بلاگنئون

ٽيسٽ ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو هڪ نئون روپ

ڪرڪيٽ جي دنيا هميشه تجربن، تبديلين ۽ نون خيالن جو مرڪز رهي آهي. جيئن دنيا اڳتي وڌي، تيئن راندين جا انداز، قانون ۽ وقت به بدلجندا رهيا آھن. پهرين ٽيسٽ ڪرڪيٽ، پوءِ ون ڊي، پوءِ ٽوئنٽي، ٽوئنٽي (T20) آيو جنهن راند جي رفتار ۽ مزو ٻنهي کي نئون رنگ ڏنو، پر هاڻي، 2025 ۾ هڪ نئون خيال سامهون آيو آهي، جيڪو ٻنهي فارميٽ جو ميل ميلاپ لڳي ٿو. هي خيال ڀارت جي اسپورٽس انٽرپرينيوئر گورو بھرواني پيش ڪيو آهي، جيڪو “دي ون ون سڪس نيٽورڪ” جو چيئرمين آهي. هن نئين فارميٽ جي لانچنگ 16 آڪٽوبر 2025 تي ممبئي ۾ ٿي، ۽ ان جي بورڊ آف ايڊوائزرز ۾ وڏا نالا شامل آهن. اي بي ڊي وِليئرز، ميٿيو هيڊن، هربجن سنگھ ۽ سر ڪلائيو لائيڊ. انهن سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي، ڪرڪيٽ کي نئين نسل جي لاءِ ٻيهر زنده ڪرڻ.

”ٽيسٽ ٽوئنٽي” کي ڪرڪيٽ جو چوٿون بين الاقوامي فارميٽ چيو پيو وڃي، ٽيسٽ، ون ڊي ۽ T20 کانپوءِ ان نئين فارميٽ کي چوٿون فارميٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ان جو سادو تصور اهو آهي ته ميچ هڪ ئي ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، پر انداز ٽيسٽ وارو رهندو. هر ٽيم کي ٻه ٻه اننگز ملنديون ۽ هر اننگز 20 اوورن تي مشتمل هوندي. يعني مجموعي طور ميچ 80 اوورن جو ٿيندو. اسڪور ٽيسٽ وانگر گڏيل رهندو. ٻنهي اننگز جون رنسون گڏ ڪري نتيجو طئي ٿيندو. ميدان ۾ اڇو لباس، ڳاڙهو بال ۽ روايتي ٽيسٽ واري سٽاءُ، پر وقت صرف هڪ ڏينهن جو ھوندو. هر ٽيم ۾ پنج بالرن کي اجازت هوندي ۽ هر هڪ وڌ ۾ وڌ اٺ اوور ڪرائي سگھندو. پاور پلي جا چار اوور به هوندا ته جيئن ٿورڙي T20 جهڙي چمڪ برقرار رهي. فارميٽ جي شروعاتي سيزن خاص طور تي 13 کان 19 سالن جي عمر جا ڇوڪرا کيڏندا. ڇو ته مقصد نوجوان نسل کي فني ۽ ذهني طور تي ڪرڪيٽ سان ڳنڍڻ آهي. ٻي سيزن ۾ ڇوڪرين کي پڻ شامل ڪيو ويندو. پهرين ٽورنامينٽ 2026 جي جنوري ۾ ڀارت ۾ ٿيندو، جتي ڇهه فرنچائز ٽيمون کيڏنديون. ٽي ڀارت مان جڏهن ته باقي ٽي دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا مان ھوندا. هر ٽيم ۾ 16 رانديگر شامل هوندا، اڌ ڀارتي ۽ اڌ بين الاقوامي رانديگر ان فارميٽ جو حصو رهندا. سڀني رانديگرن جي چونڊ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بنيادن تي ڪئي ويندي، جيئن موشن سينسر ۽ ڊيٽا اينالسز ذريعي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ کي پرکيو وڃي. جيئن ته هي فارميٽ مڪمل طور تي نئون آهي. تنهنڪري ان کي اڃان تائين آءِ سي سي (International Cricket Council) جي باقاعده منظوري حاصل ناهي. هي هڪ پرائيويٽ انيشيٽو آهي، جيڪو آزاداڻه طور تي شروع ڪيو ويو آهي، پر جيئن ماضي ۾ T10 فارميٽ کي عالمي سطح تي قبوليت ملي، تيئن اميد آهي ته مستقبل ۾ “ٽيسٽ ٽوئنٽي” به ڪنهن ڏينهن آءِ سي سي جي ڇَٽيءَ هيٺ اچي سگهي ٿو.

