ڪڻڪ جو اگهه طئي نه ٿيو 14 اربن جي خريداري جي منظوري

سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لڳاتار ٽيون ڀيرو ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو فيصلو نه ٿيو، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ڪڻڪ جو اگهه 1365 رپيا مقرر ڪيو هو، پر ان اگهه تي نظر ثاني ڪئي پئي وڃي. ڪابينا ڪڻڪ جي هڪ کان ٻئي ضلعي ڏانهن منتقلي روڪڻ لاءِ ٻورين تي ڪوڊ لڳائڻ ۽ خريداري سينٽرن تي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪنهن به فلور مل ۾ ذخيرو ڪرڻ جو سينٽر نه هوندو ۽ نه ئي فلور ملز ڪڻڪ ذخيرو ڪري سگهنديون، پاسڪو کان 14 ارب رپين جي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي
