شاعري

شاعري | مارچ 2022

”انگلش بي“

لنگمٽن هگس/اعجاز منگي

استاد چيو

گهر وڃي لک

هڪ صفحو اڄ رات

۽ اهو صفحو تنهنجي اندر جو اظهار هجي

پوءِ، اها ئي سچائي ٿي اڀرندي

مان حيران آهيان، ڇا اهو ايترو آسان آهي؟

مان ٻاويهه سالن جو آهيان، ڪارو،

جيڪو ونسٽن سالم ۾ ڄايو.

اتي اسڪول پڙهيم

پوءِ درهام آيم ۽ هاڻ هتي

هن ڪاليج ۾

جيڪا هارلم جي ٽڪري تي آهي

مان پنهنجي ڪلاس ۾ اڪيلو ڪارو شاگرد آهيان.

چوٽيءَ تان ڏاڪا

هارلم ڏانهن وٺي وڃن ٿا.

پارڪ مان گذري

مان سينٽ نڪولس کي پار ڪيان ٿو..

اٺين شاهراهه، ستين شاهراهه

کانپوءِ“Y” واءِ تي پهچان ٿو

هارلم جي شاخ ”واءِ“

جتان مان مشيني ڏاڪڻ Elevator

تي چڙهي،

ڪمري ۾ پهچان ٿو

ويهان ٿو ۽ هي صفحو لکان ٿو

سچ ڄاڻڻ، ٻنهي لاءِ آسان ناهي،

۽ مون لاءِ خاص ڪري

ٻاويهه سال وڏي عمر ناهي

پر مون کي اندازو آهي

ته مان ڪير آهيان

مان محسوس ڪيان ٿو

مان ڏسان ٿو

مان ٻڌان ٿو

هارلم

مان توکي ٻڌان ٿو

تون مون کي ٻڌ

مان توکي ٻڌان

اسان ٻئي، هن صفحي تي

هڪ ٻئي کي ٻڌون

هڪ ٻئي سان ڳالهايون.

(نيويارڪ مان توکي به ٻڌان ٿو)

مان- ڪير؟

مان کائڻ، پيئڻ، سمهڻ ۽ پيار ڪرڻ چاهيان ٿو

مان ڪم ڪرڻ، پڙهڻ، سکڻ ۽ زندگيءَ

کي سمجهڻ چاهيان ٿو

مان ڪرسمس تي چاهيان ٿو

ته تحفا ملن

پر منهنجو ڪارو رنگ

منهنجون خواهشون پوريون

ٿيڻ نه ڏيندو

پر ٻين قومن ۽ نسلن کي اهي

خوشيون ملن ٿيون

ته ڇا منهنجو صفحو به ڪارو

ٿي ويندو. جنهن تي لکان ٿو؟

پر منهنجو وجود

اڇو نه ٿيندو

پر اهو تنهنجو حصو ٿيندو

منهنجا استاد!

تنهنجو رنگ اڇو آهي.

پر پوءِ به تون منهنجو حصو آهين

جيئن مان تنهنجو حصو آهيان

اصل ۾ آمريڪن هجڻ اهو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن، شايد تون

اهو نه ٿو چاهين ته مان

تنهنجو حصو ٿيان

۽ ڪڏهن ڪڏهن مان به پيو چاهيان

ته توکان ڌار رهان

پر اسان ڌار ناهيون

اها ڳالهه توکان پيو سکان

تون عمر ۾ وڏو آهين.

اڇي رنگ وارو آهين

۽ مون کان وڌيڪ آزاد آهين.

هي منهنجو صفحو

”انگلش بي“ لاءِ آهي.

***

راشد لکمير

ڪالھ ڏٺم جا صورت راشد! ان تي ڇڪجي آھيان پيو

پنهنجي وس ۾ ناھيان يارو؛ تڏهن تڙپي آهيان پيو

سونهن شھر ۾ پاڻ وڃائي پاڻ کي ويٺو ڳوليان آنءُ

ڪيڏو سياڻو سونھون ھوندي؛ ڀلجي ڀٽڪي آهيان پيو

منھنجي دل جي آئيني تي؛ تنهنجو جڏھن عڪس پيو

روح تي ايڏو چٽجي وئين جو؛ تنهنجو بنجي آھيان پيو

پاڇن پويان ڊوڙي ڊوڙي؛ پاڇولن ۾ گم ٿي ويس

پاڻ سميٽڻ چاھيم جيڏو؛ ايڏو وکري آهيان پيو

دل ٿي چاهي؛ پنهنجي دل جي ڇانو ۾ ويھي ساھ کڻان

آنءُ اڪيلو رڃ سفر ۾ ھلندي ٿڪجي آهيان پيو

جھونگاريان ٿو جڏهن جاني؛ راشد جا ئي گيت غزل

تون ڀي برسئين بادل وانگر؛ مان ڀي تڙپي آھيان پيو

***

ٽيڙو

محمد علي پٺاڻ

اُڏري ويندس مان،

پاڇو اوندھِ سان گڏي،

گُذري ويندس مان!

اُڏري ويندس مان،

رنگ پکيڙي واءُ ۾،

گذري ويندس مان!

اُڏري ويندس مان،

ڇڏي تحريرون ھِتي،

گُذري ويندس مان!

اُڏري ويندس مان،

ڳوڙها لفظن سان رَلي،

گُذري ويندس مان!

اُڏري ويندس مان،

سوچن جي درياھَ مان،

گُذري ويندس مان!

***

ثاقب ابڙو هالائي

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

رنگ ۽ نسل جا ويڇا، مت ڀيد مان نه ڄاڻان

پنهنجو لکن ۾ پڌرو، ٻوليءَ سان مان سڃاڻان

اجرڪ هجي يا ڪاشي، جنڊي جنب آ منهنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

موهن دڙو صدين کان ڏئي شاهدي سنڌين جي

مهمان نوازي يارو! پيئي ڳائبي سنڌين جي

امن آشتي به مونسان، سورهيه لقب آ منهنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

پَکڙا ڇڏي اباڻا، جنهن ويلَ ٿيا روانا

آڪاش هانءُ هاريو ساريندي ٿيا زمانا

ڌرتيءَ ڌڻي ڌڪاڻا دکڙو غضب آ منھنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

ڪهڙا کڻان مان نالا ڪيڏا ڏيان حوالا

سنڌي جتي جتي آ، آهن اُتي جمالا

هر هنڌ ساکَ آهي هر هنڌ ادب آ منهنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

هن دورِ ڊجيٽل ۾، تون لِکُ ڏسي گوگل ۾

منهنجي لِپي آ اُڪريل ايم ايس ونڊوز جي دل ۾

ايندڙ نسل جي لئه سڀ، سارو سبب آ منهنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

