پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ججن خلاف بيان ڏيڻ تي وفاقي حڪومت اٽارني جنرل انور منصور کان استعيفيٰ وٺي ڇڏي

وفاقي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور کان استعيفيٰ وٺي ڇڏي. جڏهن ته خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اٽارني جنرل استعيفيٰ صدر عارف علوي ڏانهن موڪليندي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. انور منصور چيو آهي ته هن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي عمل ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل استعيفيٰ جي گهر ڪئي هئي. ياد رهي ته اٽارني جنرل انور منصور سومر تي جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ دليل ڏيندي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني لارجر بينچ ۾ شامل ڪجهه ججن تي الزام لڳايو هو ته هنن صدارتي ريفرنس خلاف ڪيس جي تياري ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي مدد ڪئي آهي ۽ ان کي مشورا ڏنا آهن