڪرپشن پنهنجي پوري اصليت سان نروار ٿي آهي پر لاشعوري ڪرپشن به سندن لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن.
شريف فيملي سان جيڪو حشر ٿيڻو آهي اهو حشر اسان جي ٻين انهن سياسي شخصيتن جو به ٿيڻو آهي جن ماضيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ملڪ جي وسيلن کي لٽيو آهي ۽ عوام جي فلاح لاءِ رکيل پئسن کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي. شريف خاندان جيتري ڪرپشن ڪئي ان کان وڌيڪ پئسو پاناما ڪيس مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪرڻو پيس.
ميان نواز شريف ۽ ان جي فيملي جو بظاهر شرافت وارو اٿڻ ويهڻ ۽ مذهبي رجحان جنهن جي ڪري هو عوام ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو، سندس ڪرپشن ان سڄي خاڪي کي وڏو ڌڪ رسايو آهي.
هن وقت نه صرف شريف خاندان پر ان جا ٻيا ڪيترائي ساٿي ۽ واسطيدار ۽ ڪجهه ويجها رشتيدار شايد جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل نظر ايندا. اهو سڀ شايد ان ڪري ٿيو آهي جو هنن ڪڏهن به ان ڳالهه جو گمان نه ڪيو هو ته سندن ڪرپشن ائين به سامهون اچي سگهي ٿي ۽ کين اهي ڏينهن به ڏسڻا پوندا. ڪنهن جو خانداني آب و تاب، غرور، دٻدٻو ۽ وقار جيڪڏهن وکري وڃي ته اهو معاملو سهيڙڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. شريف خاندان ۽ ان جي ساٿارين سان به ڪجهه اهڙي ئي ڪار ٿي آهي. تاريخ انهن کي ڪهڙي ڪٽهڙي ۽ ڪهڙي قطار ۾ آڻي بيهاريو آهي…؟ ڪوڙيون صحيحون، ڪوڙا چيڪ، ڪوڙا ٺپا، ڪوڙا ڪاغذ، ڪوڙيون دعوائون، ڪوڙيون تاريخون ۽ اقامه ن ليگ جي سربراهه پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي بچائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.! ۽ نيٺ ان سڄي معاملي کي منطقي انجام تائين رسڻو آهي. جي. آءِ. ٽي جي رپورٽ جهڙي ريت جج صاحبان تفصيلي ۽ پوري ڌيان سان پڙهي هئي ۽ جهڙي ريت ان جي هر لفظ ۽ هر سٽ ياد ڪري وڪيلن سان جرح ڪئي هئائون اها تياري ۽ اهو جذبو پاڪستان ۾ عدالتي نظام جي تبديلي جو هڪ واضح اهڃاڻ بڻيو آهي ۽ اميد آهي ته اهو جذبو اڳتي هلي اهڙي قسم جي سمورن ڪرپشن ڪيسن لاءِ ساڳيو رهندو.
ماضي ۾ عدليه جي ڪردار کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي ڇو ته انهن آمرن ۽ طاقتورن جو ساٿ ڏنو ۽ ملڪ جي عوام جي مستقبل کي انڌيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو. پر هن وقت عدليه مظلوم عوام جي دلين ۾ روشنين جا ڏيئا ٻاري ڇڏيا آهن ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ ان ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪا خوشخبري نه آهي ته عدليه آزادي سان فيصلو ڪري ملڪي ترقي ۽ سلامتي لاءِ اهڙا فيصلا ڪري جو کين مستقتل استحصال ۽ ڦرلٽ کان آجپو حاصل ٿئي. هاڻي وقت بدلجي چڪو آهي عوام جي شعور جي سطح بلند ٿي چڪي آهي ۽ سياستدانن جي اصل صورت عوام جي آڏو مختلف ذريعن کان ظاهر ٿيندي ٿي رهي. اهو ئي سبب آهي جو پاناما جو ڪيس جيڪو شايد عوام آڏو اچڻ ممڪن نه هو پر ميڊيا جي طاقت ان کي وائکو ڪري سڄي دنيا آڏو پيش ڪيو آهي.
سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن جا اختلاف ۽ تنقيدون ته پنهنجن پنهنجن مفادن جي نگهباني ڪندي نظر آيا پر پاڪستان بار ڪائونسل به ملڪي مفاد ۽ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ نواز شريف خلاف سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي.
پاناما ڪيس ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ن ليگ جي شهرت جو گراف هر ڏينهن تيزي سان هيٺ ڪرندو نظر اچي ٿو. اهڙو رڪارڊ ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ جو به نٿو ملي. نواز شريف جهڙي ريت اقتدار سان چهٽي پيو آهي ۽ ڪرسيءَ کي پڪڙي ويٺو آهي ان مان نه رڳو سندس اقتدار جي لالچ ظاهر ٿئي ٿي پر کيس ان ڳالهه جي به خبر آهي ته ڪرسيءَ تان لهڻ کانپوءِ هن کي ڪهڙا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
پاناما ڪيس جي فيصلي کي في الحال سپريم ڪورٽ مقرر مدي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ عوام کي تمام گهڻي اميد آهي ته عدالتي فيصلو پاڪستان جي ساک دنيا ۾ بحال ڪندو ۽ عوام جي مفاد ۾ هوندو. جيڪڏهن اهو فيصلو عوام جي حق ۾ آيو ته انهن سڀني صوبائي حڪومتن کي به خبردار رهڻ کپي جيڪي پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ ادارن جي ترقي جي بدران تباهيءَ جا ذميوار آهن ۽ اتي ويٺل طاقتور شخصيتون عوام جي فنڊن تي عيش ڪري رهيون آهن ۽ عوام جا ٽيڪس جيڪي ملڪ جي ترقي ۽ سندن ڀلائي جي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن اهي سندن خاندانن جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. هاڻي وقت تبديل ٿيندو نظر اچي رهيو آهي ۽ عوام به سجاڳ ٿيندي پئي وڃي.
ظفر حجازي جي گرفتاري ۽ معزز ججن پاران نواز شريف جي نااهلي واري نقطي کي زير غور رکڻ واري خاطري سندس مستقبل جي فيصلي ڏانهن اشارو آهي. ظفر حجازي جي گرفتاري فقط هڪ فرد جي وٺ پڪڙ نه آهي پر اها مستقبل جي انيڪ گرفتارين ۽ وٺ پڪڙن ڏانهن اشارو آهي جنهن جي تسلسل جي تصديق وقت کي ڪرڻي آهي ان لاءِ ٿورن ڏينهن جو انتظار ڪرڻو پوندو. پيپلز پارٽي کي به پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ۾ اندر ويٺل ڪارين رڍن کي ڪڍڻ جي ضرورت آهي ڇو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي هميشه ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن ۾ ويهاريو آهي ۽ پيپلز پارٽي کين هميشه نا اميد ڪيو آهي. هن وقت تحريڪ انصاف جي رهنما جي لاءِ به هڪ سوال ٿو اڀري ته ڇا سندس پارٽي ۾ اهڙا ماڻهو ته شامل نه آهن جن تي ڪرپشن جا الزام هجن ڇو ته گهڻي ڀاڱي عوام جون اميدون شايد پي. ٽي. آءِ ۾ به لڳل آهن. 2018 جي اليڪشن کان پهرين پي. ٽي. آءِ کي به پنهنجو پاڻ تي لڳل الزامن کان بري ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو عوام اهو ٿو چاهي ته هاڻ سندن وزيراعظم صادق ۽ امين هجڻ کپي. اڃان ته جي. آءِ. ٽي جي جلد نمبر 10 جون حقيقتون عوام آڏو پيش نه ٿيون آهن. ڏسڻو اهو آهي ته اهي حقيقتون منظر عام تي ڪڏهن ٿيون اچن ۽ انهن جا ڪهڙا نتيجا ٿا نڪرن. جديد ذريعن ۽ ميڊيا جي اثر ماڻهن کي سوچ ويچار وارو ماحول فراهم ڪيو آهي. عوام هاڻي پ پ ۽ ن ليگ کان بيزار نظر اچن ٿا، عوام کي تحريڪ انصاف مان گهڻيون اميدون وابسته آهن. جيڪا اڳتي هلي ممڪن آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ ۽ موروثي سياست جي قدآور شخصيتن کي ميدان مان ٻاهر ڌڪي ڪڍي يا نه پر عوام کي متبادل جي صورت ۾ هڪ بهترين موقعو ضرور ميسر ٿيو آهي.
پ پ ۽ ن ليگ عوامي مينڊيٽ جو جيڪو حشر نشر ڪيو آهي سو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي پر شفافيت، ايمانداري ۽ تبديلي جي تمنا سان اڳتي وڌندڙ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي به اهو ضرور جاچڻ گهرجي ته ڪٿي سندس ساٿين جا هٿ به ڪرپشن جي گنگا ۾ ڌوتل ته نه آهن. ڇو ته جيڪڏهن سندن مٿان مڙهيل تهمتن ۾ ڪا تر جيتري به سچائي سامهون آئي ته پوءِ عوام جي جذبن توڙي خوابن ۽ خواهشن جو ڄڻ جنازو نڪري پوندو. جيڪو موجوده حالتن ۾ ڪنهن به حوالي سان عوامي مفادن پٽاندر نه هوندو. اسان جي سمورين وڏين پارٽين جو جيڪڏهن ڪرپٽ ۽ عوام دشمن هجڻ ثابت ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ملڪ جي حڪمراني ۽ عوام جي اڳواڻي جي لاءِ پيدا ٿيندڙ خال کي ڪير ڪهڙي ريت اچي ڀري سگهي ٿو اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچڻ گهرجي.