ڪجهه نقادن جو چوڻ آهي ته “هڪ ڏينهن جي ٽيسٽ، ٽيسٽ ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟” ۽ اهو سوال بيحد جائز آهي، ڇو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو اصل روح ئي ان جي ڊگهي مدت، حڪمت عملي ۽ صبر ۾ آهي. پنجن ڏينهن جي راند ۾ هر ڏينهن نئين ڪهاڻي کلي ٿي، جڏهن ته هڪ ڏينهن جي ميچ ان گهراين تائين نه پهچي سگهندي، پر ان جي حمايت ڪندڙ چون ٿا ته دنيا بدلجي چڪي آهي، ماڻهوءَ جو وقت گهٽ ۽ تفريح جو انداز تيز ٿي ويو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ٽيسٽ جي بنيادي روح کي بچائيندي ان کي نئين دور جي رفتار سان ملائي پيش ڪيو وڃي ته اهو روايت جي احترام سان گڏ جدت جو به استعارو بڻجي سگهي ٿو. اي بي ڊي وِليئرز هن فارميٽ کي “ھڪ روايت جو بنياد ۽ مستقبل جو سڏ” سڏيو آهي. جڏهن ته سر ڪلائيو لائيڊ چيو آهي ته “هي راند جي اصل تال ۽ فن کي ٻيهر زنده ڪندو.” حقيقت ۾، ٻنهي ڳالهين ۾ وزن آهي. ڇوته ٽيسٽ ٽوئنٽي شايد ٽيسٽ جي مقابلي ۾ مختصر هجي، پر ان ۾ ساڳئي حڪمت عملي، ذميواري ۽ فني مهارت جي ضرورت رهندي. رانديگرن کي ٻن اننگزن ۾ پنهنجي حڪمت عملي، فيلڊ سيٽنگ ۽ بولنگ حڪمت عملي جو امتحان ڏيڻو پوندو. سوچي ڏسو، هڪ 15 سالن جو ڇوڪرو جيڪو ٽيسٽ جي حڪمت سکڻ چاهي ٿو، پر T20 جي رفتار سان کيڏڻ جو عادي آهي. هن لاءِ ٽيسٽ ٽوئنٽي هڪ مثالي اسڪول ٿي سگهي ٿو، جتي ٻنهي دنيا جو ميل ميلاپ آهي. صبر ۽ رفتار، حڪمت ۽ فيصلي جي تڪڙ. اهو فارميٽ رڳو نئين راند نه، پر شايد نئين سوچ جو آغاز آهي. ها ان جا خطرا به آهن، جيڪڏهن هر نئون خيال تجارتي رنگ ۾ ڦاسي وڃي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو اصل روح خطري ۾ اچي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن مقصد صرف نوجوانن ۾ دلچسپي وڌائڻ ۽ فني تربيت ڏيڻ آهي ته پوءِ ان کي مثبت انداز ۾ ڏسڻ گهرجي. شايد وقت اچي ويو آهي ته اسان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ڪتابن ۾ نه، پر نوجوانن جي دلين ۾ ٻيهر زنده ڏسون. اڇي وردي، ڳاڙهي بال ۽ هڪ ڏينهن جي محدود وقت ۾ به ساڳئي جوش، ساڳئي حڪمت ۽ ساڳئي عزت سان. “ٽيسٽ ٽوئنٽي” صرف نئون فارميٽ ناهي، اهو شايد ڪرڪيٽ جي مستقبل جو نئون باب آهي، جتي روايت ۽ جدت هٿُ، هٿَ ۾ ڏئي اڳتي وڌن ٿا.