ڪهاڻيون

ڪهاڻي روشني ليکراج ميگهواڙ | مارچ 2022

مرد ”هوندا ئي لالچي آھن!“ روشني طنزيه لهجي ۾ رات جو آخري ميسيج ڪري خاموش ٿي وئي، پر منهنجو اندر اوڻٽيھ جي اونداهي ٿي پيو هو. آئون هن کي بغير ڪنهن جواب ڏيڻ جي هُن جو اهڙو ميسج پڙھي سمهي پيو هئس.

ٻيو صبح مون آفيس ۾ پنهنجا ڪم ڪار ڪندي گذاريو هو. سڄو ڏينهن ”مردن جي مردانگي“ بابت ڀرسان آفيس واري ڪيبن ۾ ويٺل پنهنجي دوست سارنگ سان ڪچهري ڪندي پڻ گذريو. سارنگ مادي پرست خيال جو ماڻھو آھي. هن کي مون جڏھن ”مرد ماڻھو جي بهادري جا مثال“ ڏيڻ جو چيو ته وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳو هو.

”يار سنجيده ڪچهري ۾ تون مردن جي بهادري جو ڪهڙو عجيب سوال ڪيو آھي!“

هن جي اهڙي جواب تي منهنجو منهن ويتر لهي سڙيل بصر جهڙو ٿي ويو هو ۽ پوءِ ھن پنهنجي ليپ ٽاپ کان نظر هٽائي مون ڏانهن نهاريندي چيو ته ”پنهنجا تاثر ڏس… اهڙي هوندي آھي مردن جي مردانگي!!“ ٻيهر هُو کلندو رهيو، آئون پنهنجو ٿيلهو کڻي گهر ڏانهن نڪرڻ لڳس.

رستي ۾ پيادو آيس پئي. گهر کي ويجهو هڪ چوڪ آھي، جتان شھر جا مختلف رستا نڪرن ٿا. ٿورو اڳتي پهتس جتي هڪ پُل آھي، ڏسان ته هڪ مرد نشي ۾ ڌتُ هجي، هُو پنهنجي ساڄي ٻانهن مٿي کي ٽيڪ ڏئي، ويٺل هو. آئون اتان گذرندي بيھي رهيس.

”مئا تون ته جيئري نرگَ ۾ ويندين، تو نه ٻارن کي سک ڏنو، نه مون کي پيار ڏنو، نه ئي مائٽن جي خدمت ڪئي“. ڪا عورت کيس دڙڪا ڏيئي رهي هئي، مون کي ائين لڳو اُھا عورت هن جي زال هئي. مرد خاموشي سان ٻڌي رهيو هو. هن سگريٽ جو وزم ڀريو ته سندس زال ڪاوڙ مان ٻانهون چيلھ تي رکي کيس چوڻ لڳي ”توکي مرد هئڻ تي شرم نٿو اچي!… اهڙا هوندا آھن مرد؟… نه گهر جي ڳڻتي ۽ نه جيون جو فڪر !!“.

 ان سمي وزم پيئندڙ مرد جي گهرواري جي جڏھن مون تي نظر پئي، تڏھن هُن پنهنجي مُڙس ڏانهن پنهنجا ٻئي هٿ جوڙي بيهي کيس سمجهائيندي ۽ ليلائيندي رهي. آئون تعجب ۾ پئجي ويو هئس، پر هُن عورت جي ڪاوڙ مان لڳو پئي ته هوءَ واقعي ئي پنهنجي مُڙس سان بي پناھ پيار ڪندڙ ھئي، اهڙو پيار مون اڳ نه ڏٺو ھو.

ٿوري دير لاءِ اُھا عورت خاموش ٿي وئي هُئي. آئون پنهنجي گهر ڏانهن قدم کڻي وڃڻ لڳس ته مرد پنهنجي زال سان مخاطب ٿيو،

”تون مون مرد جي ڪري ئي آھين“

انهي عورت نشي ۾ ڌتُ ٿيل پنهنجي مڙس جي پاسي ۾ ستل ننڍڙي کي هٿن ۾ کڻندي وراڻيو، ”تڏھن ته اسان عورتن جا ڪرم ڦٽَا آھن“. هن عورت جڏھن ائين چيو تڏھن انهيءَ همراهه جي اُھا ٽيڪ ڏنل ٻانهن مٿي کان هيٺ سِري وئي هُئي.

منهنجا قدم ڳرا ڳرا ٿيڻ لڳا، جهڙو هينئين مٿان ڪو بار آيو هجي.

پنهنجي ڪمري ۾ پهتس، ٿيلهو بيڊ جي کاٻي پاسي رکيم. ٽيبل تي پيل گلاس کڻي فرج مان پاڻي ڀري پيتم. ڪمري جي واش روم جي ساڄي پاسي ٽووال ٽنگيل کڻي وهنجڻ هليو ويس ته وري روشني ياد اچي وئي هئي.

هن جو ڪو به ميسج نه آيو. آئون بيڊ تي اچي ليٽي پيس. ”آئون جڏھن رات ۾ بيڊ تي سمهڻ لاءِ ايندو آهيان ته مون کي ازخود سڄي ڏينهن جي ڪارگردگي ذھن تي اسري ۽ تري ايندي آھي! سارنگ جون ڳالهيون ۽ ان جي عمل پسندي رد عمل، پل هيٺ حياتي گذاريندڙ زال مڙس جي ٻِتاڙُ سان سمهي پيو هئس.

ٻئي ڏينهن آفيس وڃڻ لاءِ گهر کان رڪشي ۾ وڃي رهيو هئس، رڪشي جي اڳين سيٽ تي هڪ مان ۽ هڪ ٻيو شخص ويٺل هجي. رڪشي جي پٺئين سيٽ تي ٻه عورتون ويٺل هيون. رڪشا جي آوازن سان گڏ هڪ عورت ٻي عورت کان پڇيو ته ”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آھي؟ “

مون چوري چوري مٿو کنندي ڏانهن توجھ ڏنو.

”مون کي مڙس ئي ڪونهي؟“

” شادي نه ڪئي اٿئي هن عمر تائين؟“

”ڪئي هئم!“

”مري ويو ڇا؟“

”جيئرو آ !.. پر مري وڃي ها ته بهتر هو!!“

 ”ڇو؟“ ان عورت پڇيس.

مون کان ڇرڪ نڪري ويو!

”منگتو“ عورت اهو چئي خاموش ٿي وئي هئي. اڳتي هلي رڪشا بيٺو ته پينو عورت رڪشا کان هيٺ لهي نرڙ تي کيرٿر جبل جي چوٽين جهڙا گهنجُ وجهندي وراڻيو، ”تون اڃان ڪنهن مرد جي ورَ نه چڙھين آھين شايد“.

رڪشا ڊرائيور ڪلچ قابو ڪري گيئر هنيو ۽ رڪشا هلڻ لڳو. مون ٽيڙي اک سان رڪشا ۾ ويٺل ڇوڪري ڏانهن نهاريو. مون محسوس ڪيو ته ٻي عورت پينار عورت جو اهڙو جواب ٻڌندي گهري سوچ ۾ ٻڏُي وئي هئي.

 اڳتي هلندي مون رڪشا ڊرائيور کان پڇيو ته ”هُن عورت توکي ڀاڙو ته ڏنو ئي ڪونه؟“

”ھن جو مڙس نشو ڪري ٿو ۽ هن تي تشدد ڪري ٿو! هيءَ ويچاري ڏينهن جو شهر ۾ پني ٿي، ڀاڙو شام جو واپسي مهل ڏيندي آھي.“

اهو ٻڌي منهنجا خدشا مردن جي مردانگي بابت ”شدت“ اختيار ڪري چڪا هئا. آفيس پهتو هئس. سارنگ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. مون به پنهنجو ليپ ٽاپ کوليو، پر بيچني وڌي وئي هئي! آئون پڻ سوچڻ لڳو هئس ته روشني جي ميسيج بعد مون کان مسلسل اهڙا واقعا ڪيئن پيا جڙن. ٻِهپرَي جو وقت ٿي چڪو هو. سارنگ مون وٽ آيو رسمي حال احوال ڪرڻ بعد چوڻ لڳو، ”اڄ تنهنجي طبيعت ۾ مزو نه پيو لڳي!“

”يار! واقعي ڪالھ کان ڪجهه ڪيفيت اهڙي ئي نوعيت جي ٿي چڪي آھي.“

”تو اڃان شادي ناهي ڪئي، پوءِ ائين ڪيفيتون ڪيئن تبديل ٿين؟“ سارنگ هلڪي مسڪراهٽ جا تاثر ڏيندي وراڻيو.

مون سارنگ جي ڪلهن تي هٿ رکي وراڻيو، ”تنهنجي ڳالھ غلط آھي.“

”بلڪل! “سارنگ اطمينان سان وراڻيو.

”ڏس توکي نه زال جي ڪپڙن جو ٽينشن، نه ٻارن جي في جو الڪو، اهڙي قسم جون ٻيون ڪي به توکي پريشانيون ناهن ۽ وڏي ڳالھ ته تون ننڊ به پوري ڪندو هوندين!۔“

ٻن ڏينهنَ بعد هڪ مسئلي جي ٻئي پاسي کان هڪ مثبت خبر ملي. منهنجي اندر ۾ سرهائي محسوس ٿي ۽ مون سارنگ کان پڇيو، ”ڪالھ توهان جيڪا ڳالھ ڪئي هئي انهيءَ جو متن اهو هو ته مرد ناڪاره آھن.“

”اڄ توهان ئي ڳالھ ڪريو پيا ته عورت ناهي ته ڪوبه مسئلو ناهي.“

سارنگ جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ جا رنگ پکڙجڻ لڳا.

