آءِ ايم ايف پاڪستان کي 6 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 6 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. قرض ڏيندڙ آءِ ايم ايف پاران چيو ويو آهي ته هن قرض سبب پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻين ادارن کان وڌيڪ 38 ارب ڊالر قرض ملي سگهندو، جنهن جو مطلب اهو هوندو ته پرڏيهي قوتون پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي مان مطمئن آهن. 38 ارب ڊالرن جي تفصيل بابت ڳالهائيندي وزيراعظم جي خزاني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو ته 8.7 ارب پراجيڪٽ لون هوندو، 4.2 ارب ڊالر بجيٽ سپورٽ لون هوندو، 14 ارب ڊالر جاري قرضن لاءِ هوندو. جڏهن ته 8 ارب ڊالر ڪمرشل لون جي سلسلي ۾ ملندا. هن وڌيڪ چيو ته ايشين ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 3.4 ارب ڊالر وڌيڪ قرض ڏيندو. جنهن مان 2.1 ارب ڊالر هن سال ملندا. اها رقم به بجيٽ سپورٽ لاءِ ملڻي آهي.