نثر جو اهو نمونو جنهن ۾ رديف هجي نه قافيو، نه بحر نه وزن پوءِ به ان ۾ نظماڻو رنگ ترنگ ۽ تخليقي خاصيتون موجود هجن ته ان کي نثري نظم چيو وڃي ٿو. ۔جيتوڻيڪ ڪي دوست هن کي آسان سمجهن ٿا، پر ايئن ناهي نثر ۾ نغمگي پيدا ڪرڻ هڪ وڏو ڪمال آهي. ۔فرينچ شاعري ۾ بودليئر (1821-1867)کان هن صنف جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ انگريزي شاعري کان نثري نظم prose poem جديد سنڌي شاعري جو حصو بڻيو ۽ سنڌي شاعرن اهڙو ته هن صنف کي پنهنجو ڪيو جو ڪير چوندو ته هي ڪا ڌاري صنف آهي، ۔لالچند امر ڏنو مل، نارائڻ شيام، شيخ اياز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني، سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، ملڪ نديم، ادل سومرو، اياز گل کوڙ سارا نالا آهن، انهن نالن ۾ هڪ نانءُ جو نثري نظم جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سو شيخ اياز ۽ گيت جي سهڻي صنف جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ ڊاڪٽر قيوم “طراز” شيخ جي سهڻي شهر شڪارپور جو آدرش (1 جنوري 1963) آهي. ۔عالمي ادب جو مترجم ۽ نثري نظم توڙي هائيڪو ۾ موضوعن ۽ لفظن جي اهڙي ته چونڊ اٿس ڄڻ ته رنگ برنگي سهڻا پوپٽ گلن تي لٿا هجن ۔آئون ڪو نقاد ڪونه آهيان جو ويهي ڪنهن جي تخليقي پورهئي مان وٽ ڪٽ ڪڍان بس شاعري پڙهڻ ٻڌڻ مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. هن کان وڌيڪ پاڻ ڪجھه ڪونه ڄاڻون۔ آدرش جو ڪتاب “بارش ۾ وسارڻ جهڙيون ڳالهيون” هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي، هن کي مون ڪافي ڀيرا پڙهيو آهي ۽ هر ڀيري هن مان لطف اندوز ٿيو آهيان. ۔204 صفحن تي آڌاريل شاعري جي هن ڪتاب ۾ نثري نظم به آهن ته جديد صنف هائيڪو به ۔هائيڪو جاپاني صنف آهي، پر واهه جو اسان سنڌ واسي به پراون کي پنهنجو ڪرڻ جو فن ڄاڻون نالو ئي مٽائي ڇڏيوسين. ٽيڙو، ٽه سٽو پر بنيادي طور اهو هائيڪو ئي آهي. نارائڻ شيام کان شيخ اياز ويندي آدرش تائين سڀني شاعرن هائيڪو ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۔شروع ۾ هائيڪو اسان جي مهان شاعر شيخ اياز جي تنقيد جي زد ۾ رهيو “روح رهاڻ” جي ايڊيٽر حميد سنڌي ڏانهن پنهنجي هڪ خط ۾ شيخ اياز هن صنف بابت هيئن لکيو “سنڌي هائيڪو جي فارم، سنڌي بيت جي هيئت سان هٿ چراند چڱي نٿي لڳي، ۔جاپاني تي هرکي اسان کي پنهنجو نڪ بينو ته نه ڪرڻو آهي!” هائيڪو جو فڪري نقاد شيخ اياز اڳتي هلي هن صنف کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جا ڪتاب پن ڇڻ پڄاڻان، رڻ تي رم جهم، واٽون ڦلن ڇانئيون مطلب ته هائيڪن جي برسات لائي ڏنائين۔.
موٽي ٿا اچون آدرش جي ڪتاب “بارش ۾ وسارڻ جهڙيون ڳالهيون ڏانهن” ۽ ان جي ڪجھه نثري نظمن ۽ هائيڪن ڏانهن ۔پڙهڻ جو رجحان عام ماڻهو ته ڇا، پر اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن ۾ به گهٽجي ويو آهي، پر جيسين منهنجي آدرش سان ڏيٺ ويٺ آهي ڀانيان ٿو ته اهو 1987يا ان کان به سال ٻه اڳ جو زمانو هوندو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان جي ڪتابن سان ۽ مطالعي سان ساڳي محبت ڏسندو پيو اچان، هن ۔عالمي ادب کي گهڻو پڙهيو آهي، سٺيون شيون ترجمو به ڪيو اٿائين سو اهي اثر به سندس تخليقن ۾ جا بجا نظر ايندا. “گلوريا بابت هڪ نظم” ۾ خوبصورت منظر نگاري ان جون آخري سٽون آهن:
رات جو چانڊوڪيءَ جو چولو پائي،
اکين تي ساڄي ٻانهن رکي،
گلوريا ننڊ ڪندي آهي۔
مان، گلوريا جي ننڊ مان،
ڪو ڪريل خواب آهيان.۔
هڪ نظم اٿس “ننڊ خوابن کي دريافت ڪندي آهي” ان جو هي خوبصورت تخيل:
تون جڏهن چانڊوڪيءَ ۾ هڪ وڻ هيٺان،
هٿ تريءَ تي لکيل منهنجو نانءُ پڙهندي آهين،
ته چنڊ تنهنجي هٿ تي لهي ايندو آهي.۔
جيئن چوڻي آهي ته بوند ۾ بحر آدرش جو نظم “پاڪستان” به اهڙو ئي 77 سالن جي تاريخ پڙهڻ کان بهتر آهي ته هن نظم جون هي سٽون پڙهي وٺون جنهن ۾ ڇا ته زهر جهڙو سچ اوڳاڇيو اٿائين:
ٻوڙن جي ڪنهن وستيءَ ۾،
ڄڻ ڪو گونگو در کڙڪائي
پنهنجو ديس به اهڙو ئي آهي۔
آدرش جي هائيڪن مان هڪ لاجواب هائيڪو:
ڪنهن جي آهي ڀل؟
هي ڪنهن پوکيا آهن،
ٿاڻي اندر گل!
آدرش جو هي ڪتاب ڪيئن آهي ڏسون پاڻ ان لاءِ ڇا پيو چوي: