ادبنئون

ڊائري جا ورق

17 اپريل 2002

امان کي چيم امان هاڻ تون جلد ٺيڪ ٿي ته حيدرآباد هلون ۽ پوءِ جلد از جلد سارنگ جي شادي ڪرائينداسين. امان جهيڻي آواز ۾ چيو: ”ها“. مون چيو: امان پوءِ تون سارنگ جي شاديءَ ۾ نچنديئن، پاڻ سڀ نچنداسين ته امان چيو ها، نچنداسين ۽ جي ٽنگن ۾ طاقت نه هوندي تڏهن به هٿ هيئن هينئن ڪري نچنديس. امان هٿ به هلائي ڏيکاريو.

امان جيڪا ڪمزور ٿي ويئي آهي، هلي نٿي سگهي، هر وقت پلنگ تي ليٽيل آهي. چهري ۾ ته امان جي اڳ ئي نور پيو بکندو هو. هاڻ ته وڌيڪ امان جو چهرو نوراني ٿيندو وڃي، اکين ۾ چمڪ وڌندي وڃي، کير جهڙو رنگ، فرشتن جهڙي پاڪ صورت جنهن تي نور جي روشني ٻرندي ٿي رهي. امان جيڪا هميشه کان نيڪ، رحم دل، ديالو، هر ڪنهن جي خدمت، ڏيڻ ۽ کارائڻ ۾ فياض، طبيعت ۾ انتهائي نماڻائي، سچائي ۽ سادگي. امان وٽ صرف پيار ۽ قرب رهيو. ڪڏهن به ڪنهن سان نه وڙهي. نه ڪنهن سان جهيڙو ڪيو، اسان اولاد کي به ڪڏهن لپاٽ به ڪانه هنئي. انتهائي سڌي سادي، صاف گو، نيڪ فطرت، معصوم طبيعت، رحم دل عورت آهي. مولا جي مومن. وڏين مجلسن ۾ هميشه شريڪ. تازو گذريل سال حاضر امام پرنس ڪريم آغا خان سان ملاقات جو عظيم الشان شرف به امان حاصل ڪيو آهي.

اهي تمام حقيقتون امان جي چهري تي نور بڻجي چمڪي رهيون آهن. امان هاڻ مهمان آهي. جيئن پوءِ تيئن اسان اولاد کي وڌيڪ پيار ۽ دعائون پئي ڪري ۽ تيئن اسان کي وڌيڪ ڏک ۽ ارمان پيو ٿئي. امان اسان کان وڇڙي پئي. اسان جي هٿن مان وڃي پئي. اسان هتي ڪراچي ۾ وڏن ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ پيا علاج ڪرايون، پر ڊاڪٽر آسرو نٿا ڏين. الله سائين ڪو معجزو ڪري. امام ڪو ڪم ڪري. باقي آسرو گهٽ آهي. مولا هن کي تڪليف کان بچائي. اسانجي به اها ڪوشش آهي ته امان کي سندس زندگي جي هن آخري دور ۾ ڪابه تڪليف نه پهچي.

***

5 جولاءِ، 2002

دولهه دريا خان، شاهه عنايت شهيد جي سرزمين ٺٽو، مڪلي ۽ ڪينجهر جي زمين جو فرزند جناب محترم رسول بخش پليجو.

رسول بخش پليجو هڪ اهڙو عظيم رهنما آهي، جنهن گذريل پنجاهه ساله تاريخ ۾ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ بيمثال ڪردار ادا ڪيو آهي.

***

17 جولاءِ، 2002

ليمڀيو ڪولهي جيڪو اسانجي حيدرآباد هالا ناڪي واري زمين جو ڪمدار، هاري ۽ مقاطعيدار، گهڻي وقت کان اسان سان گڏ رهيو آهي. انتهائي نيڪ، سچار، وفادار ۽ وفا شناس محنتي انسان آهي. اڄ خبر پئي ته هن کي معدي جو ڪينسر آهي ۽ هو به امان وانگر هفتن جو مهمان آهي. وڏو اعيال اٿس، ڇهه پُٽ ۽ هڪ نياڻي جيڪا پنهنجي ماءُ جي حسن و جمال جي اثر ڪري ڏاڍي سهڻي آهي.

ليمڀي جي شادي حيدرآباد شهر ڪالي روڊ جي هڪ چڱي شهري خاندان مان ٿي ۽ ان ۾ واقعي عجب ۽ حيرت آهي ته ڪولهي هندو، ويچارا سنڌ جا اصل وارث ۽ مٽيءَ جا ماڻهو آهن، پر سڀ غريب، هاري ناري ۽ مزدور، ڪارا ڪوجها ۽ ڪمزور، عورتون ٻار به سڀ ڏٻرا، ڏکن ۽ دردن جا شڪار آهن. ليمڀيو ڪولهي ۽ سندس وڏو ڀاءُ ڪئوشي سندن ماءُ پيءُ ساڻ حيدرآباد ۾ اسان جي ڏاڏي وٽ هاري ٿي آيا هئا ۽ ٻنهي ڀائرن کي بابا گهڻو ڀائيندو هو. ليمڀي جي شادي به بابا وارن ڪرائي ۽ بابا ان جي شادي ۾ به شريڪ ٿيو هو. ليمڀي جي زال ڪولهڻ ته اصل لڳي ڪونه ٿي. اڇي ڳاڙهي بلو شيريون وڏيون اکيون، گول سهڻو چهرو. وار سنهري. قد به پورو. صرف سندس ڪپڙن، پڙو ۽ گگهو ۽ ٻانهن ۾ ڪاج ۽ چاندي جا چوڙا ۽ ڳچيءَ ۾ ڳرو چانديءَ جو هس سان ۽ سندن ٻولي مان هوءَ ڪولهڻ ٿي محسوس ٿي، پر جي هن کي انگريزن وارو ويس پارائجي ته انگريز عورت لڳي. ليمڀيو رنگ جو سانورو هو، پر ٺيڪ ٺاڪ شڪل و صورت ۽ قد و بت جو هو. اسان جي چئن پنجن ڪولهي هاري خاندانن جو ننڍڙو ڳوٺ اسانجي زمين ۾ هو. چوندا آهن ته غريب جي سهڻي زال، غريب لاءِ مسئلو هوندو آهي. پر هتي اسانجي ڏاڏي ۽ پوءِ اسانجي بابا جو اهو اٽل اصول هو ته هاري اسانجا ٻچا آهن. اسان جي لاءِ ان ۽ روزي ٿا اپائن. اسان جا ان داتا آهن. اسانجي هارين جا ٻار ٻچا ۽ نياڻيون به اسان جا ٻچا ۽ نياڻيون آهن. بابا مونکي چيو هو ته پٽ ڪڏهن به پنهنجي هارين جي لڄن تي بُري نظر نه وجهج. اهي پنهنجون نياڻيون آهن. اهي پنهنجي عزت آهن. ان ڪري هنن جي عزت ۽ آبرو کي بچائڻ پنهنجو فرض آهي. خوش قسمتي سان ليمڀي جي زال به انتهائي نيڪ شريف ۽ سمجهدار عورت هئي. ظاهر آهي ته هن جي بي پنها حسن آس پاس علائقي ۾ ڌوم مچائي ڇڏي هئي ۽ ڪجهه ماڻهن جهٽ به هنيا. هڪ اڌ لوسي وڏيري به ڏاڍا حربا هلايا، پر هڪ بابا وارن جي عزت ۽ اصول پسندي ۽ خاص طور هن مائي جي شرافت سمجهداري ۽ وفاداري جي ڪري اهڙا لوسي ڪجهه ڏينهن لوس لوس ڪري ماٺ ٿي ويا. بابا به ان ئي دور ۾ شادي ڪئي. ان ڪري اسان ۽ ليمڀي جا ٻار هڪ جيترا آهيون. اسان ان ئي ڪولهين جي ڳوٺ ۾ ڪولهين جي ڪچن گهرن ۾ رانديون رهندا وڏا ٿياسين. سمجهه ايندي ئي بابا اهي اصول اسان جي دماغ ۾ ويهاري ڇڏيا هئا. ان ڪري انساني عزت ۽ احترام سان پنهنجي زراعت ۽ زمينداري هلائيسين.

***