شاعر آن طفلِ مڪتب خدمتگذار آهيان

مرشد جي قول تان مان دم دم نثار آهيان

”ابڙو هان وڏ وڙو هان“ ايءُ عشق عجب آ منهنجو

سنڌي آهيان جڳت ۾ سنڌيت مذهب آ منهنجو

***

غزل

معشوق علي جنجهي

نَڪو ڀيرو ڀَڃان آئون، تِکو توڏي اَچان آئون

ڏِسي توکي وَڃان آئون، تِکو توڏي اَچان آئون

کُلي ۾ خِيال جا منظر اُٺي جُون اوڙڪون آهن،

لَڪن لوڏُن لَهان آئون، تِکو توڏي اَچان آئون

بَڍي جي بارشُن وانگي بدن منهنجي وَسين ٿِي تُون،

ڇَمَرُ ڇُلڪي ڇُهان آئون، تِکو توڏي اَچان آئون

نظر جي پنڌ تي جانان اَٿئي هُو اوٽلو تنهنجو،

ڪُڏي ايندم ڪَهان آئون، تِکو توڏي اَچان آئون

ڀٽائيءَ ڀَر جَهلي وِيندَم جڏھن جنهن شامَ وِيندُس مان،

اڪيلي ئي ته آن آئون، تِکو توڏي اَچان آئون۔

***

غزل

خليل عارف سومرو

روشنين جا شباب گيڙو ها

نينهن تنهنجا نصاب گيڙو ها

رَت هاڻا سوال جيڪي ها

تن جا مون وٽ جواب گيڙو ها

رات، مان ۽ لطيف جو روضو

چنڊ گيڙو گلاب گيڙو ها

وقت اوندهه جا رنگ ڦهلايا

يار پنهنجا ته خواب گيڙو ها

نيڻ ناسي کڻي ڏٺئين مرڪي

ڪيترائي حجاب گيڙو ها

صوفياڻي “خليل” عارف دل

سوچ گيڙو ڪتاب گيڙو ها

***

غزل

سجاد يوسف سومرو

هڪڙي درد ڪهاڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

اک ڪئي ٻاراڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

رات ”پشو پاشا“ جي هڪڙي درد ڪٿا،

ذهن پڙهي ”پيراڻي“ دلڙي ڀوڳيٖ ٿي

تهذيبن سلمانَ وڌيون ٿئي زنجيرون!

سيتا جي واڻياڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

پيار جي تو زرخيز زمينَ تي محل اَڏيا،

منهنجي هيءَ هارياڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

سونهن جهڙي معصوم سنياسڻ سان ڦاٿي،

گهٽين ۾ جوڳياڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

تون ته سهاڳِڻ خوشيون اوڍي ليٽين ٿي!

منهنجي هيءَ نماڻي دلڙي ڀوڳيٖ ٿي.

قرطاسن تي خيالن جا ٿا لُڙڪ ڪِرن،

سيني ۾ شاعراڻي دلڙي ڀوڳي ٿي.

پشو پاشا- جمال ابڙيٖ جو ڪهاڻين جو مجموعو، پيراڻي ان جي شاهڪار ڪهاڻي. سيتا زينب- زيب سنڌيءَ جو ناول، سلمان ۽ سيتا ان ۾ ڪردار.

***

غزل

امداد جسڪاڻي

چوين ٿو ھي لکڻ ڪھڙو لڇڻ ڪھڙو

اھو پنھنجو کلڻ ڪھڙو روئڻ ڪھڙو

ڏکن ۾ ساٿ تنھنجو ڪونه آ مونسان

ڀلا آھين سڄڻ سائين سڄڻ ڪھڙو

زھر تنھنجي ھٿن سان پي مري وڃجي

ملڻ کان اڳ ڀلا منهنجو  مرڻ ڪھڙو

بدن ھي خواب جھڙو ٿو لڳي مونکي

ملين جي خواب ۾ ڀي تون ملڻ ڪھڙو

برابر ڪجھه به ناھي تو بنا جانان

بنا تنھنجي ھي منھنجو آ ھجڻ ڪھڙو

ھجين امداد سان گڏ ۽ رسڻ ڄاڻين

رسي پرچي پوين ٿو ھي رسڻ ڪھڙو

***

غزل

فياض ماهي چنا

منهنجي نيڻن ۾ وڃ

سِڪَ.! سيڻن ۾ وڃ

ايڏي تَنها نه رهه…

ڪجهه ته ميڙن ۾ وڃ

پاڙي شادي اٿئي…

تون به سهرن ۾ وڃ

ديس زخمي سڄو

ڳوٺ! ويڙھن ۾ وڃ

ماءُ فردوس ٿئي…

وڃ نه پيرن ۾ وڃ

پنهنجي تعريف پڙھه

منهنجي شعرن ۾ وڃ

***

غزل

وفا راشد عباسي

هوءَ کلندي رهي، چنڊ ڏسندو رهيو،

رات سُٽندي رهي، چنڊ ڏسندو رهيو.

رڻ جو پنڌ هو، رات ماٺار ۾،

وک وڌندي رهي، چنڊ ڏسندو رهيو.

درد نچڻيءَ جو، ڇيرين مان ڇڻندو رهيو،

پوءِ به نچندي رهي، چنڊ ڏسندو رهيو.

هيڪلي ڪائي بيواهه، سيءَ تپ ۾،

رات ڪجهندي رهي، چنڊ ڏسندو رهيو.

***