منهنجي اهڙي سوال تي سارنگ کي مئنيجر جو سڏ ٿيو ۽ ھُو هڪ اهم ميٽنگ لاءِ صاحب سان گڏ روانو ٿي چڪو هو.

”باشعور ماڻھو جي لاشعور ۾ جڏهن ڪا ڳالھ اچي وڃي ٿي ته اُھا حل ٿيڻ جي تقاضائن جا طوفان برپا ڪري ڇڏيندي آھي“. آفيس کان گهر وڃي رهيو هئس ته پل واري جوڙي کي ڏٺم ته اڄ ھُو زال مڙس ۽ ٻار ستل نظر اچي رهيا هئا. ويجهو وڃي ڏٺم ته اهڙي شور ۾ ھُو جنهن ننڊ ۾ ستل هئا شايد اهڙي ننڊ ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي. مون کي بيحد خوشي ٿي، انسان لاءِ انسانيت جي سيڙھي جا ڏاڪا ته گهڻا آھن، پر هڪ ڏاڪو اهو به آھي ته توهان ٻين جي خوشين ۾ پاڻ کي ڪيترا ٿا ڀاڱي ڀائيوار سمجهو.

گهر پهچي فريش ٿيو هئس. موبائل کڻي جاچيم ته روشني جا ٻه ميسيج آيل هئا! لکيائين،

”ڪٿي آھين؟“

ٻي ميسيج ۾ لکيل هو ته ”مرد ماڻھو وري عورت کي يڪدم ريسپانس ڏيڻ جي عمل کي هيڻو ٿا سمجهن.“ آئون ڄاڻي نه سگهيو هئس ته هن جي ميسيجن ۾ ڪيتري صداقت ھئي. مون رپلائي ڪيو، ته موبائل هاڻي ئي ڏٺي اٿم ۽ گھر آھيان.

روشني جو ٽيون ميسيج مون کي جرڪندڙ لڳو ھو، ”سڀاڻي منجهند ٽاڻي آئون اوهان جي آفيس ايندس.“

دماغ ۾ خوشي ۽ مسرت جا گل ٽڙڻ لڳا ھئا. مون به اهو ميسيج رپلائي ڪندي سرور محسوس پئي ڪيو!

دماغ ۾ ملاقات جو ڀوت گهر ٺاهي ويو هو. اُھا رات مون لاءِ ڊسمبر جي آخري رات محسوس ٿي هئي. ڇاڪاڻ جو محبوب جو اهڙو انتظار ”ٻيو موت هوندو آھي.“

آفيس پهتس، پنهنجي ڪم کي لڳي ويو هئس، دماغ ۾ سواءِ روشني جي ٻي ڪا ڳالھ آئي نه پئي. منجهند مون لاءِ مانجهندو بڻجي چڪو هو. نيٺ اهڙو ”سوليءَ جي سفر“ جهڙو طويل انتظار ختم ٿيو. روشني آفيس پهتي. تڏھن مون محسوس ڪيو ته ها ٻيلي اڄ روشني آفيس ۾ ضرور آھي.

رسمي حال احوالن بعد روشني پڇڻ لڳي ته ”منهنجو ٻه ڏينهن اڳ وارو ميسيج رپلائي نه ڪيو؟“ 

 مون کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويو، ”ڪهڙو؟“

روشني ٽھڪ ڏيندي چوڻ لڳي.

”تڏھن ته آئون مردن کي لالچي سمجهان ٿي.“

روشني پڇڻ لڳي ته”توهان جي لاءِ رات ۽ صبح کان هن وقت تائين جو وقت تمام طويل محسوس ٿيو هوندو؟ اوهان کي سڀ ڳالهيون وسري ويون هونديون صرف ملاقات ياد رهي هوندي؟

آئون روشني کي غور سان ڏسندو رهيس. آئون روشني سان گڏ گذاريل پراڻين يادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو هئس. روشني وڏي آواز ۾ سڏ ڪيو ته هيلو ”مرد ڪٿي گُم ٿي وئين؟“

منهنجي زبان مان بي ساخته نڪري ويو ”مرد وڏو لالچي ۽ دوکيباز آھي.“

اهو چئي مون سامهون نهاريو ته ”روشني جي چهري تي اداس تاثر چٽا ٿي چڪا هئا، هوءَ حيرت مان مون ڏانهن نهاري رهي هئي..!

***