خاصنئون

 ڪوئن ۾ ايڇ آءِ وي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

طب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جانور جي ماڊل ۾ انساني ايڇ آءِ وي کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي. ماهرن هن اهم ڪم کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو آهي. هن تجربي کي ٻن مرحلن ۾ ورهائي پورو ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ لانگ افيڪيٽو سلو ليزر (LASR) طريقي تحت عمل ڪيو ويو. ٻئي مرحلي ۾ ڪرسپر سي ايس نائن جين ايڊيٽنگ ٽيڪنالاجي ذريعي وائرس سان متاثر ڊي اين اي کي ٻاهر ڪڍيو ويو. ماهرن هن سڄي عمل جي تفصيل مشهور مئگزين نيچر ۾ پيش ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪوئي ۾ انساني ايڇ آءِ وي موجود هو. هي تجربو ليوس ڪاٽز اسڪول آف ميڊيسن جي محقق ڪامل خليلي ۽ هن جي ٽيم پاران ڪيو ويو. واضح رهي ته انگن اکرن مطابق 2017 ۾ پوري دنيا ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جو تعداد 3 ڪرڙو 69 لک هو ۽ انهيءَ سال وڌيڪ 18 لک ماڻهن ۾ اها وائرس منتقل ٿي وئي هئي.